جمن عُرف جِمي
"توھانجي تعليم؟" ڪُرسيءَ تي ويٺل پڇيس
'مان ايم.اي پيو ڪريان' پتلُون ۾ ملبوس ھمراہ ڳچيءَ ۾ پيل ڳارو (ٽائي) سؤلو ڪندي فخر سان وراڻيو، ٻيھر ڪُرسيءَ تي ويٺل ٿُلھي ڦيڦي ھمراہ پڇيس "ھاڻ ڪَر احوال، ڇا ڪندو آھين؟"، پتلون واري چَپَ ٽيڙي چيوسر "سر مان گوھرشاھ پبلڪ اسڪول جو پرنسيپل آھيان." ٿُلھي صاحب برطانوي عينڪ ڳچيءَ مان ڪڍي نَڪ تي چاڙھيندي چيس "ھممم.. اڳتي حوال ڏي، وقت گھٽ آ"،
پتلون ۾ ملبوس مُحمدجُمن عُرف جِمِي ( سنڌ جي ٻھراڙي ۾ اصلي نالن بجاء کريل نالا سڏيا وڃن ٿا، ھُو بي.اي پاس ھو انڪري سندس نالو جِمِي ھو نہ تہ جُمُون ھُجيس ھا)، ڪُرسيءَ تي سِڌو ٿِي سِيٽجي ڳالھ پُوري ڪرڻ لڳو "سر، مان گوھر شاھ پبلڪ اسڪول تعلقي سانوڻ آباد جو پرنسيپل آھيان،" ٿُلھي صاحب ڏانھن خار مان نھاريو پر ھُن ڳالھ جاري رکندي چيو "سر، اسانجي ڳوٺ ۾ چار اسڪُولون آھن، ۽ ڳوٺ جي ٻين اسڪولن جي حالت بيڊ آ، دئٽس وائي توھان کي عرض آ تہ اڌرس اسڪولون بند ڪرايو، اِھو رئيس رحمت علي خان صاحب چوائي موڪليو آ."
صاحب پھرين تہ ڪاوڙ ۾ ڏانھنس نھاريو جو ھُو سنڌي ۽ انگريزي گڏائي ڳالھائي ڳالھائي رھيو ھو، پر رئيس رحمت عليءَ جو حڪم ھو، پَين سان سرڪاري ڪاڳر تي صحيح ڪندي اکين تان چشمو لاٿس ۽ جِمِي کي يقين ڏياريندي چوڻ لڳو "ٺيڪ آ، تون ڀلي وڃ مان ھفتي اندر ٽيم موڪلي باقي اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندس.."
جِمِي نِوڙِي ڪُرسي تان اُٿندي "ٿئنڪس سر" چيو، دَر تي بيٺل پٽيوالي دَرَ کوليو ۽ جِمِي رئيس رحمت عليءَ جي ڳاڙھي پراڊو ۾ چڙھي "ريجنل ڊائريڪٽر آف پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ" جي آفيس جي احاطي مان ائين گُم ٿي ويو ڄڻ آيو ئي نہ ھو.....
٪منھنجي لکيل ھڪ پراڻي ڪھاڻي مان اقتباس....
ڪھاڻيون ڪوڙيون، من گھڙت
ڪھاڻيون بيشڪ ڪوڙيون، من گھڙت ھونديون آھن، پر اُھي ڪنھن ٻُڍڙيءَ جِي فرياد، ڪنھن جوان جا جذبا ۽ ڪنھن سانوريءَ جون اُس ۾ اُڀ ڏاريندڙ آھون دُنيا جي گُونگن ۽ ٻوڙن ماڻھن لاءِ ھڪ سبق ھونديون آھن ۽ پڙھندڙ صِرف من گھڙت ڪھاڻي سمجھي پڙھڻ کان پوء پنا رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيندا آھن...
آل رائونڊر ڇو؟؟
اسان پاڪستاني آل رائونڊر ڇو آھيون؟ ڪڏھن سوچيو اٿوَ؟
آل رائونڊر جو مطلب اھو ناھي تہ صرف ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ھجي، بلڪہ دنيا جي ٻين ڪمن ۾ بہ..
سو صاحب... وڏو سبب پيٽ بُکيو آھي، جنھن ڪري اسان آل رائونڊر آھيون.
نالا پنھنجي اسٽيٽس مطابق..
ڇا توھان ڪڏھن غور ڪيو آھي تہ ماڻھو نالا پنھنجي اسٽيٽس جي حساب سان رکندا آھن ؟ توھان ڏٺو ھوندو تہ ڪنھن مولوي جي پٌٽ جو نالو صفا اسلامي ھوندو ، ڪڏھن بہ مولوي جي پٽ جو نالو "جِمي"، 'پپو'، "سمير" نہ ھوندو، ابتڙ نالا ڪجھ ھيئن ھوندا ، 'عبيداللہ'، سميع اللہ ، ابوبڪر، محمدعلي وغيرہ.. اھلِ تشيع ۾ ڏسو، انھن جا نالا ڪجھ ھيئن ھوندا آھن غضنفرعباس، علي عباس، جوادحسين، اسدحسين وغيرہ ... وري توھان غريب سنڌين جا نالا ٻُڌو، جمون، ڪرڙ، شمن، شادو، خادُو، عدُل وغيرہ ... مڊل ڪلاس وارن جا نالا، سمير، فواد، احسن، باسط وغيرہ.. اپر ڪلاس جي ماڻھن جا نالا، جواد خان، سلمان خان ، ايمان علي، فراز خان وغيرہ...
تہ چوڻ جو مطلب، اسان نالا ائين ڇو رکندا آھيو ن؟ ڇا نالا رکڻ سان ماڻھو اھڙو ٿيو پوي؟ جيئن نالو آ 'اسد' مطلب شينھن ۽ ھمراہ صفا ڊٻرو... اسان نالن ۾ ڇو اڙجي بيٺا آھيون؟
رات، چنڊ ۽ تون....
رات جِي ٿڌڙي پھر ۾، ڳوٺ جي ٻنين مان ايندڙ مِٽيءَ جو ھُڳاءُ ۽ آسمان تي ڀڳل چُوڙيءَ جھڙو چَنڊُ تُنھنجِي ياد ڏيارين پيا. او بي-وجود محبوب ! ڪڏھن تہ ڀُلجي وُجود جِي چادر اوڍي رات جِي سانتَ ۾ ملڻ بہ اچ..
ڇا توھان غور ڪيو آھي؟
ڇا توهان غور ڪيو آهي ته اڪثر سنڌو ديش جا نعرا هڻڻ وارا ٻاهرين مُلڪن ۾ ٿا رهن.. ؟؟
بغاوت لاءِ ڀڙڪائيندڙ ٻاهرين مُلڪن ۾ عياشيون پيا ڪَن ۽ هِتي سٻاجھڙا سِنڌي بيگناھ پيا ڪُسجن. سِنڌي به هُش تي خوش، دُور انديشي نه اٿن تڏهن ته پيا سِنڌ کي ٻاهرين مُلڪن مان ويهي تباھ ڪَن.. اڪثر تعليم يافته نوجوان ڪُهائي ڇڏيائون، باقين کي جيلن ۾ واڙائي ڇڏيائون.. هِي ڪَن ڇا پيا ؟؟
سِنڌ کي سنڌين مان ئي خطرو آهي اِهو ياد رکجو.
ٻہ اکر
توھان ڪڏھن غور ڪيو آھي؟
تہ ڪتابن جي شروعاتي صفحن تي جيڪي "ٻہ اکر" لکيل ھوندا آھن، سي حقيقت ۾ ٻن صفحن کان بہ وڌيڪ ھوندا آھن...
ٻہ اکر تہ......... ھوندا آھن. :p

رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي