Ad 468 X 60

شاعري

[​IMG]

******

   ************
                                                                    ************

                                                                    ************

                                                                    ************
الاهي ڇو نه ڄاواسين ڪنهن رنگين چمن ۾ ؟
ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾ خوشبوئي اجائي وئي
                                                                    ************

اڏاڻيون ڏُور پئي آڙيون ، 
سمو ڪنهن سار وانگي هو،

لڙيو پئي لاڙ تان  سورج
مهاڻي  ٻار  وانگي  هو ،

صـــفــــا  ســنـسان  مندر  ۾
ملي سانجھي جڏهن مونسان،

اتــي آواز سـنـهڙو عشق جو
ڪــنهــن آر وانــگــي هـــــو،

وڻـــن تـــي ڪــانگ هئا ويٺل،
گلي مان ڳئون پــئــي آيـون،

پـــراڻـــو ڳـــوٺ هو لـــــيڪن
پرينءَ جــي پار وانگــي هــو .

حسن درس

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

شروع الله جي نالي سان

اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي ؛
 قادر پنهنجي قدرت سين قائم آه قديم ؛
 والي واحد وحده رازق رب رحيم ؛
 سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم ؛
 ڪري پاڻ ڪريم ، جوڙون جوڙ جھان جون .
                                    (شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

انداز ميڊيا پريزنٽيشن جو قيام.

اهو سال 2011 جو اسلامي مهينو رجب المرجب هو ، 7 رجب المرجب تي اسان ڳوٺ جي دوستن پاڻ م صلاح ڪئي ته هڪ ننڍڙي وڊيو فلم تيار ڪجي ، جنهن کي پوڙاهپ ۾ ڏسڻ ۾ مزو ايندو . ايئن ئي ماما عبدالصبور ۽ آئون تيارين ۾ لڳي وياسين ، لڳ ڀڳ 7 ڏينهن محنت ڪئي سين ۽ فلم جو ڪجھ حصو رڪارڊ ٿي ويو . جڏهن ان جي ايڊيٽنگ جو مرحلو آيو ته ماما عبدالصبور عابد چيو ” عبيد پنهنجي هن فلم ۾ مونوگرام ڪهڙو ڏجي ؟ “ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ فلم (انداز) جو ئي نالو ڏنوسين . ۽ ائين ئي اسان جي انداز پريزنٽيشن جو آغاز ڪيو سين .

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

نثر

عبيدالله “عبيد” ٿهيم.

“سندس نالو محمد علي هو، پيار مان کيس زنوار سڏيندا هئا.”
“ پر تنهنجو ‘هو’مان ڇا مطلب آهي؟”
“ هُو هِن هاڻي هتي ناهي رهيو !”
“ ڇا ٿيس !؟،نانگ ڏنگيس !؟”
“ نانگ ڏنگيس ها ته بچي پوي ها.”
“ ته پوءِ ..! ڇتي ڪُتي چڪ پاتس !”
“ نه .... ”
“ لڳي ٿو ته عِشق ۾ خودڪشي ڪئي هوندائين”
“ هُو ته پنهنجي گھرواريءَ کان سواءِ ڪنهن سان به عشق نه ڪندو هو. سٻاجھڙو نوجوان هو.”
“ اڇا ! ڇا ڪندو هو !”
“ مزدوري ... غريب هو! اٽي جي چڪي هئس، 3 ڀائر هئا.”
“ ٻيا ڀائر ڪيڏانهن ويا !؟”
“ نُورا ! تون به مونکان ايترا سوال ڇو  ٿو پُڇين..... ! يار ڇڏ مونکي ڪم به ڪرڻو آهي، اها ڪهاڻي توکي پوءِ ٻڌائيندس.”