ليبل جي لاءِ پوسٽس: ڪتابن مان ورتل
مسلمانن جو هندستان جي آزاديءَ ۾ حصو
خلافت تحريڪ جي نشو و نما
مسلمانن جو هندستان جي آزاديءَ ۾ حصو
لطف الله بدوي
ويهين صديءَ جي ابتدا ۾، هندستان جي مسلمانن، سر سيد مرحوم جي سياسي رنگ ۾، برطانوي حڪومت سان پوريءَ وفاداريءَ وارو تعاون ڪيو. سن 1913 ۾، مسلم ليگ پنهنجي لکنئو واري ٺهراءُ ۾ حڪومت کان فقط ‘مڪاني حڪومت’ جي تقاضا ڪئي. ان سان نئشنل ڪانگريس جهڙي اداري به ساڳي ئي طلب دهرائي. سن 1914 جي وچ ڌاري، پهرين مهاڀاري لڙائي يورپ ۾ ڇڙي پيئي، ترڪي حڪومت، ڪن سياسي مجبورين جي باعث، جرمنيءَ سان وڃي ملي. ترڪيءَ جي سلطان، جو ان وقت اسلامي دنيا جو خليفو پئي تسليم ٿيو، جهاد جي فتوا جاري ڪئي، جنهن تي ترڪيءَ جي شيخ الاسلام جي مهر موجود هئي. جهاد جي انهيءَ فتوا جي ڪري اسلامي ملڪن ۾ وڏو هيجان پيدا ٿيو ۽ ترڪن جي خلاف جنگ کي اسلام جي خلاف جنگ قرار ڏنو ويو. مولانا محمد عليءَ،
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
ڪتابن مان ورتل
ڏياري مئگزين اپلوڊ ڪرڻ ۾ وقت لڳو........
رات کان فيسبُڪ تي ويهي ويهي آخر بيزار ٿي پيس ، ”رڳي فيسبوڪ تي ويٺو آهين! ٻيو ڪو ڌنڌو اٿيئ يا نه !؟“ ڪنهن دوست چيو ته مونکان ڇرڪ نڪري ويو ”واه جي ڳالهه ڪيئي ، ڪم آهي پر هينئر واپڊا وارا مهربان ٿي رهيا آهن (لائٽ وڃڻ واري آهي) سو في الحال فيسبوڪ تي ماڻهون ڏسي وٺان“ مون وراڻيو ”اڇا هڪ ڪم ڪندين !؟“ هن عرض واري لهجي ۾ چيو ” يار تووٽ ڪتابن جا ڍڳ پيل آهن انهن مان ڪا سٺي پوسٽ فيسبوڪ تي رک جيئن اسان به پڙهي سگھون“ ..
” ادا، ڳالهه ٻڌ ڪمپوزنگ مونکان به ڪانه ٿي پڃي باقي اگر ڪمپوز ڪري ڏين ته حاضر“ مون چيومانس
” هل ٺيڪ آ پهرين تو وٽ جيڪي ورڊ فارميٽ ۾ مئگزين پيل آهن انهن کي ته پي ڊي ايف ڪري رک باقي پوءِ ڏسنداسين“...
مونکي پوءِ ياد آيو ته هڪ دوست دليپ نجار مون کي اڳ ئي اهو ڪم چيو هو ، ڇو نه ڪتاب بلاگ تي رکان ....
ڪتاب رکڻ ڪو مسئلو ناهي، پر ان کي سيٽ ڪرڻ پي ڊي ايف ڪرڻ ۽ اپلوڊ ڪرڻ ۾ جيترو وقت ٿو لڳي اوتري دير ۾ اسان وٽ حيدرآباد واپڊا وارا مهربان ٿيو پونن...
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
ڪتابن مان ورتل
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)

رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي