موھن جي دڙي وارا تباھ ڇو ٿيا؟
خبر اٿئو !!؟ موهن جي دڙي وارا ڇو تباھ ٿيا ؟؟
اِنڪري ته هُو به اها تحقيق پيا ڪَن ته اُن کان اڳ جي ”مُئن جي دڙي“ وارا ڇو تباھ ٿيا...
don't mind, just realize that where we are in the race of fast forwarding technologies. ??
ليکڪ: عبيد ٿهيم
صحافي ۽ صحافت
جَيڪي صحافي پنهنجا ڦوٽُو فيسبوڪ تي رکڻ لاءِ سُٺن پگسلز واري ڪئمرا استعمال ڪن ۽ خبرون ٽيليويزن تي موڪلڻ لاءِ هڪ ٿرڊ ڪلاس ڪئمرا کي استعمال ڪَن ته پَڪ سمجھو اُهي سچ کي لڪائڻ وارن مان اٿئو...
ليکڪ: عبيد ٿهيم
ٿيڻ ڇا گھرجي؟
ٿيڻ ائين گھُرجي ته جنهن وٽ صحافت جِي ڊِگرِي نه هُجي اُنکي صحافت ڪرڻ نه ڏني وڃي جيئن ٻاهرين سُڌريل مُلڪن ۾ آهي.
جيڪڏهن توهان سِنڌ جِي ترقي چاهيو ٿا ته پِهرين صحافين کي سُڌاريو، جيڪي روز اڻ_تصديق ٿيل خبرون اِشو بڻائي اخبارن توڙي ٽي.وي چينلز ۾ صِرف اِنڪري ٿا هلائن ته جيئن سندن وه واه ٿئي...
ليکڪ: عبيد ٿهيم
سنڌي سڀ ڌاڙيل
يقين نٿو اچيوَ ته تاريخِ قريب جا پَنا اُٿلائي ڏِسو، توهان کي پرو چانڊيو تي ٺهيل فلم ملندي، علي گوهر تي ٺهيل فلم ملندي، مُحب شيديءَ تي ٺهيل فلم ملندي، آچر ڌاڙيل نالي فلم ملندي. پر ”آسُو ٻائي“ ۽ اهڙن ٻين ڪردارن تي ٺهيل فلم نه ملندي، ڊرامن ۾ ڏِسو KTN تي اڪثر ڊرامن ۾ توهان کي بندوقن وارا
ليکڪ: عبيد ٿهيم
بجيٽ ۽ ڪامورن جا رٻڙي پيٽ
****************************************************
ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته توهان جي تعلقي ۾ ڪيتريون يونين ڪائونلسز آهن ۽ هر يونين ڪائونسل ۾ ڪيترا ڳوٺ آهن ؟ هر ڳوٺ ۾ ڪيترا گھر آهن؟
ٿورو غور ڪريو! مثال ٿا وٺون اسان جي تعلقي ٽنڊي آدم جي يونين ڪائونسل پيروفقير شورو جو. جنهن ۾ تقريبن 40 کن ڳوٺ آهن.. ۽ سراسري هر ڳوٺ ۾ 150 گھر آهن.. (مٿي آهن پر اندازو اٿم)،
ليکڪ: عبيد ٿهيم
فيسبوڪ وال
وہ اب فیسبوک پر میری تعمیر کردہ دیوار میں جھانکتے ہوئی حسیں لبوں پر خوبصورت مسکراہٹ سجاتی ہوگی اور شاید چاہت اب بھی اس کے سائے سے ہزارہا میل دور رہتی ہے، جبھی تو چندا کی روشنی دل کی زمیں پر نہیں پڑتی۔
میرے ذہن میں اب کچھ سطریں اسکی یاد تازہ کرنے کو کسی ہرن کی مانند بھاگی آ رہی ہیں۔
ایک شام تھی بارش میں بھیگی،
تیرے نام تھی بارش میں بھیگی،
پیا، سورج تیری یادوں کا،
اب ڈھلتا نہیں،
یہ لال افق پر کیوں آخر،
بدلی برستی اور گرجتی نہیں،
کاش کہ وہ سرد شام لوٹ آئے،
جس شام تھی بارش میں بھیگی۔
ليکڪ: عبيد ٿهيم
امرجليل سان ويڌن
امر جليل چوي ٿو ته :
” مان ڪوڙا قصا لکندو آهيان. پر،
ليکڪ: عبيد ٿهيم
ادب ترجمو ٿيو؟
جيترا ڪتاب ٻاهرين ادب جا اسانجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿِي ادب جي زينت بڻيا آهن اُن جو چوٿائي حصو به شايد اسانجي ادب جا ڪتاب ٻاهرين ٻولين ۾ ترجمو ٿِي ٻاهرين ادب جي زينت نه بڻيا آهن.. ته پوءِ اسان ڪيئن ٿا دعوا ڪريون ته ”اسانجو ادب شاهڪار آهي، اسانجو ادب قديم ادب آهي“ ٿورو غور ڪريو! قديم ۽ شاهڪار ادب صِرف هڪ ٻوليءَ ۾ هڪ قوم کي ئي ٻڌائبو ؟؟ ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته سِنڌ ڇا آهي؟ هُو ڇا ڄاڻين ته سِنڌُوءَ ماٿريءَ ۾ ڪيتريون قومون ۽ قبيلا ٿا رهن! ؟ (اها ٻي ڳالھ آهي ته اسان کي به خبر ناهي! ڇو ته تاريخ هڪ اهڙو سبجيڪٽ آهي جنهن کي صِرف پوڙها ئي پڙهندا آهن ۽ لکندا آهن)
منهنجا سائينئو! توهان گھڻئي اسانجي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪري آندا ، تمام ڀلو ڪم ڪيوَ جو اسانکي ٻاهريون ادب پڙهڻ لاءِ مهيا ڪيوَ، پر هاڻ هڪ ڪوشش ٻي به ڪريو، جيڪي ڪتاب توهان سنڌي ادب جا شاهڪار ڪتاب ٿا مڃيو، تَن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دُنيا جي وڏين لائبريرين ۾ اُماڻيو! اُتان جي ماڻهن کي به خبر پوي ته سنڌ سان ڪهڙي جُٺ پئي ٿئي يا سِنڌ ۾ ڪهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن..
ليکڪ: عبيد ٿهيم
سڀ شھيد
ھڪ شخص جنگين ۾ حصو وٺندڙن جا انگ اکر پئي لکيا، ماڻھو ايندا ويا ۽ پنھنجن پيارن جا ڪارناما لکرائيندا ويا، پوء ھڪ اھڙي قوم جو وارو آيو جنھن جا سڀ جنگي شھيدن جي لسٽ ۾ ھئا، ڪوبہ غازي ڪونہ ھو، لکندڙ قلم واپس مَسُ ڪٌپيءَ ۾ رکي سوچ ۾ پئجي ويو تہ "ڇا ھزارين سال قديم ھِن قوم ۾ ھڪ بہ غازي نہ آھي؟"..
منھنجا دوستو، غازين جي ڳڻپ بہ ڪرايو رڳي شھيد (اديب) نہ ٿيو....
ليکڪ: عبيد ٿهيم
سچ تہ بيٺو نچ
سچ ته بيٺو نچ. ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
پر ڪي ڪي سچ مڙسن جون وايون بتال ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ همراهه روز رات جو نه فقط زال کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي ويندو هو پر هن کي اهو به طعنو ڏيندو هو: ”خدا حافظ! ٽن ٻارن جي ماءُ.“
هڪ دفعي زال مڙس کان تنگ ٿي مڙس کي جواب ۾ چيو:
”الله نگهبان! هڪ ٻار جا پيءُ.“
ان بعد مڙس رات جو نڪرڻ ڇڏي ڏنو.
ليکڪ: عبيد ٿهيم
ضرورت ڇا جِي؟
اسانجِي سِنڌ کي ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ٽيڪنالاجي اسان وٽ نه هوندي، دُنيا جا علم اسان وٽ نه هوندا ته اسان سِنڌي پوئتي رهجي وينداسين ۽ سُڀاڻ ڪو ڌاريو اسانجي سنڌ تي ڪاھ ڪري پنهنجو رعب ڄمائي سگهي ٿو.
جيڪڏهن اسان وٽ ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان دُنيا سان گڏ نه هلي سگھنداسين. جيڪڏهن ڪو شخص جنگ تي وڃي ٿو، هٿيارن ۾ وٽس ڪُهاڙي، ڏانٽو، تِير، ڀالو ۽ تلوار اٿس ته يقين ڪريو هُو جديد هٿيار نه هُئڻ ڪري تمام جلد مارجي ويندو! ان جي اُبتڙ جيڪڏهن وٽس صِرف ڪلاشنڪوف هُوندي ته پنهنجو دفاع به ڪري سگھندو ته ٿي سگھي جنگ به کٽي.
تنهنڪري مُنهنجا دوستو! دُنيا جا علم پِرايو، ٽيڪنالاجي واري پاسي اچو، نه ڪِي پُراڻن نعرن ۾. سِنڌ کي ٽيڪنيڪل ماڻهون ئي سُڌاري سگھن ٿا نعرن وارا نه..
ليکڪ: عبيد ٿهيم
جمن عُرف جِمي
"توھانجي تعليم؟" ڪُرسيءَ تي ويٺل پڇيس
'مان ايم.اي پيو ڪريان' پتلُون ۾ ملبوس ھمراہ ڳچيءَ ۾ پيل ڳارو (ٽائي) سؤلو ڪندي فخر سان وراڻيو، ٻيھر ڪُرسيءَ تي ويٺل ٿُلھي ڦيڦي ھمراہ پڇيس "ھاڻ ڪَر احوال، ڇا ڪندو آھين؟"، پتلون واري چَپَ ٽيڙي چيوسر "سر مان گوھرشاھ پبلڪ اسڪول جو پرنسيپل آھيان." ٿُلھي صاحب برطانوي عينڪ ڳچيءَ مان ڪڍي نَڪ تي چاڙھيندي چيس "ھممم.. اڳتي حوال ڏي، وقت گھٽ آ"،
پتلون ۾ ملبوس مُحمدجُمن عُرف جِمِي ( سنڌ جي ٻھراڙي ۾ اصلي نالن بجاء کريل نالا سڏيا وڃن ٿا، ھُو بي.اي پاس ھو انڪري سندس نالو جِمِي ھو نہ تہ جُمُون ھُجيس ھا)، ڪُرسيءَ تي سِڌو ٿِي سِيٽجي ڳالھ پُوري ڪرڻ لڳو "سر، مان گوھر شاھ پبلڪ اسڪول تعلقي سانوڻ آباد جو پرنسيپل آھيان،" ٿُلھي صاحب ڏانھن خار مان نھاريو پر ھُن ڳالھ جاري رکندي چيو "سر، اسانجي ڳوٺ ۾ چار اسڪُولون آھن، ۽ ڳوٺ جي ٻين اسڪولن جي حالت بيڊ آ، دئٽس وائي توھان کي عرض آ تہ اڌرس اسڪولون بند ڪرايو، اِھو رئيس رحمت علي خان صاحب چوائي موڪليو آ."
صاحب پھرين تہ ڪاوڙ ۾ ڏانھنس نھاريو جو ھُو سنڌي ۽ انگريزي گڏائي ڳالھائي ڳالھائي رھيو ھو، پر رئيس رحمت عليءَ جو حڪم ھو، پَين سان سرڪاري ڪاڳر تي صحيح ڪندي اکين تان چشمو لاٿس ۽ جِمِي کي يقين ڏياريندي چوڻ لڳو "ٺيڪ آ، تون ڀلي وڃ مان ھفتي اندر ٽيم موڪلي باقي اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندس.."
جِمِي نِوڙِي ڪُرسي تان اُٿندي "ٿئنڪس سر" چيو، دَر تي بيٺل پٽيوالي دَرَ کوليو ۽ جِمِي رئيس رحمت عليءَ جي ڳاڙھي پراڊو ۾ چڙھي "ريجنل ڊائريڪٽر آف پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ" جي آفيس جي احاطي مان ائين گُم ٿي ويو ڄڻ آيو ئي نہ ھو.....
٪منھنجي لکيل ھڪ پراڻي ڪھاڻي مان اقتباس....
ليکڪ: عبيد ٿهيم
ڪھاڻيون ڪوڙيون، من گھڙت
ڪھاڻيون بيشڪ ڪوڙيون، من گھڙت ھونديون آھن، پر اُھي ڪنھن ٻُڍڙيءَ جِي فرياد، ڪنھن جوان جا جذبا ۽ ڪنھن سانوريءَ جون اُس ۾ اُڀ ڏاريندڙ آھون دُنيا جي گُونگن ۽ ٻوڙن ماڻھن لاءِ ھڪ سبق ھونديون آھن ۽ پڙھندڙ صِرف من گھڙت ڪھاڻي سمجھي پڙھڻ کان پوء پنا رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيندا آھن...
ليکڪ: عبيد ٿهيم
آل رائونڊر ڇو؟؟
اسان پاڪستاني آل رائونڊر ڇو آھيون؟ ڪڏھن سوچيو اٿوَ؟
آل رائونڊر جو مطلب اھو ناھي تہ صرف ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ھجي، بلڪہ دنيا جي ٻين ڪمن ۾ بہ..
سو صاحب... وڏو سبب پيٽ بُکيو آھي، جنھن ڪري اسان آل رائونڊر آھيون.
ليکڪ: عبيد ٿهيم
نالا پنھنجي اسٽيٽس مطابق..
ڇا توھان ڪڏھن غور ڪيو آھي تہ ماڻھو نالا پنھنجي اسٽيٽس جي حساب سان رکندا آھن ؟ توھان ڏٺو ھوندو تہ ڪنھن مولوي جي پٌٽ جو نالو صفا اسلامي ھوندو ، ڪڏھن بہ مولوي جي پٽ جو نالو "جِمي"، 'پپو'، "سمير" نہ ھوندو، ابتڙ نالا ڪجھ ھيئن ھوندا ، 'عبيداللہ'، سميع اللہ ، ابوبڪر، محمدعلي وغيرہ.. اھلِ تشيع ۾ ڏسو، انھن جا نالا ڪجھ ھيئن ھوندا آھن غضنفرعباس، علي عباس، جوادحسين، اسدحسين وغيرہ ... وري توھان غريب سنڌين جا نالا ٻُڌو، جمون، ڪرڙ، شمن، شادو، خادُو، عدُل وغيرہ ... مڊل ڪلاس وارن جا نالا، سمير، فواد، احسن، باسط وغيرہ.. اپر ڪلاس جي ماڻھن جا نالا، جواد خان، سلمان خان ، ايمان علي، فراز خان وغيرہ...
تہ چوڻ جو مطلب، اسان نالا ائين ڇو رکندا آھيو ن؟ ڇا نالا رکڻ سان ماڻھو اھڙو ٿيو پوي؟ جيئن نالو آ 'اسد' مطلب شينھن ۽ ھمراہ صفا ڊٻرو... اسان نالن ۾ ڇو اڙجي بيٺا آھيون؟
ليکڪ: عبيد ٿهيم
رات، چنڊ ۽ تون....
رات جِي ٿڌڙي پھر ۾، ڳوٺ جي ٻنين مان ايندڙ مِٽيءَ جو ھُڳاءُ ۽ آسمان تي ڀڳل چُوڙيءَ جھڙو چَنڊُ تُنھنجِي ياد ڏيارين پيا. او بي-وجود محبوب ! ڪڏھن تہ ڀُلجي وُجود جِي چادر اوڍي رات جِي سانتَ ۾ ملڻ بہ اچ..
ليکڪ: عبيد ٿهيم
ڇا توھان غور ڪيو آھي؟
ڇا توهان غور ڪيو آهي ته اڪثر سنڌو ديش جا نعرا هڻڻ وارا ٻاهرين مُلڪن ۾ ٿا رهن.. ؟؟
بغاوت لاءِ ڀڙڪائيندڙ ٻاهرين مُلڪن ۾ عياشيون پيا ڪَن ۽ هِتي سٻاجھڙا سِنڌي بيگناھ پيا ڪُسجن. سِنڌي به هُش تي خوش، دُور انديشي نه اٿن تڏهن ته پيا سِنڌ کي ٻاهرين مُلڪن مان ويهي تباھ ڪَن.. اڪثر تعليم يافته نوجوان ڪُهائي ڇڏيائون، باقين کي جيلن ۾ واڙائي ڇڏيائون.. هِي ڪَن ڇا پيا ؟؟
سِنڌ کي سنڌين مان ئي خطرو آهي اِهو ياد رکجو.
ليکڪ: عبيد ٿهيم
ٻہ اکر
توھان ڪڏھن غور ڪيو آھي؟
تہ ڪتابن جي شروعاتي صفحن تي جيڪي "ٻہ اکر" لکيل ھوندا آھن، سي حقيقت ۾ ٻن صفحن کان بہ وڌيڪ ھوندا آھن...
ٻہ اکر تہ......... ھوندا آھن. :p
0 تبصرا: