Ad 468 X 60

مختلف ملڪن جي باري ۾ حيرت انگيز حقيقتون

سڄي دنيا ۾ هن وقت تقريبن 196 ملڪ آهن ۽ سڀني ملڪن جي باري ۾ هر قسم جي معلومات پهچائڻ هڪ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ به آئون توهان کي اڄ دنيا جي ڪجهه اهڙن ملڪن جي باري ۾ ٻڌائيندس جيڪي انتهائي حيرت انگيز حقيقتن جا مالڪ آهن ۽  تمام گھٽ ماڻهو انهن حقيقتن کان واقف آهن.


Most Likely to Disappear beneath the waves
جڏهن اسين گلوبل وارمنگ ۽ سمنڊ جي سطح وڌڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته هي مالديپ جي رهائشين لاءِ خطري جي گھنٽي هُجي ٿو. مالديپ سمنڊ جي سطح کان 1.8 ميٽر مٿي آهي ۽ هي سطح سمنڊ جو سڀ کان هيٺيون هنڌ پڻ آهي. ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن سمنڊ جي سطح ۾ ائين ئي اضافو ٿيندو رهيو ته ايندڙ 100 سالن ۾ هي ٻيٽ مڪمل غائب ٿي ويندو.



Most overweight population
Nauru هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي جي 95 سيڪڙو آبادي ٿولهه جو شڪار آهي ۽ هي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ٿلهن ماڻهن جو ملڪ آهي. هن جا بنيادي ڪارڻ هن ملڪ ۾ مغربي فاسٽ فوڊ جي وڌندڙ درآمد ٻڌائي وڃي ٿي جنهن جو بيپناهه استعمال ڪري ماڻهو هن بيماري جو شڪار ٿي رهيا آهن.


Roads made of coral
گوام هڪ اهڙو ٻيٽ آهي جتي قدرتي واري (Sand) موجود ناهي مرجان تمام گھڻو آهي. ان لاءِ هتي جيڪي روڊ ٺهيل آهن انهن کي مرجان ۽ تيل سان تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان ڪري انهن کي بجري ڪنهن ٻئي ملڪ مان گھرائڻ جي ضرورت پوندي آهي.


Has 350 sheep for every person
فالڪ لينڊ هڪ اهڙو ٻيٽ آهي جنهن جي آبادي ته صرف 3000 ماڻهن تي مشتمل آهي پر هتي ملندڙ رڍن جو انگ تقريبن 5 لک آهي يعني هر ماڻهو لاءِ 350 رڍون. ان ڪري هي حيران ڪندڙ ڳالهه به ناهي ته هتان اُن جي ايڪسپورٽ تمام گھڻي ٿئي ٿي.


Oldest sovereign state
دنيا جي سڀ کان قديم ترين خودمختيار رياست مصر آهي. مصر دنيا جو پهرين اهڙو ملڪ آهي جنهن کي خودمختيار رياست طور تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ هن جي تاريخ 3100 قبل مسيح سان ملي ٿي.


Most lakes in world
دنيا جون سڀ کان وڌيڪ ڍنڍون ڪينيڊا ۾ ملن ٿيون جن جو انگ 3 ملين کان به مٿي آهي. ڪينيڊا جي سرزمين جو 9 سيڪڙو مٺي پاڻي تي مشتمل آهي جڏهن ته دنيا جون 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڍنڍون ڪينيڊا جي سرحدن ۾ ڏٺيون وڃن ٿيون.


Least likely place to meet your neighbor
منگوليا دنيا جو سڀ کان گھٽ آبادي وارو ملڪ آهي يعني هتي ايراضي جي لحاظ کان في چورس ميل صرف 4 ماڻهو ٿين ٿا. جيڪڏهن هن ملڪ جي برابري هانگ ڪانگ سان ڪئي وڃي ته اُتي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي موجود آهي جي في چورس ميل تي 340000 ماڻهن تي آهي.


Largest Number of tanks
روس هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي آرمي وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽينڪ موجود آهن ۽ انهن ٽينڪن جو انگ 21 هزار آهي. پر هتي بدقسمتي سان روس وٽ اڪثر فرسوده مشينون آهن جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ آمريڪه وٽ 16 هزار ٽينڪ آهن ۽ هي تمام جديد آهن.


The Land of no rivers
توهان اهو ٻڌي حيران ضرور ٿيندا ته سعودي عرب دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جتي ڪوبه درياءَ ناهي. هن ملڪ ۾ مٺو پاڻي ياته ڊسٽلائزيشن پلانٽس سان حاصل ڪيو وڃي ٿو يا ته زيرِ زمين پاڻي جي ذخيرن مان.


Youngest population of any country
دنيا جو سڀ کان گھٽ عمر آبادي وارو ملڪ هئڻ جو اعزاز نائجر کي آهي. نائجز دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جنهن جي ڪُل آبادي جو 49 سيڪڙو گھٽ عمر وارن ماڻهن تي مشتمل آهي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: