Ad 468 X 60

اڊاب ڦوٽوشاپ سافٽويئر مفت ڊائونلوڊ ڪريو

اڊا ڦوٽو شاپ سِي ايس 5 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو. ميموري 100 ايم بي کان گھٽ .

اڊاب ڦوٽوشاپ سِي ايس 4 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.  ميموري 100 ايم بي کان گھٽ .

اڳتي پڙهو »

بيماري هڪ نعمت آهي.




ڪير نٿو ڄاڻي ته انسان کي امتحان مان گذرڻو پوي ٿو. ڪابه ڪاميابي آزمائش ۽ امتحان کان بغير حاصل ناهي ٿيندي. رهيو سوال ته امتحان ۽ آزمائش ڇا جِي ٿيندي ان سلسلي ۾ قرآن مجيد ۾ ارشاد رباني آهي:
وَ لَنَبۡلُوَنَّکُمۡ بِشَیۡءٍ مِّنَ الۡخَوۡفِ وَ الۡجُوۡعِ وَ نَقۡصٍ مِّنَ الۡاَمۡوَالِ وَ الۡاَنۡفُسِ وَ الثَّمَرٰتِ ؕ وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیۡنَ (البقره 155)
ترجمو: ۽ اسان توهان کي ڪجهه خوف ۽ بُک ۽ مال ۽ جانن ۽ ميوات جي نقصانن سان ضرور آزمائينداسين ۽ صبر

اڳتي پڙهو »

دنيا جا شاندار خوبصورت صدارتي محل

روس ۾ ڪريملين ، آمريڪا ۾ وائيٽ هائوس ۽ فرانس ۾ ايلزي پيلس شاندار پنهنجي جاءِ تي پر دُنيا جي ٻين مُلڪن جي صدرن جون رهائشگاهون به شان و شوڪت جي لحاظ کان گھٽ ناهن. اهڙن ڪجهه محلن جي باري ۾ اڄ آئون توهان کي ٻڌائيندس.

تُرڪ صدر جو ڪارو اڇو محلانقره ۾ تُرڪي ملڪ جي صدر جي لاءِ نئون “اڇو محل” تيار ڪيو ويو آهي ، هن عاليشان محل ۾ هڪ هزار ڪمرا آهن ، جنهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جتي جاسوسي وارا اوزار غير فعال ٿيو وڃن ۽ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي ايٽمي حملي کان محفوظ رکن ٿا. پرعدالت ۾ ڪجهه درخواستن باوجود تعمير ڪيل هِن محل کي سفيد محل بجاءِ ڪارو محل سڏين پيا.





پيٽرول جي چمڪ ڌَمڪقازقستان جي مرڪزي حڪومتي عمارت سڄي رات پنهنجو رنگ مٽائيندي رهندي آهي، هن صدارتي محل کي آمريڪا جي صدارتي محل “وائيٽ هائوس” جي بلڪل نقل ڪري ٺاهيو ويو آهي. خام مال جي لحاظ کان قازقستان ۾ حڪمران خاندان ملڪ جي اميرن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي آهي.




ترڪمانستان جو خواب محلاشڪ آباد ۾ ٺهيل سنهري گنبذ وارو صدارتي محل گاديءَ جي هنڌ جي سڀ کان شاندار عمارت آهي. هي محل تُرڪمانستان جو باني سڏيو ويندڙ “نيازوف” تعمير ڪرايو هو، جڏهن ته ان دور جو وزيرِ صحت “بردي محمدوف” هن وقت ملڪ جو صدر آهي . انهن 2007 ۾ صدارتي ڪُرسي سنڀالي . چوڻ وارا چون ٿا ته ملڪ جو صدر هڪ آمر آهي.



ڪييف جي وڏيراڻي رهائشگاهههي عاليشان محل فيبروري ۾ ملڪ مان فرار ٿيندڙ يوڪرائن جو صدر وڪٽوريا نوڪووچ تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو هو، ان جي فرار ٿيڻ کان پوءِ انٽرنيٽ تي ان محل بابت انٽرنيٽ تي تفصيل سامهون آئي آهي. 2007 ۾ صدارتي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ يانوڪووچ جو سڀ کان پهريون قدم اٺ ملين يورو جهڙي ڳري رقم جو هڪ فانوس گھرائڻ هو.





رومانيه جي سونهنهي تمام وڏي عمارت رومانيه جي گاديءَ جي هنڌ بخارسٽ جي وچ ۾ آهي . آمريڪي محڪمه دفاع مطابق 84 ميٽر ڊگھي ۽ ٻه لک پنجهٺ هزار چورس ميٽرن واري هن عمارت ۾ ٽي هزار ڪمرا آهن ، ۽ هي دنيا جي ٻين سڀ کان وڏي عمارت آهي جنهن کي 1984 ۾ رومانيه جي آمر حڪمران چائوشيسڪو پنهنجي قتل ٿيڻ کان 5 سال پهرين تعمير ڪرايو.




پيرس جي خوبصورتيپيرس جي “سين درياء” جي ڪناري تي بيٺل ايلزي پيلس ۾ وڃي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته عجائب گھر ۾ اچي وياسين، هن ۾ فن جا نادر نمونا ۽ تاريخي فرنيچر موجود آهي. هن جي تهه خاني ۾ ڪنڪريٽ جون ڀتيون ۽ فولادي دروازن پويان فرانس جو “جوهري ڪمانڊ سينٽر” قائم آهي.



ايران جي شاهي چمڪتهران جي ڏکڻ اوڀر ۾ سعد آباد جي علائقي ۾ اڳوڻي ايراني بادشاهه رضا شاهه پهلوي جا 18 محل موجود آهن، هي هڪ پاسي ته سرڪاري ڪمن ۾ استعمال ڪيو وڃن ٿيون ٻئي طرف رضا شاهه پهلوي انهن کي پنهنجي ذاتي رهائشگاهه طور به استعمال ڪندو رهيو، “گرين پيلس” کي رضا شاهه ۽ انهن کي گھر واري ثريا گرمين جي موسم ۾ رهائشگاهه طور استعمال ڪندا هئا.




دوحه عظيم جو محلهن محل ۾ قطر جو بادشاهه شيخ حماد بن خليفه الثاني رهائش پذير آهي، اولهه پاسي لاڙو رکندڙ الثاني 1996ع ۾ الجزيره نالي نشرياتي ادارو قائم ڪيو هو، پنهنجي خارجه پاليسي جي ڪري ايراضي جي حساب سان هن ننڍڙي ملڪ هلندڙ سالن ۾ خاصي توجه حاصل ڪئي آهي ۽ قطر ملڪ تي مختلف اسلام پسندن جي حمايت جا الزام به لڳايا ويا آهن.



اڪرا جو محلهي عاليشان محل گھانا جي صدر جو آهي، گهانا کي آفريڪا ۾ استحڪام ۽ اقتصادي ترقي جي نشاني طور ڏٺو وڃي ٿو، هي ملڪ سون جي آمدني جي حوالي سان مشهور آهي، ايستائين به ملڪ جا 23 ملين ماڻهون حڪومتي بدعنوانين ڪري غربت واري زندگي گذارين پيا.


اڳتي پڙهو »

حضرت سائين محمد حسن عباسي رحمت الله عليھ

جمالِ همنشين در من اثر ڪرده
وگرنه من هما خاڪم ڪه هستم
الله جي ولي حضرت سائين محمد حسن عباسي رحمت الله عليه، 12 ڊسمبر 2012 تي هن فاني جهان مان غالبن 95 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. سائين جن حضرت سائين مولانا حماد الله هاليجوي ۽ حضرت سائين مولانا احمد علي لاهوري رحمت الله عليه جن جا خليفا هئا. سائين جن جي زندگيءَ تي سندن خليفي مجاز مرشدنا حضرت سائين محمد يونس قادري صاحب هڪ ڪتاب نالي بطلِ جليل لکيو جيڪو اردو ٻوليءَ ۾ ڇپيو.
ان ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي سعادت منهنجي مرشد بابا سائين عبدالله عزيز ٿهيم کي نصيب ٿي.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ هن ناچيز (مون) ڪئي .
ڪتاب کي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ سيو ڪيو هو، جيڪو محترم محمدسليمان وساڻ کي اي ميل ڪيو هو. مون وٽ ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ فارميٽ ٿيڻ ڪري اهو پي.ڊي.ايف فارميٽ ۾ سيو ٿيل اڏامي ويو. خير ڪوشش ڪندس ته ان کي نئين سر پي ڊي ايف ۾ سيو ڪري اوهان سڄڻن تائين پهچايان.. 
حضرت سائين محمد حسن عباسي رحه (شاهپورچاڪر شريف وارا) جي آڊيو تقرير (موضوع سفرِ آخرت) ٻڌڻ لاهتي ڪلڪ ڪريو۔ 
موضوع الله جي قدرت ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع ٺڳي ۽ فريب ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع حق جي سُڃاڻ ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع ايمان ۽ تقوى ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع سُنت ۽ سيرت ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔
موضوع نماز ٻڌڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔

اڳتي پڙهو »

ڏياري مئگزين اپلوڊ ڪرڻ ۾ وقت لڳو........

رات کان فيسبُڪ تي ويهي ويهي آخر بيزار ٿي پيس ، ”رڳي فيسبوڪ تي ويٺو آهين! ٻيو ڪو ڌنڌو اٿيئ يا نه !؟“ ڪنهن دوست چيو ته مونکان ڇرڪ نڪري ويو ”واه جي ڳالهه ڪيئي ، ڪم آهي پر هينئر واپڊا وارا مهربان ٿي رهيا آهن (لائٽ وڃڻ واري آهي) سو في الحال فيسبوڪ تي ماڻهون ڏسي وٺان“ مون وراڻيو ”اڇا هڪ ڪم ڪندين !؟“ هن عرض واري لهجي ۾ چيو ” يار تووٽ ڪتابن جا ڍڳ پيل آهن انهن مان ڪا سٺي پوسٽ فيسبوڪ تي رک جيئن اسان به پڙهي سگھون“ ..
” ادا، ڳالهه ٻڌ ڪمپوزنگ مونکان به ڪانه ٿي پڃي باقي اگر ڪمپوز ڪري ڏين ته حاضر“ مون چيومانس
” هل ٺيڪ آ پهرين تو وٽ جيڪي ورڊ فارميٽ ۾ مئگزين پيل آهن انهن کي ته پي ڊي ايف ڪري رک باقي پوءِ ڏسنداسين“...
مونکي پوءِ ياد آيو ته هڪ دوست دليپ نجار مون کي اڳ ئي اهو ڪم چيو هو ، ڇو نه ڪتاب بلاگ تي رکان ....
ڪتاب رکڻ ڪو مسئلو ناهي، پر ان کي سيٽ ڪرڻ پي ڊي ايف ڪرڻ ۽ اپلوڊ ڪرڻ ۾ جيترو وقت ٿو لڳي اوتري دير ۾ اسان وٽ حيدرآباد واپڊا وارا مهربان ٿيو پونن... 
گھڻي ڪوشش کان پوءِ هي مئگزين جو لنڪ اوهان ڏانهن شيئر ٿو ڪريان . ڊائونلوڊ ڪري پڙهو....


اڳتي پڙهو »

احساس

تنهنجي چاهت جو جڏهن سج لهندو ته ان وقت منهنجي رُوح جو پکي آڪاش طرف پرواز ڪندو ۽ تُون تارا تڪيندي رهجي ويندئين .....پر پوءِ ڪهڙو فائدو ؟

اڳتي پڙهو »

اسلام زنده آباد

حضرت مولانا عبدالقدير حقاني (کيبر وارا) جي تقرير ٻڌڻ يا ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

وڌيڪ تقريرون انشاءَ الله هن بلاگ تي سينڊ ڪندس

اڳتي پڙهو »