Ad 468 X 60

دنيا جا 10 بهترين تفريحي ماڳ

دنيا ۾ اڻ ڳڻيا تفريحي ماڳ موجود آهن۽ سڀئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. جيڪڏهن ڪي ماڳ خوبصورت آهن ته ڪجهه جو تاريخ سان گهرو تعلق آهي. پر ڪجهه ئي ماڻهو ان ڳالهه کان واقف هوندا ته دنيا جا سڀ کان وڌيڪ سهڻا تفريحي ماڳ ڪهڙا آهن ؟ انٽرنيٽ تي ڳولها ڪندي هڪ ويبسائيٽ ڏٺم جنهن هڪ فهرست ترتيب ڏني آهي جنهن ۾ بهترين تفريحي ماڳن جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. اها درجه بندي 2013 سال جي اهڙن تفريحي ماڳن تي مشتمل آهي جيڪا سياحن جي توجه جو مرڪز رهيا آهن.


دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي اُن فهرست ۾ تُرڪي جي گاديءَ جي هنڌ استنبول جو آهي جتي سياحن کي خوبصورت سُرمئي (نيري) مسجد ( Blue Mosque ) ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو.


اٽليءَ جي گاديءَ جو هنڌ روم بهترين تفريحي ماڳن جي ان لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي. پهرين اهو اعزاز نيويارڪ کي هو.


لنڊن هن سال (2013) صرف گذريل سال واري پوزيشن کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ويو. دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي لسٽ ۾ لنڊن ٽئين نمبر تي آهي.


دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي هن سروي ۾ چوٿين نمبر تي چين جي گاديءَ جو هنڌ بيجنگ آهي ۽ ان جو ڳاڻيٽو چين جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري شهرن ۾ ڪيو وڃي ٿو.


فهرست ۾ پنجون نمبر چيڪ ريپبلڪ جي گاديءَ جي هنڌ Pragueکي حاصل آهي هن شهر ۾ سياحن جو وڏو انگ Saint Guy Cathedral کي ڏسڻ ايندو آهي.


دنيا ۾ ڇهون نمبر تي بهترين تفريحي ماڳ جو اعزاز Morocco جي شهر Marrakech کي حاصل آهي جيڪو خاص عربي اسٽائل جي بازارن ۽ مارڪيٽن جي ڪري انتهائي مشهور آهي .


پئرس گذريل سال 2012 ۾ دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن ۾ پهرين نمبر تي هو پر هاڻي ستين نمبر تي آهي.


ان سروي ۾ اٺون نمبر Hanoi جي Halong Bay کي حاصل آهي ۽ ان کي دنيا جي مقبول ترين تفريحي مان هڪ سمجھيو وڃي ٿو، ان جي مقبوليت جو وڏو سبب سمنڊ ۾ موجود پهاڙ (جبل) ۽ انهن کي ڪراس ڪندڙ جهاز آهن.


Siem Reap ڪمبوڊيا جو هڪ خوبصورت شهر آهي جيڪو Siem Reap نالي صوبي ۾ آهي ، کيس فهرست ۾ نائون نمبر حاصل آهي. ۽ هن شهر ۾ اڪثر سياح Angkor Wat نالي هن تاريخي عمارت کي ڏسڻ ايندا آهن.


دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي هن لسٽ ۾ ڏهون نمبر به چين جي ٻئي شهر شنگھائي کي حاصل آهي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: