Ad 468 X 60

دنيا جا 10 بهترين تفريحي ماڳ

دنيا ۾ اڻ ڳڻيا تفريحي ماڳ موجود آهن۽ سڀئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. جيڪڏهن ڪي ماڳ خوبصورت آهن ته ڪجهه جو تاريخ سان گهرو تعلق آهي. پر ڪجهه ئي ماڻهو ان ڳالهه کان واقف هوندا ته دنيا جا سڀ کان وڌيڪ سهڻا تفريحي ماڳ ڪهڙا آهن ؟ انٽرنيٽ تي ڳولها ڪندي هڪ ويبسائيٽ ڏٺم جنهن هڪ فهرست ترتيب ڏني آهي جنهن ۾ بهترين تفريحي ماڳن جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. اها درجه بندي 2013 سال جي اهڙن تفريحي ماڳن تي مشتمل آهي جيڪا سياحن جي توجه جو مرڪز رهيا آهن.


دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي اُن فهرست ۾ تُرڪي جي گاديءَ جي هنڌ استنبول جو آهي جتي سياحن کي خوبصورت سُرمئي (نيري) مسجد ( Blue Mosque ) ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو.


اڳتي پڙهو »

خوفناڪ جايون ، جتي هاڻي ڪير به نٿو رهي.

السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو ! اميد ته خوش خيريت سان هوندا.
اڪثر ماڻهون اهڙن محلن، يادگار ۽ خوبصورت جڳهن جي سير ڪرڻ گھرن ٿا ، جنهن جون ماضيءَ سان ڪهاڻيون لاڳاپيل هجن. پر دنيا ۾ اهڙا به هنڌ آهن جيڪي ڪنهن دور ۾ آباد هئا ۽ هاڻي ويران نظر اچن ٿا ، انهن هنڌن جي ويراني ئي انهن کي خوفناڪ بڻائي ٿي.اڄ توهان کي ڪجهه اهڙن جڳهن جي باري ۾ ٻڌائيندس ۽ تصويرون به ڏيکاريندس.



هيءَ جيل پنسلوانيا جي علائقي Philadelphia ۾ 1829 ۾ کوليو ويو ۽ 1971 ۾ بند ڪيو ويو . هتي Willie Sutton (بينڪ ۾ ڌاڙو هڻندڙ) ۽ Al Capone (آمريڪي گينگسٽر) جهڙا قيدي رهايا ويندا هئا..

اڳتي پڙهو »

مسلمانن جو هندستان جي آزاديءَ ۾ حصو



خلافت تحريڪ جي نشو و نما
مسلمانن جو هندستان جي آزاديءَ ۾ حصو
لطف الله بدوي​

ويهين صديءَ جي ابتدا ۾، هندستان جي مسلمانن، سر سيد مرحوم جي سياسي رنگ ۾، برطانوي حڪومت سان پوريءَ وفاداريءَ وارو تعاون ڪيو. سن 1913 ۾، مسلم ليگ پنهنجي لکنئو واري ٺهراءُ ۾ حڪومت کان فقط ‘مڪاني حڪومت’ جي تقاضا ڪئي. ان سان نئشنل ڪانگريس جهڙي اداري به ساڳي ئي طلب دهرائي. سن 1914 جي وچ ڌاري، پهرين مهاڀاري لڙائي يورپ ۾ ڇڙي پيئي، ترڪي حڪومت، ڪن سياسي مجبورين جي باعث، جرمنيءَ سان وڃي ملي. ترڪيءَ جي سلطان، جو ان وقت اسلامي دنيا جو خليفو پئي تسليم ٿيو، جهاد جي فتوا جاري ڪئي، جنهن تي ترڪيءَ جي شيخ الاسلام جي مهر موجود هئي. جهاد جي انهيءَ فتوا جي ڪري اسلامي ملڪن ۾ وڏو هيجان پيدا ٿيو ۽ ترڪن جي خلاف جنگ کي اسلام جي خلاف جنگ قرار ڏنو ويو. مولانا محمد عليءَ،

اڳتي پڙهو »

اڊاب ڦوٽوشاپ سافٽويئر مفت ڊائونلوڊ ڪريو 2

السلام عليڪم دوستو !
اڊاب ڦوٽوشاپ ، جيڪو ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، ان جا سڀئي ورشن توهان جي خدمت ۾ حاضر آهن. ڦوٽوشاپ جا 6،5 ۽ 4 ورشن جيڪي هاڻ استعمال ۾ نه ايندا آهن، ان کان علاوه سڀئي ورشن توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان.
پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

ڦوٽوشاپ سي.ايس 6 مڊل ايسٽ ورجن دائريڪٽ ڊائونلوڊ ڪريو هيٺ ڏنل لنڪ تان
http://qadriahasania.com/Photoshop_Portable_13.1.2_Multilingual.rar




اڳتي پڙهو »

تاريخي کنڊرات ۾ موجود لگزري هوٽل

ڇا توهان کنڊرات ۽ پراڻين غارن ۾ لگزري هوٽل جو وجود تصور ڪري سگهو ٿا ؟ اگر نه ته پوءِ اڄ هڪ شاندار هوٽل جي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ٿو .تُرڪي جي علائقي cappadocia ۾ موجود کنڊرات، غارن ۽ پراڻن جي گهرن جي مرمت ڪري ان کي لگزري هوٽل جي شڪل ڏني وئي آهي . ان پٿرن جي ڍانچي جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. هتي ڪنهن زماني ۾ فارسين جا گهر هوندا هئا، جڏهن ته شروعات ۾ هي غار عيسائي رومين جي رهائشگاهه هوندي

اڳتي پڙهو »

تاريخي تصويرون ، ايٽمي حملي کان وٺي ٽائٽنڪ جي .....

پوري دنيا ۾ تاريخي لمحن ۽ خاص موقعن جو تصويرون ڪڍي انهن کي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته اڪثر ماڻهو تاريخي جاين ۽ خاص موقعن سان محبت ڪندا آهن. ۽ پوءِ اهي ئي تصويرون قيمتي اثاثو به بڻجيو وڃن. اڄ آئون اوهان اڳيان انداز ميڊيا بلاگ ذريعي ڪجهه اهڙيون تصويرون ونڊ ڪري رهيو آهيان جيڪي تمام مشهور تاريخي تصويرون آهن. اهڙيون تصويرون شايد اوهان ڪڏهن نه ڏٺيون هجن.

اڳتي پڙهو »

هڪ اهڙو شهر جنهن کي توهان ڪڏهن وساري نٿا سگهو

هي شهر انتهائي خوبصورت آهي، پر هتي رهڻ يا وري ڪجهه ڏينهن لا تفريح وڃڻ تمام وڏي دليري جو ڪم آهي. هي ڪم صرف بهادر ماڻهو ئي سرانجام ڏئي سگهن ٿا. آئون ڳالهه ڪري رهيو آهيان روس جي شهر Yakutsk جي .
Yakutsk روس جي رياست Sakh جي گادي جو هنڌ آهي ۽ هي شهر آرڪٽڪ سرڪل جي ڏکڻ ۾ 280 ميلن تي واقع آهي . هن شهر کي دنيا جي ٿڌي ترين جڳهه قرار ڏنو ويو آهي.

هي شهر انتهائي خوبصورت آهي پر هن شهر جي گرمي پد وڌيل هئڻ ڪري سياح پري ڀڄندا آهن.

اڳتي پڙهو »