Ad 468 X 60

ڏياري مئگزين اپلوڊ ڪرڻ ۾ وقت لڳو........

رات کان فيسبُڪ تي ويهي ويهي آخر بيزار ٿي پيس ، ”رڳي فيسبوڪ تي ويٺو آهين! ٻيو ڪو ڌنڌو اٿيئ يا نه !؟“ ڪنهن دوست چيو ته مونکان ڇرڪ نڪري ويو ”واه جي ڳالهه ڪيئي ، ڪم آهي پر هينئر واپڊا وارا مهربان ٿي رهيا آهن (لائٽ وڃڻ واري آهي) سو في الحال فيسبوڪ تي ماڻهون ڏسي وٺان“ مون وراڻيو ”اڇا هڪ ڪم ڪندين !؟“ هن عرض واري لهجي ۾ چيو ” يار تووٽ ڪتابن جا ڍڳ پيل آهن انهن مان ڪا سٺي پوسٽ فيسبوڪ تي رک جيئن اسان به پڙهي سگھون“ ..
” ادا، ڳالهه ٻڌ ڪمپوزنگ مونکان به ڪانه ٿي پڃي باقي اگر ڪمپوز ڪري ڏين ته حاضر“ مون چيومانس
” هل ٺيڪ آ پهرين تو وٽ جيڪي ورڊ فارميٽ ۾ مئگزين پيل آهن انهن کي ته پي ڊي ايف ڪري رک باقي پوءِ ڏسنداسين“...
مونکي پوءِ ياد آيو ته هڪ دوست دليپ نجار مون کي اڳ ئي اهو ڪم چيو هو ، ڇو نه ڪتاب بلاگ تي رکان ....
ڪتاب رکڻ ڪو مسئلو ناهي، پر ان کي سيٽ ڪرڻ پي ڊي ايف ڪرڻ ۽ اپلوڊ ڪرڻ ۾ جيترو وقت ٿو لڳي اوتري دير ۾ اسان وٽ حيدرآباد واپڊا وارا مهربان ٿيو پونن... 
گھڻي ڪوشش کان پوءِ هي مئگزين جو لنڪ اوهان ڏانهن شيئر ٿو ڪريان . ڊائونلوڊ ڪري پڙهو....

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: