Ad 468 X 60

ڇا ڏٺو اٿئي


”مٺل! يار ڏي خبر ٻوٿ بوڪ ۾ ڪهڙي شئي ڏٺي ؟“
”هر شئي ڏٺي اٿم..“
”ڪٿي تون به ڪنهن ڀوريءَ جي چڪرن ۾ .....؟ هون ؟؟“
”نه ادا.. اهي ڀوريون اسان کان ڪوهين ڏور آهن، ويچاريون اسان جا جهيڙا ڏِسي ڀڄيو وڃن“
”ته پوءِ ڪا سنڌياڻي ؟؟؟“
”اسان سنڌي نياڻين کي تعليم ڏياريون ئي ڪونه، جي ڏيارينداسين ته انهن کي فيسبوڪ کان پري رکنداسين ته ڪٿي ڇو ري ڀڄي نه وڃي..“
”پر ادا اهي فيسبوڪ تي جيڪي آئي.ڊيز آهن اهي ڪير آهن ؟؟“
”وڏل! اهي ڇوڪرا اٿئي جيڪي جنس تبديل ڪن ٿا صرف واھ واھ جي لاءِ..“
”ڀلا ! ٻي ڏي خبر ! تو وارا يا ڪامريڊ ڇا ٿا چون؟“
” ڪامريڊ وري ڪهڙا ؟ ڪامريڊ اڳي هوندا هئاجيڪي ٻين جي خدمت ڪندا هئا، اڄوڪا ته صرف پنهنجي واھ واھ ۾ پورا آهن ۽ فيسبوڪ تي اسلام خلاف پوسٽ رکي پوءِ هڪ ٻئي کي پيا چوندا ته : ادا ڏٺئي مون واري پوسٽ؟؟ ساڍا سترنهن سئو لائيڪ ۽ 200 شئير ۽ ٽي هزارن کان مٿي ڪامينٽ اٿئي.. بس انهي تي پيا خوش ٿيندا ۽ ڪم ڪونه ڪندا..“

اڳتي پڙهو »

پاڪستان جون ڪجهه خوبصورت تفريحگاهون

جيڪڏهن خوبصورتي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته دنيا ۾ پاڪستان جو مَٽ ناهي، پاڪستان جي دلڪشي ۽ خوبصورتي هميشه کان سياحن کي پاڻ ڏانهن مُتوجّه ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان دهشتگردي جي ڪري پاڪستان ۾ سياحن جو اچڻ گھٽ ٿيو آهي پر پوءِ به پاڪستان جي خوبصورتي کي نقصان ناهي پهتو. پاڪستان ۾ گھڻيون ئي خوبصورت جايون مشهور آهن ، جن ۾ جَبَل، قدرتي نديون، درياءَ وغيره نمايان آهن . اڄ اسين پاڪستان جي صرف هڪ پهاڙي علائقي گليات ۾ موجود ڪجهه تفريحگاهن جو ذڪر ڪنداسين. گليات ٻن صوبن خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ ڦهيليل آهي ۽ هي صرف هن علائقي جي خوبصورتي جي جھلڪ آهي نه ته هتي ٻيون به خوبصورت تفريحگاهون موجود آهن.

اڳتي پڙهو »

فضائل و مناقب اهل بيت




سلسه نمبر 52

فضائل و مناقب
اهل بيت





جامع مسجد بابا حيدر شاھ، الهيار پاڙو ٽنڊوآدم، سانگھڙ، سنڌ، پاڪستان. 68050

www.qadriahasania.com






سيدنا علي ڪرم الله وجھه الڪريم

*۔۔۔ نبي اڪرم ﷺ جَن فرمايو الله کي آئون ۽ علي سڃاڻون ٿا ۽ مونکي الله ۽ علي سڃاڻن ٿا ۽ علي کي مونکان ۽ الله کانسواءِ ڪير به نٿو سُڃاڻي. (حقيقتِ گلزار صابري _ ص:6)

اڳتي پڙهو »

مونکي آدم خواب ۾ آيو

مونکي آدم خواب ۾ آيو


(تحرير: عبيدالله عبيد ٿهيم)

اچانڪ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻ تي هُن پڇيو !

“ ڇا ٿيو ؟”
“مونکي آدم خواب ۾ آيو” مون وراڻيومانس
“ ڇا ٿيس ! وري ڪو قرض وٺڻ آيو هو ڇا” هوءَ آدم کي گھٽ وڌ ڳالهائيندي رِلي پاڻ مٿان اوڍي سمهي رهي .. ۽ مونکي آدم جي اوچتي خواب ۾ اچڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو

اڳتي پڙهو »

فون نمبر متعلق ڪجهه حيران ڪندڙ حقيقتون.

هڪ دور ۾ انسان وٽ ڪو به اهڙو ذريعو نه هو جنهن سان هُو پنهنجي دوستن ۽ رشتيدارن جو حال احوال وٺي سگهي. اليگزينڊر گراهم بيل 2 جون 1875ع تي ٽيليفون ايجاد ڪري انسان جي ان محرومي کي ختم ڪيو ڇو ته هاڻ انسان ٽيلي فون سان پنهنجي ڳالهه پري پري جي ماڻهن تائين پهچائي پئي سگهيو. ۽ ان جي ڳالهه ٻڌي به سگهيو ٿي. هڪ حقيقت هي به آهي ته ٽيلي فون جي باني اليگزينڊر گراهم بيل ڪڏهن پنهنجي ماءَ ۽ گهر واريءَ کي فون نه ڪيو ڇو ته ٻئي ٻوڙيون (ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم) هيون. البته اها اليگزينڊر جي ايجاد ٻين جي زندگي جو اهم حصو ٿي پئي. ۽ هاڻي فون نمبر تقريباََ هر انسان لاءِ اهميت رکي ٿو. اڄ آئون توهان کي فون نمبر جي ايجاد سميت ان بابت ڪجهه حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون ٻڌائيندس ، جنهن جي توهان کي خبر به نه هوندي.


اڳتي پڙهو »

دنيا جا 10 بهترين تفريحي ماڳ

دنيا ۾ اڻ ڳڻيا تفريحي ماڳ موجود آهن۽ سڀئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. جيڪڏهن ڪي ماڳ خوبصورت آهن ته ڪجهه جو تاريخ سان گهرو تعلق آهي. پر ڪجهه ئي ماڻهو ان ڳالهه کان واقف هوندا ته دنيا جا سڀ کان وڌيڪ سهڻا تفريحي ماڳ ڪهڙا آهن ؟ انٽرنيٽ تي ڳولها ڪندي هڪ ويبسائيٽ ڏٺم جنهن هڪ فهرست ترتيب ڏني آهي جنهن ۾ بهترين تفريحي ماڳن جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. اها درجه بندي 2013 سال جي اهڙن تفريحي ماڳن تي مشتمل آهي جيڪا سياحن جي توجه جو مرڪز رهيا آهن.


دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي اُن فهرست ۾ تُرڪي جي گاديءَ جي هنڌ استنبول جو آهي جتي سياحن کي خوبصورت سُرمئي (نيري) مسجد ( Blue Mosque ) ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو.


اڳتي پڙهو »

خوفناڪ جايون ، جتي هاڻي ڪير به نٿو رهي.

السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو ! اميد ته خوش خيريت سان هوندا.
اڪثر ماڻهون اهڙن محلن، يادگار ۽ خوبصورت جڳهن جي سير ڪرڻ گھرن ٿا ، جنهن جون ماضيءَ سان ڪهاڻيون لاڳاپيل هجن. پر دنيا ۾ اهڙا به هنڌ آهن جيڪي ڪنهن دور ۾ آباد هئا ۽ هاڻي ويران نظر اچن ٿا ، انهن هنڌن جي ويراني ئي انهن کي خوفناڪ بڻائي ٿي.اڄ توهان کي ڪجهه اهڙن جڳهن جي باري ۾ ٻڌائيندس ۽ تصويرون به ڏيکاريندس.



هيءَ جيل پنسلوانيا جي علائقي Philadelphia ۾ 1829 ۾ کوليو ويو ۽ 1971 ۾ بند ڪيو ويو . هتي Willie Sutton (بينڪ ۾ ڌاڙو هڻندڙ) ۽ Al Capone (آمريڪي گينگسٽر) جهڙا قيدي رهايا ويندا هئا..

اڳتي پڙهو »