Ad 468 X 60

پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس کي ليپٽاپ تي ھلايو


پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس کي ليپٽاپ تي ھلايو
ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿيندو آھي تہ اسان جي ائنڊرائيڊ ڊوائس (موبائل يا ٽيبليٽ) جو ٽَچ ڪم ڇڏي ويندو آھي يا وري ڊوائس جي اسڪرين ٽُٽڻ ڪري ڪُجهہ حصو نظر نہ ايندو آھي..

مون سان بہ ساڳيو ئي مسئلو ٿيو ھو، ڪافي مھينا اڳ مون نئين لانچ ٿيل ۽ نئين ورتل موبائل ڪاوڙ ۾ ڀِتَ ۾ ھنئي
(اِھو نہ سمجهجو تہ گرل فرينڊ جو چڪر ھو)  تہ اسڪرين جو ڪافي حصو متاثر ٿي ويو، تقريباً ھڪ مھينو اُھو موبائل پئي ھلايم، پر ٻہ ڏينھن اڳ مونکي موبائل مان ڪُجهہ ضروري ڊيٽا مثلاً فون نمبر ۽ ايس ايم ايس ڏِسڻا ھُئا جيڪي ڀڳل اسڪرين تان ڏسڻ ناممڪن ھُئا ۽ اسڪرين ٺھرائڻ لاءِ موبائل کي اسلام آباد جو سفر ڪرائڻو ھو جنھن جو خرچ 8 ھزار کان مٿي پئي آيو... مون ڪوشش ڪئي تہ متان ڪو اھڙو ٽول ملي وڃي جنھن ذريعي موبائل کي ليپٽاپ تي ڏِسي سگهجي J ۽ سنڌي چوڻي ”انڌن ملتان لَڌو“ وانگي مون بہ ڳولھا شروع ڪئي ۽ گوگل تي ھيءُ حل مليو جيڪو توھان سان ونڊيان پيو.
پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس کي ليپٽاپ سان ڪنيڪٽ ڪرڻ (ڳنڍڻ) لاءِ توھان جي ائنڊرائيڊ ڊوائس ۾ ڊولپر آپشن آن ھُئڻ کپي.. ڊولپر آپشن بابت وڌيڪ معلومات ائنڊرائيڊ ڊولپر سائٽ جي ھِن لنڪ تي موجود آھي.
ڊولپر موڊ آن ڪرڻ لاءِ
1.     موبائل جي سيٽنگ وارِي ايپليڪيشن کوليو
2.     (جيڪڏھن توھان وٽ ائنڊرائيڊ ورزن 8.0 يا ان کان مٿي آھي تہ) سسٽم System تي ڪلڪ ڪريو
3.     ھيٺ اسڪرول ڪندؤ تہ آخر ۾ About Phone ھوندو اُن تي ڪلڪ ڪريو
4.     ھاڻ Build Number تي 7 ڀيرا لڳاتار ڪلڪ ڪريو.
5.     ھاڻ واپس Setting ايپليڪشن کوليندؤ تہ اُتي Developer Option اچي چُڪو ھوندو.
ڊولپر آپشن ۾ سڀ کان مٿان ھڪ بٽڻ ڏنل ھوندو جنھن تي ڪلڪ ڪندي ڊولپر آپشن فعال ڪريو (جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آھي)
ھاڻ توھان ھيٺ ڏنل آپشنز مان  USB Debugging واري آپشن کي بہ فعال ON ڪرڻو آھي.
پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس ۾ اھا سيٽنگ مڪمل ڪري پنھنجي ڊوائس کي ڪيبل ذريعي ڪمپيوٽر سان ڳنڍيو ۽ ھتي ڪلڪ ڪري ايڪسٽينشن انسٽال ڪريو.
جيئن توھان ايڪسٽينشن انسٽال ڪندؤ تہ ھيٺ تصوير ۾ ڏنل آپشن ظاھر ٿيندو، جنھن مان Find Devices تي ڪلڪ ڪريو.. ھاڻ ڏِسندؤ تہ ائنڊرائيڊ ڊوائس توھان کان پاپ اپ نوٽيفڪيشن ذريعي ڪمپيوٽر سان ڳنڍڻ جي اجازت گهُرندو.. جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آھي، توھان کي Accept تي ڪلڪ ڪرڻو آھي..
توھان ڏِسندؤ تہ توھان جو ائنڊرائيڊ ڊوائس ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ٿي چُڪو ھوندو ۽ ھاڻ ڪمپيوٽر تي ئي ائنڊرائيڊ استعمال ڪريو.

نوٽ : جيڪڏھن توھان کي پنھنجو ڪميپوٽر ريسٽارٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪمپيوٽر ۾ وائزر جو آپشن نہ ملي تہ اُن کي برائوزر جي Apps ۾ ڳولھي سگهو ٿا.
گوگل ڪروم لاءِ :

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: