Ad 468 X 60

بيماري هڪ نعمت آهي.




ڪير نٿو ڄاڻي ته انسان کي امتحان مان گذرڻو پوي ٿو. ڪابه ڪاميابي آزمائش ۽ امتحان کان بغير حاصل ناهي ٿيندي. رهيو سوال ته امتحان ۽ آزمائش ڇا جِي ٿيندي ان سلسلي ۾ قرآن مجيد ۾ ارشاد رباني آهي:
وَ لَنَبۡلُوَنَّکُمۡ بِشَیۡءٍ مِّنَ الۡخَوۡفِ وَ الۡجُوۡعِ وَ نَقۡصٍ مِّنَ الۡاَمۡوَالِ وَ الۡاَنۡفُسِ وَ الثَّمَرٰتِ ؕ وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیۡنَ (البقره 155)
ترجمو: ۽ اسان توهان کي ڪجهه خوف ۽ بُک ۽ مال ۽ جانن ۽ ميوات جي نقصانن سان ضرور آزمائينداسين ۽ صبر
ڪرڻ وارن کي خوشخبري ڏئي ڇڏيو.


گوياڪه آزمائش ۾ جان جو نقصان به شامل آهي، اهو موت جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن بيماري جي صورت ۾ اها وجهه آهي ته بيماري کي رحمتِ الاهي جو ذريعو ۽ ترقيءَ جي درجن جو هڪ ڏاڪو قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪابهٿ بيماري نه لڳي هجي ته ان کي محروم سعادت چيو ويو آهي. بيشڪ تندرستي به هڪ نعمت آهي پر بيماري به نعمت عظميٰ کان گھٽ نه آهي.


حضرت مولانا حمادالله هاليجوري رحمة الله عليھ فرمائن ٿا ته : جڏهن به ڪنهن تي مصيبت اچي ٿي ته ان جي نوعيت ٽِن قسمن جي هجي ٿي ، پهرين غضب الاهي ٻيو، گناهن جي معافي ، ٽِيون اعلي مقامات طرف ترقي. هر نوعيت هن طرح سڃاتي وڃي ٿي ته اگر ڪنهن تي مُصيبت اچي ۽ هُو ان ۾ پريشان ٿي وڃي ۽ هاءِ گھوڙا ڪرڻ لڳي ته سمجھيو وڃي ته اهوغضبِ الاهي آهي . الله تعاليٰ کائنس ناراض آهي. اگر مصيبت تي صبر ڪري ته سمجھيو وڃي ته سندس گناهه معاف ٿي رهيا آهن ۽ اگر مصيبت تي راضي ٿي وڃي ته سمجھيو وڃي ته هي تڪليفون درجات جي بلنديءَ لاٰءِ آهن. (تجليات شيخ هاليجوي. ص:111)


حضرت ابو هُريره رضي الله تعاليٰ عنھ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو: الله پنهنجي ٻانهي کي بيماريون ڏئي آزمائي ٿو پوءِ ان بيمارين جي ڪري ان جا گناهه معاف ڪري ٿو . (بيماريون ڪي فضائل او ان ڪا شرعي علاج. ص:2)


حضرت انس رضي الله تعاليٰ عنھ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو: الله جل شانه جو ارشاد آهي ته منهنجي عزت جو قسم! منهنجي جلال جو قسم! آئون جنهن ٻانهي جي مغفرت ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان کي دُنيا مان اُن وقت تائين نٿو ڪڍان جيستائين ان جون سڀ خطائون جيڪي ان جي ڳچيءَ تي آهن ، بدن کي بيمار ڪري ان جي رزق ۾ گھٽتائي ڪري پورو نه ڪريان . (رواه الحاڪم ، ترغيب و ترهيب 3/298)


حضرت يحيٰ بن سعيد رحمة الله عليھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جي زماني ۾ هڪ ماڻهو جو انتقال ٿي ويو ته هڪ شخص چيو وڏي مزي سان دنيا مان رخصت ٿيو بغير ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿئي انتقال ڪري ويو. ان تي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته توهان جو ڀلو ٿئي توهان کي ڪهڙي خبر تهجيڪڏهن الله تعاليٰ کيس بيماريءَ ۾ مبتلا فرمائي ٿو ته ان جي بيماري کي ان جي گناهن جو ڪفارو ٿيندو. (ترهيب و ترعيب 3/298)


حضر اُم العلاء رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن منهنجي عيادت جي لاءِ تشريف فرما ٿيا جڏهن آئون بيمار هيس ته پاڻ صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو : اي ام العلاء (رضه) ! توکي خوشخبري هجي ته مسلمان جي بيماري ان جي گناهن کي ائين ختم ڪندي آهي جيئن باهه لوهه ۽ ٽامي جي کڏ کي. (ابو دائود)


حضرت انس رضي الله تعاليٰ عنھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن ارشاد فرمايو ته : جڏهن ٻانهو ٽي ڏينهن بيمار رهي ته هُو گناهن کان ائين پاڪ ٿي ويندو آهي ڄڻ نئون ڄائو هجي . (اخرجه الطهراني)


حضرت عامر الرام رضه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن بيمارين جو تذڪرو فرمايو پوءِ فرمايائون ته : ايمان وارن تي جڏهن ڪا بيماري اچي ٿي ته الله تعاليٰ جڏهن ان کي بيماري کان صحت عطا فرمائي ٿو ته هِي بيماري ان جي گذريل گناهن جو ڪفارو بڻجي وڃي ٿي ۽ مستقبل ۾ ان شخص لاءِ عبرت ۽ نصيحت جو سامان بڻجي وڃي ٿي . ۽ منافق ماڻهو جڏهن بيمار ٿئي ٿو ته پوءِ جڏهن شفاياب ٿئي ٿو ته اهو اُن اُٺ جي طرح هوندو آهي جنهن کي ان مالڪ ٻڌي پوءِ کولي ڇڏيو هجي ، اُٺ نٿو ڄاڻي ته ان جي ڇو ٻڌو ويو ۽ پوءِ ڇو ڇوڙيو ويو. هڪ ماڻهو جيڪو نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي ويجھو ويٺل هو ان عرض ڪيو ته اي الله جا رسول صه! بيماريون ڇا هونديون آهن؟ خدا جو قسم آئون ته ڪڏهن بيمار ناهيان ٿيو. پاڻ صلي الله عليھ وسلم فرمايائون: اسان وٽان هليو وڃ تون اسان منجھان ناهين. (ترغيب و ترهيب 4/294. مشڪواة : 137)


حديث شريف ۾ آيل آهي ته مريض جي درد مان دانهن جي آواز تي سبحان الله جو اجر ۽ تڪليف جي ڪري رڙيون ڪرڻ تي لا اِلٰھَ اِلا الله جو اجر ، ۽ ساهه کڻڻ تي الله جي راهه ۾ صدقه ڪرڻ جو اجر ، بستر تي سمهڻ تهجد جو اجر ان جي اعمال نامي ۾ لکيو وڃي ٿو . (ذرا سوچئي، حصه دوم و سوم: ص 173)


نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته جڏهن مومنياڻيون يا مومن بيمار ٿين ٿا ته الله تعاليٰ ان جي لاءِ چار فرشتا موڪلي ٿو هڪ کي حڪم ڪري ٿو ته ان جي قوت وٺ جنهن سان هُو ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ٻئي کي حڪم ڪري ٿو ته ان جي کائڻ جي سگهه (بُک) کسي وٺ. ٽئين کي حڪم ڪري ٿو ته ان جا تمام گناهه کڻ ۽ چوٿين کي حڪم ڪري ٿو ته ان جي چهري جي رونق وٺ ۽ جڏهن الله تعاليٰ ان کي ٺيڪ ري ٿو ته سڀني فرشتن کي چوي ٿو ته سِواءِ هڪ جي جنهن گناهه کنيا، ان جي جيڪا شيءِ توهان کنئي اُها واپس ڪريو . ته گناهن کڻڻ وارو فرشتو عرض ڪري ٿو ته مونکي ڇالاءِ حڪم نه ڏنو ويو آهي ته ان جا گناهه ان کي واپس ڪريان ؟. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته هِي منهنجي شانِ ڪرم جي لائق نه آهي جو گناهن کي واپس ڪريان ته ته مُون اُن جي جان کي تڪليف ۾ مبتلا ڪيو آهي. اُهو عرض ڪري ٿو ته هاڻ هن جو ڇا ڪريان ته حڪم ٿئي ٿو ته ان کي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏ، ان سان ڪيڙا ماڪوڙا پيدا ڪري ٿو (جيڪي جانورن جي خوراڪ ٿي وڃن ٿا) ۽ جيڪڏهن مريض آخرت طرف وڃي ٿو ته هُو دنيا مان گناهن کان پاڪ ٿي نڪري ٿو. (موعظه حسنه از امام محمد بن ابوبڪر العصفوري . ص: 75)


نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته جڏهن توهان مريض وٽ وڃو ته ان کي توهان لاءِ دُعا ڪرڻ لاءِ چئو، ڇو ته ان جي دعا فرشتن جي دعا جيئن هوندي آهي.



(رواه ابن ماجه عن عمر رضه، ڪنز العمال حصو نائون، ص: 62)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: