دنيا جا بلندترين خوبصورت هوٽل.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هن وقت بلند ترين عمارتن جي تعمير تيزي سان جاري آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪا به بلند ترين عمارت وڌيڪ عرصي تائين پنهنجو رينڪ نٿي رکي سگھي جيڪا بلندي تي ان کي حاصل هجي ٿي. پر ڳالهه صرف ايستائين ئي ناهي بلڪه هن وقت دنيا جي ڪئين ملڪن ۾ بلند ترين عمارتن کان علاوه بلند ترين هوٽل به موجود آهن. هي هوٽل سڄو سال سياحن جي توجه جو مرڪز رهندا آهن جنهن جو سبب هڪ ته انهن جي اوچائي ۽ ٻيو هتي موجود پرتعيش سهولتون هُجن ٿيون. اڄ جي مضمون ۾ توهان کي دنيا جي ڪجهه بلند ترين هوٽلن جو دلچسپ احوال ٻڌائيندس.
Courtyard/Residence Inn
هي ٻه هوٽلن تي مشتمل بلند ترين عمارت نيويارڪ جي شهر ۾ آهي ۽ هن عمارت جي ڊيگهه 754 فٽ آهي. هي عمارت مڪمل طور شيشي
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
رنگين دنيا.
مختلف ملڪن جي باري ۾ حيرت انگيز حقيقتون
سڄي دنيا ۾ هن وقت تقريبن 196 ملڪ آهن ۽ سڀني ملڪن جي باري ۾ هر قسم جي معلومات پهچائڻ هڪ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ به آئون توهان کي اڄ دنيا جي ڪجهه اهڙن ملڪن جي باري ۾ ٻڌائيندس جيڪي انتهائي حيرت انگيز حقيقتن جا مالڪ آهن ۽ تمام گھٽ ماڻهو انهن حقيقتن کان واقف آهن.
Most Likely to Disappear beneath the waves
جڏهن اسين گلوبل وارمنگ ۽ سمنڊ جي سطح وڌڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته هي مالديپ جي رهائشين لاءِ خطري جي گھنٽي هُجي ٿو. مالديپ سمنڊ جي سطح کان 1.8 ميٽر مٿي آهي ۽ هي سطح سمنڊ جو سڀ کان هيٺيون هنڌ پڻ آهي. ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن سمنڊ جي سطح ۾ ائين ئي اضافو ٿيندو رهيو ته ايندڙ 100 سالن ۾ هي ٻيٽ مڪمل غائب ٿي ويندو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
رنگين دنيا.
ڪرنٽ
ڪرنٽ
**نسيم کرل**
مان ھن سان ڪاوڙجي اچي ڊرائنگ ۾ ديوان تي سمھيو آھيان. منھنجو سمورو جسم اگھاڙو آھي، پر اھو ھن ورھ پاري ۾ بھ کوري جيان پيو ٻري ۽ سموري جان مان پگھر پيو ٽمي. ھنن وڏين فرانسيسي درين مان ايندڙ ٿڌي ھوا جا جھوٽا بھ منھنجي جان کي ڪونھ ٿا ٺارين، پر رھندو اندر جي باھ کي پيا ڀڙڪائن. ھھڙيون ٿڌيون راتيون ديوان تي اڪيلي سمھڻ لاءِ ڪونھ آھن. ھھڙين راتين ۾ تھ ڪو وڪٽورين ٽائيپ ڊبل بيڊ ھجي، جنھن ۾ ٻھ جوان گرم جسم ھجن ۽ جن جون دليون ھڪ سر ھڪ تال ۾ پيون ڌڙڪن. منھنجي ڪمري ۾ اھڙو وڪٽورين بيڊ بھ آھي ۽ ان ۾ ھڪ جوان جسم بھ آھي، پر مان ھن سان ڪاوڙجي اچي ديوان تي سمھيو آھيان.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
چونڊ ڪهاڻيون
خوبصورت غارون، جن کي ڏسندي ئي ساھ رُڪيو وڃي.
زمين ۾ قدرتي طور تي موجود خالي جايون جتي انسان آساني سان داخل ٿي سگھي غار سڏبيون آهن. پوري دنيا ۾ هزارين غارون موجود آهن، هي غارون مختلف زميني حرڪتن جي ڪري وجود ۾ اچن ٿيون. اڪثر غارون چُن جي پٿر تي مشتمل هجن ٿيون، پر انهن ۾ چاڪ، جپسم، لوڻ، سنگ مرمر وغيره جي پٿرن وارون غارون به ملن ٿيون. ان کان علاه سمنڊ خاص طور تي ساحلي علائقن ۽ گليشئير وغيره ۾ غارون هُجن ٿيون. هتي آئون توهان کي دنيا جي مختلف حصن ۾ موجود خوبصورت ۽ منفرد غارن جون تصويرون ۽ ان متعلق معلومات ٻڌائيندس.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
رنگين دنيا.
تعليم جي سمنڊ ۾ ويٺل واڳون.
هڪ ڀيري ڪُڪڙ کي ٿيو مٿي جو سُور، ويچاري جون ٻه ڏينهن ٽي ٻانگون ئي بند ٿي ويون، نه ڪي پنهنجو پاڻ کي وڻي نه ڪي ٻين کي وڻي، روز ويچارو سور جون دانهون ڪندو هو ، پوءِ هڪ ڏينهن غور ويچار ڪيائين ته سُور ڪٿان پيو ؟ ڇو پيو ؟ ڪهڙو سبب هو جنهن ڪري سور پيو.؟ چوندا آهن ته زمين کي کوٽينداسين ته جَر نڪرندو ۽ پوءِ خبر پوندي ته پاڻي ڪٿان ٿو اچي، چور جيڪڏهن چوري ڪري ٿو وڃي ته ڀاڳيا ۽ پيري ان جو پير کڻندا آهن ته
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
مختصر ڪهاڻيون
ماستر مجنون ۽ جي.آر
اڄ اوطاق ۾.
*******************
”هيلو ماستر مجنان “
”جي سَر..“
”ڪاٿي آهي ابا ؟“
”سَر آئون رئيس شاهو خان جي اوطاق ۾ تازي ڪُتيءَ کي پاڻي پيو پياريان..“
”ها... چڱو.. هاڻ هيئن ڪَر.. تون اڌ ڪلاڪ ۾ مون وٽ پهچ ٺپا ۽ جي.آر سميت..“
”حاضر سَر.. پر خئير ته آهي ؟“
”ڪالھ ايس.ايم.سي جي بجيٽ آهي تو واري اسڪول جو به فارم آهي سو ان تي صحيح ۽ ٺپو لڳائڻو آهي..“
”ٺيڪ آ سَر.. پر جي.آر ؟؟ “
”ابا ! اهو لازمي کڻي اچجانءِ فارم ۾ داخلائن جو تعداد به لکڻو آ.. “
”او ڪي سَر..“
”ابا.. هڪ ٻي ڳالھ ٻُڌ... رئيس شاھو خان کي چئجانءِ ته اي.ڊي.او صاحب توهان کي سلام پيو چوي.“
”اوڪي سَر..“
”رئيس وڏي جو خئير بابل.“
” ها ماستر.. ڪر خبر ڪنهن سان پئي يڪو بَڪ بَڪ ڪيئي ؟“
” سائين اهو اي.ڊي.او صاحب هو، وري ڪا فنڊ آئي هوندي ان لاءِ چوي ٿو ته ٺپا ۽ جي.آر کڻي آفيس ۾ اچ.“
” ٻيو ڪجهه ته ڪونه ڇيائين ؟؟“
”صاحب.. اهو.... توهان کي سلام پيو چوي..“
”هاهاهاها... معنيٰ ته ياري نڀائيندو اچي. ٺيڪ آ وڃ ۽ چئجانس ته 50 50 ڪري ۽ باقي ماسترن جا فائل آئون ڪمدار هٿان موڪليانس ٿو ۽ ٺپا به.. “
” هائو صاحب.! ۽ پاڻ وارو اي.ڊي.او ته نقلي صحيحون ڪرڻ جو ماهر آهي..“
اوطاق هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪن سان وسامي وئي..
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
اڄ اوطاق ۾
سوڪوٽرا جزيرا : هڪ الڳ دنيا
سوڪوٽرا جا جزيرا آفريڪا جا اهي جزيرا آهن جيڪي هڪ الڳ دنيا جو ڏيک ڏين ٿا۔ چئن جزيرن تي مشتمل هي دنيا گهڻو عرصو دنيا کان ته الڳ هئي پر آفريڪا کان به ڪٽيل هئي۔ پر هاڻي هي هڪ خوبصورت جنت جو ڏيک ڏين ٿا۔ هتي ڪجهه اهڙا به وڻ ۽ ٻوٽا به ملن ٿا جيڪي عجيب ۽ غريب هجڻ سان گڏ دنيا ۾ ٻئي هنڌ نه ٿا ملن۔ انهن مان ڪجهه کنڀي نما ٻوٽا ۽ ٻيا ٿلهي ٿڙ وارا ٻوٽا ڪنهن عجوبي کان گهٽ ناهن۔هتان جي موسم سخت گرم ۽
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
رنگين دنيا.
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)


رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي