اگهاڙن ڦوٽوئن جو شوقين سنڌي
”ادا! او مٺا! او سهڻا او دلبر.. ڪجهه رحم ڪر آئون اهڙو ڪونه آهيان.. مون کي اگھاڙيون تصويرون ميسيجن ۾ نه موڪليو..“ڪوبه جواب نه آيو............... ڊگھي خاموشي...
تصوير ڪٽڻ جي ڪوشش ڪيم..
ٽڙون...!
مار!!!!!! هي همراه ته صفا مجبور آ...
لاڳيتيون 6 اگھاڙيون تصويرون اپلوڊ ڪيون اٿس.. افففففف
هن کي اَن فرينڊ ٿو ڪريانس نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري..
هڪ ڪلاڪ کان پوءِ...........
ٽڙون...........
اڙي ! هي همراه ته صفا ڪونه مُڙيو...
ٻيهر ميسيج ۾ تصويرون...
اڪائونٽ سيٽنگ مٽايان ته جيڪو دوست نه هجي اهو مونکي دعا سلام نه ڪري..
اجھو سيٽنگ ٿي وئي...
ٽڙون.........
اففففففففف......... هن مان ته لوھ ٿي ويس...
پليز اڪسيپٽ مائي فرينڊ رڪيسٽ، اڌر وائيز آئي ول بڌر يو.. (مهرباني ڪري دوستي قبول ڪر نه ته تنگ ڪري ڇڏيندوسانءِ)..........
”ابا! ڏاهو ٿي، مٿي تي سنڌي ٽوپي اٿئي ڪُلهن ۾ اجرڪ اٿئي، اڇو بوسڪي جو وڳو پاتل اٿئي پوءِ به اگھاڙيون تصويرون موڪلڻ کان مُڙين نٿو ؟“
”ڇا ڪريون سائين! فيسبوڪ آهي ئي ٽائم پاس جي لاءِ.........“
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
مختصر ڪهاڻيون
قومون ترقي ڪيئن ڪنديون ؟
==================انهن قومن ترقي ڪئي آهي جيڪي علم (خاص طور سائنسي علم) کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪري ويٺيون.
==================
۽ اسان جا سنڌي ويچارا ڪريڊٽ کڻڻ جي چڪرن ۾ نه ڪي ٻين تائين علم ڦهيلائين نه ڪي پاڻ ڪن.
ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا ته اسان فلاڻو ڪم ڪنداسين يا ڪريون پيا، پر اصل ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ناهي هوندي.
اردو ٻولي وارن انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو ساراهڻ جوڳو آهي پر اسان پنهنجي سڌين ڏانهن ڏسون ته انهن ڇا ڪيو آهي ؟؟ ڇا صرف ايم.بي سنڌي پروگرام کان سواءِ ٻيا پروگرام نه ٺهڻ گھرجن ؟؟
ڇا جيڪي سافٽويئر ٺهيا آهن اهي هن وقت ڪم اچن پيا ؟؟؟ هن سوال جو جواب نه ۾ آهي.. محترم علي حسن ملاح هڪ سافٽويئر ته ٺاهيو پر هاڻي غائب آهي.. اهو سافٽويئر ڪو خاص ته نه هو، ڇو ته جيڪي الف انب ٻي ٻڪري پڙهڻ وارا آهن اهي ته ڪمپيوٽر نٿا هلائي ڄاڻين ۽ جيڪي ڪمپيوٽر هلائين پيا انهن کي ته الف انب ٻي ٻڪري جي پوري پَٽي ياد آهي..
سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان اهم سافٽويئر ”او.سي.آر“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي.
ڪجهه سنڌين کان جڏهن پهرين پڇيم ته انهن چيو ته ”اهو ڪم اڃا اردوءَ وارن به نه ڪيو آهي اهو تمام ڏکيو ڪم آهي ۽ جڏهن اردوءَ وارن ڪيو تڏهن اسان به ڪنداسين“. جڏهن اردو جي فورمز تي رُڪنيت حاصل ڪيم ۽ انهن جي فورمز تي آئي.ٽي سيڪشن ۾ ويس ته خبر پئي ته او.سي.آر سافٽويئر 2010 ۾ ٺهي چڪو آهي ۽ اسان جا سنڌي ؟؟؟؟؟
آئي.ٽي متعلق سنڌسلامت ڊاٽ ڪام تي به کوڙ سارو مواد پيل آهي پر اسان جا سنڌي ان طرف ته لاڙو ئي نٿا ڪن !!
جيستائين اسان انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ قدم نه رکنداسين ته دنيا جي قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيئن هلنداسين ؟؟
اڳتي پڙهو »
فيسبوڪ ڪنهن جو غلام ؟؟
” ادا ڏي خبر تو وارو ٻوٿ بوڪ ڇا ٿو چوي“
”ٻوٿ بوڪ منهنجو ناهي.. اهو مارڪ زوڪ.... جو آ“
”نه ادا! پاڙي واري ڪامريڊ چيو پئي ته اسان ٻوٿ بوڪ کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو آ.“
” ادا ! انهن ڪامريڊن صرف پنهنجي سوچ کي غلام بڻايو آهي، انٽرنيٽ کي غلام نٿا بڻائي سگھن.“
”وري اها انٽرنيٽ ڪهڙي بلا آهي ؟“
”ٻوٿ بوڪ جي امڙ..“
”معنيٰ ته ٻارن ٻچن سميت خوار پيا ٿين“
”ڪير ؟؟“
”اهي جيڪي ٻين کي خوار ٿا ڪَن...“
”ادا! تنهنجون ڳالهيون سمجھڻ کان زور آهن.، موبائل تي پپو واڍي جي ڪال هوندئي اٽينڊ ڪرينس متان دلبرداشته ٿي ڪاوڙجي نه پوي.“....
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
اڄ اوطاق ۾
گلڻ سنڌيءَ جي سوچ
اڇا انگريز آ ؟؟“
”نور ڀٽاري انگريز ٿئي، آهيس ڪو فرق ؟؟“
”مونکي لڳي ٿو ته اها ***** جي مائي اٿئي؟“
”نه ڙي با! اها انگريزياڻي اٿئي جيڪا سنڌي ويس ۾ آهي“
” آئون ڪيئن مڃان ؟؟“
”هي ڏِس هن جو پنهنجو کاتو اٿئي ڪتاب ۾ “
”يار ! توواري ڪتاب ۾ ته جنس تبديل ڪيل ماڻهو به آهن هي انهن مان ته ناهي،“
”مٺا ! جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ايترا سارا ڦوٽو ڇو موڪلي ها؟“
”هممم.. ڀلا ڏي خبر توسان به ياري رکي اٿس يا ٺلهو ڪتاب ۾ منهن پيو ڏسينس“
”مٺا ! انگريزن وٽ آزاد ماحول آ، باقي پنهنجي سنڌ ۾ ڪنهن “کولِي“ (پوڙهي) ماسترياڻي کي به السلام عليڪم چوندين ته ماڻهو چوندا اهو اٿئي، پوڙهين تي عاشق پٽ پيو وڃئي...“..
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
اڄ اوطاق ۾
ڇا ڏٺو اٿئي
”مٺل! يار ڏي خبر ٻوٿ بوڪ ۾ ڪهڙي شئي ڏٺي ؟“
”هر شئي ڏٺي اٿم..“
”ڪٿي تون به ڪنهن ڀوريءَ جي چڪرن ۾ .....؟ هون ؟؟“
”نه ادا.. اهي ڀوريون اسان کان ڪوهين ڏور آهن، ويچاريون اسان جا جهيڙا ڏِسي ڀڄيو وڃن“
”ته پوءِ ڪا سنڌياڻي ؟؟؟“
”اسان سنڌي نياڻين کي تعليم ڏياريون ئي ڪونه، جي ڏيارينداسين ته انهن کي فيسبوڪ کان پري رکنداسين ته ڪٿي ڇو ري ڀڄي نه وڃي..“
”پر ادا اهي فيسبوڪ تي جيڪي آئي.ڊيز آهن اهي ڪير آهن ؟؟“
”وڏل! اهي ڇوڪرا اٿئي جيڪي جنس تبديل ڪن ٿا صرف واھ واھ جي لاءِ..“
”ڀلا ! ٻي ڏي خبر ! تو وارا يا ڪامريڊ ڇا ٿا چون؟“
” ڪامريڊ وري ڪهڙا ؟ ڪامريڊ اڳي هوندا هئاجيڪي ٻين جي خدمت ڪندا هئا، اڄوڪا ته صرف پنهنجي واھ واھ ۾ پورا آهن ۽ فيسبوڪ تي اسلام خلاف پوسٽ رکي پوءِ هڪ ٻئي کي پيا چوندا ته : ادا ڏٺئي مون واري پوسٽ؟؟ ساڍا سترنهن سئو لائيڪ ۽ 200 شئير ۽ ٽي هزارن کان مٿي ڪامينٽ اٿئي.. بس انهي تي پيا خوش ٿيندا ۽ ڪم ڪونه ڪندا..“
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
اڄ اوطاق ۾
پاڪستان جون ڪجهه خوبصورت تفريحگاهون
جيڪڏهن خوبصورتي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته دنيا ۾ پاڪستان جو مَٽ ناهي، پاڪستان جي دلڪشي ۽ خوبصورتي هميشه کان سياحن کي پاڻ ڏانهن مُتوجّه ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان دهشتگردي جي ڪري پاڪستان ۾ سياحن جو اچڻ گھٽ ٿيو آهي پر پوءِ به پاڪستان جي خوبصورتي کي نقصان ناهي پهتو. پاڪستان ۾ گھڻيون ئي خوبصورت جايون مشهور آهن ، جن ۾ جَبَل، قدرتي نديون، درياءَ وغيره نمايان آهن . اڄ اسين پاڪستان جي صرف هڪ پهاڙي علائقي گليات ۾ موجود ڪجهه تفريحگاهن جو ذڪر ڪنداسين. گليات ٻن صوبن خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ ڦهيليل آهي ۽ هي صرف هن علائقي جي خوبصورتي جي جھلڪ آهي نه ته هتي ٻيون به خوبصورت تفريحگاهون موجود آهن.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
رنگين دنيا.
فضائل و مناقب اهل بيت
سلسه نمبر 52
فضائل و مناقب
اهل بيت
جامع مسجد بابا حيدر شاھ، الهيار پاڙو ٽنڊوآدم، سانگھڙ، سنڌ، پاڪستان. 68050
www.qadriahasania.com
سيدنا علي ڪرم الله وجھه الڪريم
*۔۔۔ نبي اڪرم ﷺ جَن فرمايو الله کي آئون ۽ علي سڃاڻون ٿا ۽ مونکي الله ۽ علي سڃاڻن ٿا ۽ علي کي مونکان ۽ الله کانسواءِ ڪير به نٿو سُڃاڻي. (حقيقتِ گلزار صابري _ ص:6)
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سلسله نمبر
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)

رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي