Ad 468 X 60

سنڌي سڀ ڌاڙيل

اسان سنڌين پنهنجي قوم جِي سُڃاڻپ دُنيا آڏو ڪرائي آهي ته اسان سنڌي ڌاڙيل، چور، اغوا ڪندڙ، لوڦر، ڳاڙهي ٻوڙ تي پلجندڙ گارڊ آهيون..
يقين نٿو اچيوَ ته تاريخِ قريب جا پَنا اُٿلائي ڏِسو، توهان کي پرو چانڊيو تي ٺهيل فلم ملندي، علي گوهر تي ٺهيل فلم ملندي، مُحب شيديءَ تي ٺهيل فلم ملندي، آچر ڌاڙيل نالي فلم ملندي. پر ”آسُو ٻائي“ ۽ اهڙن ٻين ڪردارن تي ٺهيل فلم نه ملندي، ڊرامن ۾ ڏِسو KTN تي اڪثر ڊرامن ۾ توهان کي بندوقن وارا
سنڌي (ڌاڙيل) نظر ايندا.. حال ۾ ٺهندڙ ڊرامن تي نظر وِجھو! ”ڪنڊن جي سيج“ سميت جيڪي به ڊراما هلن ٿا سڀئي فُضُول ڌاڙيل ڪلچر کي پروموٽ پيا ڪَن ۽ اِهو پيغام ڏين پيا ته ”اجھو ڏِسو!! اسان سِنڌي ڌاڙيل آهيون! ڪچي جو دلاور پنجاھ کان مٿي خون ڪندڙ آهي! “ فلاڻو خان هيترا سئو خون ڪري گلو کولي ائين پيو هلي ڄڻ پِڻس جِي بادشاهِي هُجي. الف خان جِي غيرت جو مقابلو سِنڌ جو ڪوبه نٿو ڪري سگھي ! جنهن پنهنجيون ست ڀيڻون، پنج ماسات ۽ ٽي سئوٽ غيرت ۾ ڪاري ڪري ماري ڇڏيون... بي خان جِي رپيٽر کان ڪوبه شڪار بچي ناهي سگھيو! هِن جو ڌَڪِيل اوٻاسي ئي هڪڙي ڏيندو آ!!. وغيره وغيره...
سڀ جو سڀ اِهو پيغام پيا ڏين ته اسان سنڌي ڌاڙيل، چور، لوڦر، لُوسي، بي_غيرت، قاتل ۽ بدمعاش آهيون...
اڃا به يقين نٿو اچيوَ ؟؟ چڱو ٺيڪ آ.. هيئن ڪريو! پاڪستاني فلم “ڪراچي سي لاهور تڪ“ ڏِسو، جنهن ۾ سِنڌي ڪيئن ڏيکاريو ويو آهي..! انڊيا جِي اداڪار ارشد وارثيءَ جِي فلم ”ويلڪم ٽُو ڪراچي“ ڏِسو! جنهن ۾ سِنڌ جي پوليس ۽ سِنڌيءَ کي ڪيئن پيش ڪيو ويو آهي..! توهان ڏِسي خوش ٿيندا ته اسان سنڌي انڊيا جي فلمن ۾ به اچڻ لڳا آهيون..! پر شرم و غيرت هُوندوَ نه ته نَڪ ۾ نَٿَ وِجھي ويهڻ بدران اهڙيون فلمون ۽ ڊراما بند ڪرائيندا...
چڱو! هاڻ نئين ايندڙ انڊين فلم ”مداري“ جنهن ۾ عرفان خان کي سِنڌِي اجرڪ ۽ پٽڪو پاتل آهي، توهان خوش ٿيندا ته انڊيا وارا اسان سنڌين کي هڪ اغوا ڪندڙ طور دُنيا آڏو پيش پيا ڪَن..
ڪهڙا سُور روئان منهنجا سائين..! هِتي اسان سنڌين کي بندوقون هٿن ۾ ڏيڻ وارو هِي اسان جو ڄَٽ سِنڌي ڊائريڪٽر آهي!! اسان جي سنڌي نياڻين کي غيرت ۾ ڪاري ڪري مارائڻ وارو به ساڳيو ئي ڊائريڪٽر آهي..!
افسوس صد افسوس ته اسان وٽ تعليم نه هئڻ ڪري اسان ماٺ ميٺ ۾ فيسبوڪ تي شاعري ۽ ڪهاڻيون پيا لکون ۽ پڙهون.. اسان جو ضمير شايد موهن جي دڙي جي ثقافت سان گڏ سڙي ختم ٿي چُڪو آهي.. جيڪڏهن اڄ به نه اُٿياسين ته شايد اسان هاڻ ٻيهر مُئن جو دڙو بڻجي وينداسين..

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: