Ad 468 X 60

حضرت سائين محمد حسن عباسي رحمت الله عليھ

جمالِ همنشين در من اثر ڪرده
وگرنه من هما خاڪم ڪه هستم
الله جي ولي حضرت سائين محمد حسن عباسي رحمت الله عليه، 12 ڊسمبر 2012 تي هن فاني جهان مان غالبن 95 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. سائين جن حضرت سائين مولانا حماد الله هاليجوي ۽ حضرت سائين مولانا احمد علي لاهوري رحمت الله عليه جن جا خليفا هئا. سائين جن جي زندگيءَ تي سندن خليفي مجاز مرشدنا حضرت سائين محمد يونس قادري صاحب هڪ ڪتاب نالي بطلِ جليل لکيو جيڪو اردو ٻوليءَ ۾ ڇپيو.
ان ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي سعادت منهنجي مرشد بابا سائين عبدالله عزيز ٿهيم کي نصيب ٿي.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ هن ناچيز (مون) ڪئي .
ڪتاب کي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ سيو ڪيو هو، جيڪو محترم محمدسليمان وساڻ کي اي ميل ڪيو هو. مون وٽ ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ فارميٽ ٿيڻ ڪري اهو پي.ڊي.ايف فارميٽ ۾ سيو ٿيل اڏامي ويو. خير ڪوشش ڪندس ته ان کي نئين سر پي ڊي ايف ۾ سيو ڪري اوهان سڄڻن تائين پهچايان.. 
حضرت سائين محمد حسن عباسي رحه (شاهپورچاڪر شريف وارا) جي آڊيو تقرير (موضوع سفرِ آخرت) ٻڌڻ لاهتي ڪلڪ ڪريو۔ 
موضوع الله جي قدرت ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع ٺڳي ۽ فريب ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع حق جي سُڃاڻ ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع ايمان ۽ تقوى ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع سُنت ۽ سيرت ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع نماز ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

ڏياري مئگزين اپلوڊ ڪرڻ ۾ وقت لڳو........

رات کان فيسبُڪ تي ويهي ويهي آخر بيزار ٿي پيس ، ”رڳي فيسبوڪ تي ويٺو آهين! ٻيو ڪو ڌنڌو اٿيئ يا نه !؟“ ڪنهن دوست چيو ته مونکان ڇرڪ نڪري ويو ”واه جي ڳالهه ڪيئي ، ڪم آهي پر هينئر واپڊا وارا مهربان ٿي رهيا آهن (لائٽ وڃڻ واري آهي) سو في الحال فيسبوڪ تي ماڻهون ڏسي وٺان“ مون وراڻيو ”اڇا هڪ ڪم ڪندين !؟“ هن عرض واري لهجي ۾ چيو ” يار تووٽ ڪتابن جا ڍڳ پيل آهن انهن مان ڪا سٺي پوسٽ فيسبوڪ تي رک جيئن اسان به پڙهي سگھون“ ..
” ادا، ڳالهه ٻڌ ڪمپوزنگ مونکان به ڪانه ٿي پڃي باقي اگر ڪمپوز ڪري ڏين ته حاضر“ مون چيومانس
” هل ٺيڪ آ پهرين تو وٽ جيڪي ورڊ فارميٽ ۾ مئگزين پيل آهن انهن کي ته پي ڊي ايف ڪري رک باقي پوءِ ڏسنداسين“...
مونکي پوءِ ياد آيو ته هڪ دوست دليپ نجار مون کي اڳ ئي اهو ڪم چيو هو ، ڇو نه ڪتاب بلاگ تي رکان ....
ڪتاب رکڻ ڪو مسئلو ناهي، پر ان کي سيٽ ڪرڻ پي ڊي ايف ڪرڻ ۽ اپلوڊ ڪرڻ ۾ جيترو وقت ٿو لڳي اوتري دير ۾ اسان وٽ حيدرآباد واپڊا وارا مهربان ٿيو پونن... 
گھڻي ڪوشش کان پوءِ هي مئگزين جو لنڪ اوهان ڏانهن شيئر ٿو ڪريان . ڊائونلوڊ ڪري پڙهو....

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: