Ad 468 X 60

ليبل جي لاءِ پوسٽس: اڄ اوطاق ۾

مطلبي دنيا

اڄ اوطاق ۾
***************
هُن منهنجي تصوير جي ڊِگھي تعريف ڪَئي.. مونکي خوشي ٿِي، مَن ئي مَن ۾ حُسن تي بانور ڪرڻ لڳس.. پر ڪجهه دير کان پوءِ منهنجو بانورٽوڙي ڇڏيئين صرف اِهو چَئِي ته : سهڻا! منهنجي موبائل ۾ پيڪج ختم پيو ٿئي.. پليز ڪجهه رُپيا ته شيئر ڪر..
اففف... مطلبي دُنيا.


اڳتي پڙهو »

اردو سان سنڌين جي جُٺ



ا ******** مذاق مذاق ۾ *********
*******************

انگريزي سان جيڪا جُٺ هتان جا اُڙدو ڳالهائيندڙ ڪندا آهن سا ته پنهنجي جاءِ تي پر نئين نئين اردو ڳالهائڻ سکندڙ اسان جا همراه به جيڪو حشر هنن جي ٻولي سان ڪن ٿا اهو فيملي سان گڏ ويهي نه ٻڌي ٿو سگهجي نه ئي پڙهي ٿو سگهجي، کوڙ قصه ٿا ياد اچن پر انهن هڪ ٻه اوهان سان ونڊيندو ٿو هلان. 
ڪٿي هئس مان..؟

اڳتي پڙهو »

عيد ۽ فيسبوڪي مڱڻهار

اڄ اوطاق ۾ 
*****
اڄ اوطاق ۾ ڪانڊيري خان ۽ مٺو مڱڻهار (فيسبوڪي دوست) جو جهيڙو ٿي پيو..! ڪيئن ٿيو اهو ڪانڊيري ٻُڌايو ته : 
فيسبوڪي دوست : ادا عيد مبارڪ
ڪانڊيرو خان : ڇا جي عيد ؟

اڳتي پڙهو »

ماستر مجنون ۽ جي.آر



اڄ اوطاق ۾.

*******************

”هيلو ماستر مجنان “

”جي سَر..“

”ڪاٿي آهي ابا ؟“

”سَر آئون رئيس شاهو خان جي اوطاق ۾ تازي ڪُتيءَ کي پاڻي پيو پياريان..“

”ها... چڱو.. هاڻ هيئن ڪَر.. تون اڌ ڪلاڪ ۾ مون وٽ پهچ ٺپا ۽ جي.آر سميت..“

”حاضر سَر.. پر خئير ته آهي ؟“

”ڪالھ ايس.ايم.سي جي بجيٽ آهي تو واري اسڪول جو به فارم آهي سو ان تي صحيح ۽ ٺپو لڳائڻو آهي..“

”ٺيڪ آ سَر.. پر جي.آر ؟؟ “

”ابا ! اهو لازمي کڻي اچجانءِ فارم ۾ داخلائن جو تعداد به لکڻو آ.. “

”او ڪي سَر..“

”ابا.. هڪ ٻي ڳالھ ٻُڌ... رئيس شاھو خان کي چئجانءِ ته اي.ڊي.او صاحب توهان کي سلام پيو چوي.“

”اوڪي سَر..“

”رئيس وڏي جو خئير بابل.“

” ها ماستر.. ڪر خبر ڪنهن سان پئي يڪو بَڪ بَڪ ڪيئي ؟“

” سائين اهو اي.ڊي.او صاحب هو، وري ڪا فنڊ آئي هوندي ان لاءِ چوي ٿو ته ٺپا ۽ جي.آر کڻي آفيس ۾ اچ.“

” ٻيو ڪجهه ته ڪونه ڇيائين ؟؟“

”صاحب.. اهو.... توهان کي سلام پيو چوي..“

”هاهاهاها... معنيٰ ته ياري نڀائيندو اچي. ٺيڪ آ وڃ ۽ چئجانس ته 50 50 ڪري ۽ باقي ماسترن جا فائل آئون ڪمدار هٿان موڪليانس ٿو ۽ ٺپا به.. “

” هائو صاحب.! ۽ پاڻ وارو اي.ڊي.او ته نقلي صحيحون ڪرڻ جو ماهر آهي..“


اوطاق هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪن سان وسامي وئي..

اڳتي پڙهو »

فيسبوڪ ڪنهن جو غلام ؟؟


” ادا ڏي خبر تو وارو ٻوٿ بوڪ ڇا ٿو چوي“
”ٻوٿ بوڪ منهنجو ناهي.. اهو مارڪ زوڪ.... جو آ“
”نه ادا! پاڙي واري ڪامريڊ چيو پئي ته اسان ٻوٿ بوڪ کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو آ.“
” ادا ! انهن ڪامريڊن صرف پنهنجي سوچ کي غلام بڻايو آهي، انٽرنيٽ کي غلام نٿا بڻائي سگھن.“
”وري اها انٽرنيٽ ڪهڙي بلا آهي ؟“
”ٻوٿ بوڪ جي امڙ..“
”معنيٰ ته ٻارن ٻچن سميت خوار پيا ٿين“
”ڪير ؟؟“
”اهي جيڪي ٻين کي خوار ٿا ڪَن...“
”ادا! تنهنجون ڳالهيون سمجھڻ کان زور آهن.، موبائل تي پپو واڍي جي ڪال هوندئي اٽينڊ ڪرينس متان دلبرداشته ٿي ڪاوڙجي نه پوي.“....

اڳتي پڙهو »

گلڻ سنڌيءَ جي سوچ

اڇا انگريز آ ؟؟“

”نور ڀٽاري انگريز ٿئي، آهيس ڪو فرق ؟؟“
”مونکي لڳي ٿو ته اها ***** جي مائي اٿئي؟“
”نه ڙي با! اها انگريزياڻي اٿئي جيڪا سنڌي ويس ۾ آهي“
” آئون ڪيئن مڃان ؟؟“
”هي ڏِس هن جو پنهنجو کاتو اٿئي ڪتاب ۾ “
”يار ! توواري ڪتاب ۾ ته جنس تبديل ڪيل ماڻهو به آهن هي انهن مان ته ناهي،“
”مٺا ! جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ايترا سارا ڦوٽو ڇو موڪلي ها؟“
”هممم.. ڀلا ڏي خبر توسان به ياري رکي اٿس يا ٺلهو ڪتاب ۾ منهن پيو ڏسينس“
”مٺا ! انگريزن وٽ آزاد ماحول آ، باقي پنهنجي سنڌ ۾ ڪنهن “کولِي“ (پوڙهي) ماسترياڻي کي به السلام عليڪم چوندين ته ماڻهو چوندا اهو اٿئي، پوڙهين تي عاشق پٽ پيو وڃئي...“..

اڳتي پڙهو »

ڇا ڏٺو اٿئي


”مٺل! يار ڏي خبر ٻوٿ بوڪ ۾ ڪهڙي شئي ڏٺي ؟“
”هر شئي ڏٺي اٿم..“
”ڪٿي تون به ڪنهن ڀوريءَ جي چڪرن ۾ .....؟ هون ؟؟“
”نه ادا.. اهي ڀوريون اسان کان ڪوهين ڏور آهن، ويچاريون اسان جا جهيڙا ڏِسي ڀڄيو وڃن“
”ته پوءِ ڪا سنڌياڻي ؟؟؟“
”اسان سنڌي نياڻين کي تعليم ڏياريون ئي ڪونه، جي ڏيارينداسين ته انهن کي فيسبوڪ کان پري رکنداسين ته ڪٿي ڇو ري ڀڄي نه وڃي..“
”پر ادا اهي فيسبوڪ تي جيڪي آئي.ڊيز آهن اهي ڪير آهن ؟؟“
”وڏل! اهي ڇوڪرا اٿئي جيڪي جنس تبديل ڪن ٿا صرف واھ واھ جي لاءِ..“
”ڀلا ! ٻي ڏي خبر ! تو وارا يا ڪامريڊ ڇا ٿا چون؟“
” ڪامريڊ وري ڪهڙا ؟ ڪامريڊ اڳي هوندا هئاجيڪي ٻين جي خدمت ڪندا هئا، اڄوڪا ته صرف پنهنجي واھ واھ ۾ پورا آهن ۽ فيسبوڪ تي اسلام خلاف پوسٽ رکي پوءِ هڪ ٻئي کي پيا چوندا ته : ادا ڏٺئي مون واري پوسٽ؟؟ ساڍا سترنهن سئو لائيڪ ۽ 200 شئير ۽ ٽي هزارن کان مٿي ڪامينٽ اٿئي.. بس انهي تي پيا خوش ٿيندا ۽ ڪم ڪونه ڪندا..“

اڳتي پڙهو »