Ad 468 X 60

شخص هڪڙو ياد آيو شام جو


شخص هڪڙو   ياد  آيو   شـام جـــــو
.سهڻو سنهڙو ياد آيو شـــام جــــــو
،بئينج خالـــي جـي مٿان گلڙا ڏِسي
.جوڙ پنهنجو ياد آيو شـــام جـــــــو
،تون ٿئين مونکان جُدا ڇــو او پِرين ؟
.بخت بڇڙو ياد آيو شـــام جــــــــو

سيءُ ويلي جسم تنهنجي تي ڍَڪِيَل
.رئو سنهڙو ياد آيو شـــــام جـــــــو
،ڳل گلابـــي ، اک شرابـــــي زلف ۽
.چنڊ جهڙو ياد آيو شـــام جــــــــو
،ســـج لڙيو، لڙڪ   لڙيا   اڄ   عـبيـــد
،پيار اهڙو ياد آيو شـــــــام جـــــو

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: