ڇونه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي
************ غزل ************
______ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ______
ڇو نه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي!،
پاڻ کي پاڻ ۾ گُم ڪجي...
چنڊ ويو آ لهي، سج به آيو نه آ،
رات جي سانت ۾ پاڻ کي گُم ڪجي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
شاعري,
لکڻيون
آئون ڪير آهيان؟
خبر اٿوَ آئون ڪير آهيان؟؟؟
آئون چريو آهيان..
ها ! اعتراف ٿو ڪريان ته چريو آهيان..
سماج جي گندگي کي صاف ته نٿو ڪري سگهان پر ان ۾ انٽريسٽ پيو وٺان..
آئون بيڪار آهيان..
غلاميءَ کي
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
لکڻيون,
مختصر ڪهاڻيون
مختلف ٻولين ۾ کيڪارڻ جو طريقو
سلام ڪرڻ (کيڪارڻ) مطلب اڳئين ماڻهون سان همدردي ڪرڻ آهي..
السلام عليڪم = توهان تي سلامتي هُجي
هاڻي توهان ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون توهانکي سنڌيءَ ۾ چوان ته ”توهان تي سلامتي هُجي“ ته توهان ڪيترا خوش ٿيندا ؟؟ يقنن توهان جي خوشي جي حد نه رهندي! ۽ توهان مونکي پنهنجو خيرخواھ سمجهندا..
اسان سنڌين وٽ اڳ ۾ سلام هوندو
فلاڻي جو خير = (فلاڻي جي جا تي اڳئين ماڻهون جو نالو ورتو ويندو هو ۽ اڃان به ماڻهون هڪ ٻئي ائين ئي کيڪاريندا آهن)
موٽ ۾ جواب ملندو هو ته ”توهان جو به خير“ ته ڏاڍي خوشي ٿيندي هُئي! ماڻهون سمجهندا هُئا ته سڄڻ ئي آهي جيڪو اسان جو خير ٿو گهُري.. !
پر !
اڄڪلهه سلام ڪرڻ جو نئون رواج ٿي پيو آهي..
حق موجود
سڀني سامهون ويٺلن کي کيڪارڻ لا چيو ويندو هو، پر هاڻي فون تي به اهوئي جملو ورجايو ويندو آهي..
هائي! Hi
انگريزي ٻولي ۾ کيڪارڻ جنهن جي معنيٰ آهي “ڀليڪار”..
نمستي
هندي ۾ کيڪارڻ! ۽ نمستي جي معني آهي ته ”آئون توهان جي اڳيان جهڪان ٿو“ ۽ موٽ ۾ به نمستي جواب ئي ڏنو ويندو آهي.
نِي هائو (Nǐ hǎo)
چائنيز ٻولي ۾ کيڪارڻ وقت ”نِي هائو“ ئي چوندا آهن ۽ موٽ ۾ به ساڳيو ئي جُملو ورجايو ويندو آهي. جنهن جي معني آهي ”ڇا حال آ“..
معلوم ٿيو ته اسان وٽ جيڪو عربي ۾ السلام عليڪم چيو ويندو آهي اُهو ئي بهتر آهي.. ! smile emoticon ڇو ته ٻين جي کيڪارڻ جو انداز ۽ معني السلام عليڪم کان بلڪل مختلف آهي..
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
لکڻيون
ڪورٽ ميرج
”جانان!“
”جيءُ..!“
”تنهنجي ياد ستائي پئي..! خبر ناهي ته پاڻ ڪڏهن رشتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجنداسين..“
”جڏهن خدا چاهيو!! پر مونکي نٿو لڳي ته ههڙي معاشري ۾ ٻڌجي سگھون..“
”ڇو؟؟ جڏهن مان توسان پيار ڪريان ٿو ۽ تون به مونسان بي_انتها محبت ٿي ڪرين ته پوءِ پاڻ ٻنهي کي ڪير روڪي سگھندو؟؟“
”ها!!! وڇوٽيون ئي پنهنجي نصيبن ۾ لکيل آهن، منهن تي مٺڙا اڪثر اندر جا ڪارا هوندا آهن.. تون سمجھين پيو نه!“
”ها سمجھان پيو..! پوءِ ؟؟ پاڻ انهن کي ليکيون ئي ڪونه... تون صرف هڪ ڀيرو دل ٻَڌي ڳالھ چور.. پوءِ سڀ ڪجهه اکين اڳيان هوندئي..!“
”ها پر آئون عورت ذات ٿي ڪري پنهنجي رشتي جي ڳالھ ڪيئن ته ڪريان؟؟“
”ڇو ؟؟ تنهنجيون ساهيليون، ڀينرون اُهي ڪهڙي ڏينهن ڪم ايندئي؟“
”انهن کي ڇَڏ... اهي ساهيليون صرف خوشيءَ جي موقعن تي ڪم آيون اٿم.. باقي ڏُکن ۾ ته پنهنجا به ڇڏي ويم..! بس هڪ تون ئي آهين سو به ڊپ اٿم ڪٿي تون به.............“
جملو اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيومانس...
”ائين نه سمجھ !! تون پرکي ڏِسجانءِ اگر ڪوڙو نڪران ته جيڪا سزا وڻئي سا ڏِجانءِ..“
”ڇڏ سزا کي..!“
”پوءِ ڪورٽ ميرج ڪريون؟؟ “
”ڇا ؟؟؟ هرگز نه .. آئون ڪڏهن به ماءُ پيءُ کي ڌوڪو نٿي ڏئي سگھان..“
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
لکڻيون,
مختصر ڪهاڻيون
شخص هڪڙو ياد آيو شام جو
شخص هڪڙو ياد آيو شـام جـــــو
.سهڻو سنهڙو ياد آيو شـــام جــــــو
،بئينج خالـــي جـي مٿان گلڙا ڏِسي
.جوڙ پنهنجو ياد آيو شـــام جـــــــو
،تون ٿئين مونکان جُدا ڇــو او پِرين ؟
.بخت بڇڙو ياد آيو شـــام جــــــــو
سيءُ ويلي جسم تنهنجي تي ڍَڪِيَل
.رئو سنهڙو ياد آيو شـــــام جـــــــو
،ڳل گلابـــي ، اک شرابـــــي زلف ۽
.چنڊ جهڙو ياد آيو شـــام جــــــــو
،ســـج لڙيو، لڙڪ لڙيا اڄ عـبيـــد
،پيار اهڙو ياد آيو شـــــــام جـــــو
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
شاعري
پاڻ کي پاڻ ۾ گُم ڪجي...
************ غزل ************
______ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ______
ڇو نه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي!،
پاڻ کي پاڻ ۾ گُم ڪجي...
چنڊ ويو آ لهي، سج به آيو نه آ،
رات جي سانت ۾ پاڻ کي گُم ڪجي.
مُون اوڄاڪو اٿم زندگي، زندگي،
نيڻ آهن ٿڪل نيڻ کي چُم ڪجي...
آءُ اوري مِٺي تو بِنا هِيءُ سڄي،
ڪيئن ڪٽيان زندگي ؟ ڏَس ڇا ڪم ڪجي..!
هيل وقت آ ويو، نيٺ ايندو وري،
مينهن ۾ ڀاڪُرين توکي صَنّم ڪجي..
ضبط تون ٽوڙ ڀي ڪجهه ته ڪُڇ اڄ عبيد،
اچُ ته مُسڪرائجي، اڄ نه اک نَم ڪجي...
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
شاعري
دنيا جا بلندترين خوبصورت هوٽل.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هن وقت بلند ترين عمارتن جي تعمير تيزي سان جاري آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪا به بلند ترين عمارت وڌيڪ عرصي تائين پنهنجو رينڪ نٿي رکي سگھي جيڪا بلندي تي ان کي حاصل هجي ٿي. پر ڳالهه صرف ايستائين ئي ناهي بلڪه هن وقت دنيا جي ڪئين ملڪن ۾ بلند ترين عمارتن کان علاوه بلند ترين هوٽل به موجود آهن. هي هوٽل سڄو سال سياحن جي توجه جو مرڪز رهندا آهن جنهن جو سبب هڪ ته انهن جي اوچائي ۽ ٻيو هتي موجود پرتعيش سهولتون هُجن ٿيون. اڄ جي مضمون ۾ توهان کي دنيا جي ڪجهه بلند ترين هوٽلن جو دلچسپ احوال ٻڌائيندس.
Courtyard/Residence Inn
هي ٻه هوٽلن تي مشتمل بلند ترين عمارت نيويارڪ جي شهر ۾ آهي ۽ هن عمارت جي ڊيگهه 754 فٽ آهي. هي عمارت مڪمل طور شيشي
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
رنگين دنيا.
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)





رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي