Ad 468 X 60

خوفناڪ جايون ، جتي هاڻي ڪير به نٿو رهي.

السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو ! اميد ته خوش خيريت سان هوندا.
اڪثر ماڻهون اهڙن محلن، يادگار ۽ خوبصورت جڳهن جي سير ڪرڻ گھرن ٿا ، جنهن جون ماضيءَ سان ڪهاڻيون لاڳاپيل هجن. پر دنيا ۾ اهڙا به هنڌ آهن جيڪي ڪنهن دور ۾ آباد هئا ۽ هاڻي ويران نظر اچن ٿا ، انهن هنڌن جي ويراني ئي انهن کي خوفناڪ بڻائي ٿي.اڄ توهان کي ڪجهه اهڙن جڳهن جي باري ۾ ٻڌائيندس ۽ تصويرون به ڏيکاريندس.



هيءَ جيل پنسلوانيا جي علائقي Philadelphia ۾ 1829 ۾ کوليو ويو ۽ 1971 ۾ بند ڪيو ويو . هتي Willie Sutton (بينڪ ۾ ڌاڙو هڻندڙ) ۽ Al Capone (آمريڪي گينگسٽر) جهڙا قيدي رهايا ويندا هئا..


El Hotel del Salto نالي هيءَ هوٽل 1928 ڌاري ڪولمبيا ۾ تعمير ڪيو ويو، هي انهن سياحن لاءِ کوليو ويو جيڪي هوٽل ويجھو Tequendama آبشار ڏسڻ ايندا هئا. بدقسمتي سان اهو آبشار آلوده ٿي ويو ۽ سياحن اچڻ بند ڪري ڇڏيو . جنهن کان پوءِ هوٽل بند ڪيو ويو ۽ هاڻي هيءَ هڪ ويران جڳهه آهي.


هي هڪ ختم ڪيل پاور پلانٽ آهي جيڪو بيلجيم ۾ ٺاهيو ويو.



هن تباهه ٿيل جهاز ايس ايس آمريڪا 54 سالن تائين پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ 1994 ۾ ان جو استعمال بند ڪيو ويو ان وقت هي بحري جهاز ڪينري آئي لينڊ جي Feurteventura نالي ٻيٽ جي ڪناري بيٺل آهي.


پاڻي تي تعمير ڪيل هي قلعو برطانيه ۾ سمنڊ جي ڪپ تي آهي. هي قلعا ٻي مهاڀاري ويڙهه دوران ٽيمز درياءَ جي حفاظت لاءِ ٺاهيا ويا هئا.


هي مشي گن سينٽرل اسٽيشن آهي جيڪا مشي گن جي علائقي ڊيٽرائيٽ ۾ آهي.هي مشي گن جو هڪڙو ئي مسافر ريل گاڏين جي سامان جو مال خانو هو. جنهن کي 1988 ۾ بند ڪيو ويو.


Dadipark نالي هي ٻارن جو پارڪ بيلجيم جي علائقي Dadizel ۾ 1950 ۾ ٺاهيو ويو ۽ 2002 ۾ ان کي بند ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هي مڪمل ويران آهي.


ونڊرلينڊ تفريحي پارڪ جي اڏاوت جي شروعات چين جي شهر بيجنگ ۾ ڪئي وئي ۽ هي ايشياءَ جو سڀ کان وڏو تفريحي پارڪ هو پر مالي بُحران جي ڪري هي اڃا به مڪمل نه ٿيو آهي ۽ هاڻي ويراني جي ور چڙهيل آهي.


هي ريل جي پٽڙي ميسوري جي علائقي Lebanon ۾ آهي، پر هاڻي هتان ريل نٿي هلي.


هي سٽي هال اسٽيشن ، نيويارڪ ۾ 1904 ۾ اڏيو ويو ۽ 1945 ۾ بند به ڪيو ويو . ان کي روزانو صرف 600 ماڻهو استعمال ڪندا هئا.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: