Ad 468 X 60

ڪورٽ ميرج



”جانان!“
”جيءُ..!“
”تنهنجي ياد ستائي پئي..! خبر ناهي ته پاڻ ڪڏهن رشتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجنداسين..“
”جڏهن خدا چاهيو!! پر مونکي نٿو لڳي ته ههڙي معاشري ۾ ٻڌجي سگھون..“
”ڇو؟؟ جڏهن مان توسان پيار ڪريان ٿو ۽ تون به مونسان بي_انتها محبت ٿي ڪرين ته پوءِ پاڻ ٻنهي کي ڪير روڪي سگھندو؟؟“
”ها!!! وڇوٽيون ئي پنهنجي نصيبن ۾ لکيل آهن، منهن تي مٺڙا اڪثر اندر جا ڪارا هوندا آهن.. تون سمجھين پيو نه!“
”ها سمجھان پيو..! پوءِ ؟؟ پاڻ انهن کي ليکيون ئي ڪونه... تون صرف هڪ ڀيرو دل ٻَڌي ڳالھ چور.. پوءِ سڀ ڪجهه اکين اڳيان هوندئي..!“
”ها پر آئون عورت ذات ٿي ڪري پنهنجي رشتي جي ڳالھ ڪيئن ته ڪريان؟؟“
”ڇو ؟؟ تنهنجيون ساهيليون، ڀينرون اُهي ڪهڙي ڏينهن ڪم ايندئي؟“
”انهن کي ڇَڏ... اهي ساهيليون صرف خوشيءَ جي موقعن تي ڪم آيون اٿم.. باقي ڏُکن ۾ ته پنهنجا به ڇڏي ويم..! بس هڪ تون ئي آهين سو به ڊپ اٿم ڪٿي تون به.............“
جملو اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيومانس...
”ائين نه سمجھ !! تون پرکي ڏِسجانءِ اگر ڪوڙو نڪران ته جيڪا سزا وڻئي سا ڏِجانءِ..“
”ڇڏ سزا کي..!“
”پوءِ ڪورٽ ميرج ڪريون؟؟ “
”ڇا ؟؟؟ هرگز نه .. آئون ڪڏهن به ماءُ پيءُ کي ڌوڪو نٿي ڏئي سگھان..“


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: