Ad 468 X 60

ليبل جي لاءِ پوسٽس: چونڊ ڪهاڻيون

موٽي آءُ مِٺِي ( نثر)



************* نثري احساس *********
موٽـــــــــي آءُ مِٺـــــــــــــــــــــــــي!!

چيو هُيئي ته “سرينهن پِيلا جھليدي گُل انهن کيتن ۾ ملنداسين“ 
پر اڄ سرينهن جي گُلن جي خوشبُوء ۾ صرف آئون ئي آهيان.. 
الا!! ڪڏهن اُها سرينهن پِيلا گُل جھليندي ! ڪَڏِهِن اُهو اتر جو واء لڳندو جڏهن تُون ايندئين !؟؟ ڇا اِهي صرف تُنهنجا خيالي دِلاسا ئي هُئا؟ ڇا تُو به شاعرن وانگيان مونکي به دلاسو پئي ڏنو ؟ 
او سهڻِي! مان اڪيلو آهيان ، جلدي واپس ورڻ جي ڪَر! سرينهن عنقريب گُل به ڇاڻي ويندي! اُتر به بند ٿي ويندو! ڏِس مومَل!.. تو بِن هيءَ ڊسمبر به ته ڏنگي پيو ٿو.. سُورَٺَ !! ٿڌين چانڊوڪِي راتين ۾ تُنهنجي ياد تڙپائي پئي..! خبر ناهي تُون ڪهڙي پار هلي وئينءَ.. 

اڳتي پڙهو »

ڪرنٽ

ڪرنٽ
**نسيم کرل** 
مان ھن سان ڪاوڙجي اچي ڊرائنگ ۾ ديوان تي سمھيو آھيان. منھنجو سمورو جسم اگھاڙو آھي، پر اھو ھن ورھ پاري ۾ بھ کوري جيان پيو ٻري ۽ سموري جان مان پگھر پيو ٽمي. ھنن وڏين فرانسيسي درين مان ايندڙ ٿڌي ھوا جا جھوٽا بھ منھنجي جان کي ڪونھ ٿا ٺارين، پر رھندو اندر جي باھ کي پيا ڀڙڪائن. ھھڙيون ٿڌيون راتيون ديوان تي اڪيلي سمھڻ لاءِ ڪونھ آھن. ھھڙين راتين ۾ تھ ڪو وڪٽورين ٽائيپ ڊبل بيڊ ھجي، جنھن ۾ ٻھ جوان گرم جسم ھجن ۽ جن جون دليون ھڪ سر ھڪ تال ۾ پيون ڌڙڪن. منھنجي ڪمري ۾ اھڙو وڪٽورين بيڊ بھ آھي ۽ ان ۾ ھڪ جوان جسم بھ آھي، پر مان ھن سان ڪاوڙجي اچي ديوان تي سمھيو آھيان.


اڳتي پڙهو »