Ad 468 X 60

منهنجو تعارف.

السلام عليڪم.
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري بابا سائينءَ مون کي کوڙ سارا ڪتاب وٺي ڏنا جيڪي اڄ به لائبريري جي صورت ۾ منهنجي گهر ۾ موجود آهن. منهنجو شوق ننڍپڻ کان ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ جو هُيو، جڏهن پرائمري پاس ڪري ڇهين درجي لاءِ گورنمنٽ جامع مليه هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتم ته ڪجهه ئي مهينن بعد ٽنڊوآدم جي مشهور شخصيت ۽ سنڌي گرامر جو ڄاڻو محترم سائين محمد عيسي چنا ”شاد ٽنڊائي“ (مرحوم) پنهنجي ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون اسڪول ۾ ڏيڻ آيو. مون ڪتاب پڙهيو تمام بهترين لکيل هو، ڪتاب اڪثر مزاح تي مشتمل هو ان ڪري مونکي به مزاحيه شاعري وڻڻ لڳي، 2007ع ۾ مون بابا سائينءَ کان علم العروض بابت ڪجهه سکيو ۽ پوءِ پڙهائيءَ ۾ مشغول ٿي ويس ته ادب کان ڪجهه عرصي لاءِ پاسيرو ٿي ويس. 5 سالن کان پوءِ جيئن ئي سنڌسلامت ڊاٽ ڪام تي آيس مونکي به لکڻ جو شوق جاڳي پيو ۽ پوءِ پين پنو کڻي ڪجهه لکڻ ويٺس. صبح جي ٿڌي پهر ۾ ٻه هزار يارنهن سال ۾ مون پنهنجي پهرين ڪهاڻي مٺا مهراڻ ۾ ملبو لکي، پوءِ مختلف وقتن تي شاعري ۽ ڪهاڻيون لکندو رهيس. مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته پوءِ مونکي محسوس ٿيو ته منهنجو لکڻيون جيڪي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ هُيون اهي ٻين ماڻهن تائين به پهچايان، پوءِ مون سنڌسلامت جي مدد سان بلاگ جوڙيو جنهن جو نالو انداز ميڊيا رکيم، بلاگ پهرين سنڌسلامت جي اميدون ٽيمپليٽ سان سجايم، سائي رنگ جي اميدون ٽيمليٽ ايتري خوبصورت ته نه هُئي پر ان ۾ سنڌي فانٽ صحيح نظر آيا ٿي، پوءِ مون هڪ انگريزي ٽيمپليٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ان کي پنهنجي بلاگ تي لڳايم، ان ۾ پنهنجا فونٽ لڳايم، اهو منهنجو بلاگ ٽرانسليٽنگ ۾ پهريون تجربو هُيو. ڪافي عرصو منهنجو بلاگ اُن ٽيمپليٽ تي سجيل رهيو. جڏهن ٻه هزار چوڏهن جي عيدالفطر آئي سنڌسلامت پاران عيدالفطر جي تحفي طور ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ رليز ڪئي وئي، ٽيمپليٽ ڏِسندي ئي دل خوش ٿي وئي، تمام خوبصورت ٽيمپليٽ ٽن فونٽس سان سجيل ڀرڳڙي ٽيمپليٽ کي بلاگ تي اپلائي ڪيم ۽ پوءِ بلاگ جو نالو مٽائي منهنجي نالي تي رکيم. 
هن بلاگ ۾ توهان منهنجون لکيل ڪهاڻيون، منهنجا ترجمو ٿيل رنگين دُنيا آرٽيڪلز ۽ شاعري سميت گهڻو ڪجهه پڙهي سگهو ٿا. 
هن ٽيمپليٽ ۾ مون فيسبوڪ ڪامينٽ باڪس اپلائي ڪيو آهي ان ڪري سڀني پڙهندڙن کي گذارش ٿو ڪريان ته پنهنجي راءِ کان ضرور آگاھ ڪندا. 
وڏي مهرباني.


عبيدالله عبيد ٿهيم،
ڳوٺ غلام محمد ٿهيم،
تعلقه ٽنڊوآدم ، ضلع سانگھڙ، سنڌ_پاڪستان.
03150133533

0 تبصرا: