عيد ۽ فيسبوڪي مڱڻهار
اڄ اوطاق ۾
*****
اڄ اوطاق ۾ ڪانڊيري خان ۽ مٺو مڱڻهار (فيسبوڪي دوست) جو جهيڙو ٿي پيو..! ڪيئن ٿيو اهو ڪانڊيري ٻُڌايو ته :
فيسبوڪي دوست : ادا عيد مبارڪ
فيسبوڪي : مسلمان ناهين ڇا ؟؟
ڪانڊيرو : آهيان پر عيد وري ڪهڙي ؟ اها ته هاڻ وئي آ، وڏو گوشت ڍوَ تي کاڌوسين..
فيسبوڪي : لک لعنت هُجئي!! توکي اها خبر ناهي ته اڄ عيدميلاد النبي آ..!؟
بس پوءِ مونکي به دل ۾ ڌڪ لڳو..! ماڻهون مفت جي بجلي سان گھر ۽ مسجدون روشن ڪري، سڄي رات نعتون ڳائي صبح اُٿي اُٺن تي سواري ڪري شهر ۾ گشت ڪري ناچ ڪري حلوا ۽ پوريون کائي ڀڀ ڀري ڏاڪار ڏَئي پنهنجو پاڻ کي ڪهڙو مسلمان ثابت پيا ڪَن ؟
ائين نه اسلام جيئن انڌا تو اپنايو..
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
اڄ اوطاق ۾ مختصر ڪهاڻيون
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: