Ad 468 X 60

ليبل جي لاءِ پوسٽس: شاعري

موٽي آءُ مِٺِي ( نثر)



************* نثري احساس *********
موٽـــــــــي آءُ مِٺـــــــــــــــــــــــــي!!

چيو هُيئي ته “سرينهن پِيلا جھليدي گُل انهن کيتن ۾ ملنداسين“ 
پر اڄ سرينهن جي گُلن جي خوشبُوء ۾ صرف آئون ئي آهيان.. 
الا!! ڪڏهن اُها سرينهن پِيلا گُل جھليندي ! ڪَڏِهِن اُهو اتر جو واء لڳندو جڏهن تُون ايندئين !؟؟ ڇا اِهي صرف تُنهنجا خيالي دِلاسا ئي هُئا؟ ڇا تُو به شاعرن وانگيان مونکي به دلاسو پئي ڏنو ؟ 
او سهڻِي! مان اڪيلو آهيان ، جلدي واپس ورڻ جي ڪَر! سرينهن عنقريب گُل به ڇاڻي ويندي! اُتر به بند ٿي ويندو! ڏِس مومَل!.. تو بِن هيءَ ڊسمبر به ته ڏنگي پيو ٿو.. سُورَٺَ !! ٿڌين چانڊوڪِي راتين ۾ تُنهنجي ياد تڙپائي پئي..! خبر ناهي تُون ڪهڙي پار هلي وئينءَ.. 

اڳتي پڙهو »

ڇونه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي


************ غزل ************
______ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ______

ڇو نه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي!، 
پاڻ کي پاڻ ۾ گُم ڪجي...

چنڊ ويو آ لهي، سج به آيو نه آ،
رات جي سانت ۾ پاڻ کي گُم ڪجي.


اڳتي پڙهو »

شخص هڪڙو ياد آيو شام جو


شخص هڪڙو   ياد  آيو   شـام جـــــو
.سهڻو سنهڙو ياد آيو شـــام جــــــو
​
،بئينج خالـــي جـي مٿان گلڙا ڏِسي
.جوڙ پنهنجو ياد آيو شـــام جـــــــو
​
،تون ٿئين مونکان جُدا ڇــو او پِرين ؟
.بخت بڇڙو ياد آيو شـــام جــــــــو

سيءُ ويلي جسم تنهنجي تي ڍَڪِيَل
.رئو سنهڙو ياد آيو شـــــام جـــــــو
​
،ڳل گلابـــي ، اک شرابـــــي زلف ۽
.چنڊ جهڙو ياد آيو شـــام جــــــــو
​
،ســـج لڙيو، لڙڪ   لڙيا   اڄ   عـبيـــد
،پيار اهڙو ياد آيو شـــــــام جـــــو

اڳتي پڙهو »

پاڻ کي پاڻ ۾ گُم ڪجي...



************ غزل ************
______ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ______


ڇو نه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي!، 
پاڻ کي پاڻ ۾ گُم ڪجي...


چنڊ ويو آ لهي، سج به آيو نه آ،
رات جي سانت ۾ پاڻ کي گُم ڪجي.

مُون اوڄاڪو اٿم زندگي، زندگي،
نيڻ آهن ٿڪل نيڻ کي چُم ڪجي...

آءُ اوري مِٺي تو بِنا هِيءُ سڄي،
ڪيئن ڪٽيان زندگي ؟ ڏَس ڇا ڪم ڪجي..!

هيل وقت آ ويو، نيٺ ايندو وري،
مينهن ۾ ڀاڪُرين توکي صَنّم ڪجي..

ضبط تون ٽوڙ ڀي ڪجهه ته ڪُڇ اڄ عبيد،
اچُ ته مُسڪرائجي، اڄ نه اک نَم ڪجي...

اڳتي پڙهو »

شاعري

[​IMG]

******


   ************
                                                                    ************

                                                                    ************

                                                                    ************
الاهي ڇو نه ڄاواسين ڪنهن رنگين چمن ۾ ؟
ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾ خوشبوئي اجائي وئي
                                                                    ************

اڏاڻيون ڏُور پئي آڙيون ، 
سمو ڪنهن سار وانگي هو،

لڙيو پئي لاڙ تان  سورج
مهاڻي  ٻار  وانگي  هو ،

صـــفــــا  ســنـسان  مندر  ۾
ملي سانجھي جڏهن مونسان،

اتــي آواز سـنـهڙو عشق جو
ڪــنهــن آر وانــگــي هـــــو،

وڻـــن تـــي ڪــانگ هئا ويٺل،
گلي مان ڳئون پــئــي آيـون،

پـــراڻـــو ڳـــوٺ هو لـــــيڪن
پرينءَ جــي پار وانگــي هــو .

حسن درس

اڳتي پڙهو »