Ad 468 X 60

تعليم جي سمنڊ ۾ ويٺل واڳون.


هڪ ڀيري ڪُڪڙ کي ٿيو مٿي جو سُور، ويچاري جون ٻه ڏينهن ٽي ٻانگون ئي بند ٿي ويون، نه ڪي پنهنجو پاڻ کي وڻي نه ڪي ٻين کي وڻي، روز ويچارو سور جون دانهون ڪندو هو ، پوءِ هڪ ڏينهن غور ويچار ڪيائين ته سُور ڪٿان پيو ؟ ڇو پيو ؟ ڪهڙو سبب هو جنهن ڪري سور پيو.؟ چوندا آهن ته زمين کي کوٽينداسين ته جَر نڪرندو ۽ پوءِ خبر پوندي ته پاڻي ڪٿان ٿو اچي، چور جيڪڏهن چوري ڪري ٿو وڃي ته ڀاڳيا ۽ پيري ان جو پير کڻندا آهن ته

 وڌيڪ پڙهو..

چور اصل ۾ آيو ڪهڙي گس کان ؟ ته اسان جي تعليم کاتي جي حالت به اهائي آهي، ڪاپي ڪلچر ! ڇو آيو ؟ ڪٿان آيو ؟ ڪيئن آيو ؟

ڪاپي (نقل) ته سنڌسميت پوري پاڪستان ۾ عام جام آهي، ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڀيري ڪنهن مُلڪ وارن پاڪستان ملڪ کي ڪا شئي بطور چيلينج پيش ڪندي چيو ته اهڙي شئي توهان هرگز نه ٺاهي سگھندا، پاڪستانين ته في الحال حامي ڀري پوءِ جڏهن ڪم جو وقت آيو ته سڀ ئي هڏ ٽوٽي ٿي پيا، پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته واقعي به اهڙي ته شئي نه ٺهندي ڇو نه ان جو نالو مٽائي ميڊ ان پاڪستان جو ٺپو هڻي موڪليون.. پوءِ ائين ئي ڪيائون ۽ واھ واھ تي خوش ٿي ويا..

ته ڪاپي ڪلچر جي شروعات اسان جي پرائمري تعليم کان ٿي آهي، پنجين درجي وارن کي ته جوڙ ڪٽ به نٿي اچي اها حالت آهي سنڌ جي ٻهراڙي وارن اسڪولن جي، ته پوءِ تعليم جو ٻيڙو ٻڏندو نه ته ترندو ؟ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻو آهي ته مٿان آسمان تان ڪو ايڪشن نه ايندو ! بلڪي اسان جي سنڌجي اي.ڊي.اوز ۽ بالاآفيسرن کي ئي سڌارڻو پوندو..

هئي ڙي هئي! بالاآفيسر ۽ اي.ڊي.اوز سان ياد آيو ته هڪ آفيسر ڳالهه ڪئي ته اسان جي سيٽ وارن کي ئي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ حساب نٿا اچن ته اهو ڌُوڙ تعليم طرف ڌيان ڏيندا. اهي ويچارا صرف پگھارون + بجيٽون هڙپ ڪرڻ لاءِ تعليم جي وسيع سمنڊ ۾ واڳون بڻجي ويٺل آهن.

ته بالا آفيسرن کي سڌارڻ جو مطلب ته انهن کي سمجهائڻو پوندو ته توهان پنهنجي ماتحت عهديدارن سپروائيزرن تي سختي ڪريو ته مونکي مهيني ۾ رزلٽ کپي، پوءِ ڏسو ته گھرن ۾ سُتل سپروائيزر ڪيئن ٿا اُٿي ڪم ڪن، جڏهن سُپر وائيزر اُٿياته اهي ماسترن تي سختي ڪندا ته اسان کي رزلٽ کپي، جڏهن ماسترن تي وزن ايندو ته اهي پاڻهي ئي شاگردن تي سختي ڪندا ته محنت سان پڙهو ۽ اسان اڇي ڏاڙهيءَ وارن جي بيستي (بيعزتي) نه ڪرايو، جڏهن ٻارن تي وزن ايندو ته ٻار بجاءِ راند روند جي پڙهڻ ۾ مشغول رهندا.



سڀ کان اول اسان کي پرائمري جي پهرين ڪچي ڪلاس (الف بي پَٽي) چڱي ريت پڙهائڻي پوندي (جيڪا اڪثر ماسترن کي به صحيح نٿي اچي). آواز ، زبرون ، زيرون، پيشون، مدون، غنون وغيره جا آواز ٻارن کي سيکارڻا پوندا ، انهن تي ايتري ته محنت ڪرائڻي پوندي جو ٻار جڏهن پهرين پڪي ڪلاس ۾ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا سبق روانيءَ سان پڙهي وڃي بغير هجي ڪرڻ جي. پر ادا ! اها محنت ڪير ڪندو ؟؟ ماستر ؟ اهو ته مهاجر آهي ان کي سنڌي صرف پنهنجي دوڪان هلائڻ مهل ايندي آهي اسڪول ۾ پڙهائڻ مهل نه.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: