Ad 468 X 60

فون نمبر متعلق ڪجهه حيران ڪندڙ حقيقتون.

هڪ دور ۾ انسان وٽ ڪو به اهڙو ذريعو نه هو جنهن سان هُو پنهنجي دوستن ۽ رشتيدارن جو حال احوال وٺي سگهي. اليگزينڊر گراهم بيل 2 جون 1875ع تي ٽيليفون ايجاد ڪري انسان جي ان محرومي کي ختم ڪيو ڇو ته هاڻ انسان ٽيلي فون سان پنهنجي ڳالهه پري پري جي ماڻهن تائين پهچائي پئي سگهيو. ۽ ان جي ڳالهه ٻڌي به سگهيو ٿي. هڪ حقيقت هي به آهي ته ٽيلي فون جي باني اليگزينڊر گراهم بيل ڪڏهن پنهنجي ماءَ ۽ گهر واريءَ کي فون نه ڪيو ڇو ته ٻئي ٻوڙيون (ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم) هيون. البته اها اليگزينڊر جي ايجاد ٻين جي زندگي جو اهم حصو ٿي پئي. ۽ هاڻي فون نمبر تقريباََ هر انسان لاءِ اهميت رکي ٿو. اڄ آئون توهان کي فون نمبر جي ايجاد سميت ان بابت ڪجهه حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون ٻڌائيندس ، جنهن جي توهان کي خبر به نه هوندي.





اليگزينڊر گراهم بيل ولد اليگزينڊر ميلوِلي بيل جو ٽيليفون حلف 3.7.1876


1: فون نمبر جي ايجاد
فون نمبر ايجاد ڪرڻ کان پهرين فون ڪال فون جي مالڪ جي نالي تي ڪئي ويندي هئي، جنهن شخص کي ڪنهن ٻئي کي ڪال ڪرڻي هوندي هئي اهو ايڪسچينج ۾ موجود آپريٽر کي اڳئين شخص جو نالو ٻڌائيندو هو (جنهن سان ڳالهائڻو هوندو هو)، آپريٽر پنهنجي سامهون موجود سوين ٽيليفون لائنن مان هڪ لائين ذريعي ان شخص سان ڪال ملائي ڏيندو هو. ٽيليفون جي باني اليگزينڊر گراهم بيل جي دوست ڊاڪٽر موسس فون نمبرز جي ايجاد ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ٿيو ائين ته شهر ۾ هڪ عجيب بيماري ڦهيلجي وئي ، ڊاڪٽر موسس پنهنجي دوست اليگزينڊر گراهم بيل کي چيو ته جيڪڏهن ٽيليفون آپريٽر به ان بيماري جي ور چڙهيا ته ماڻهن سان فون تي رابطو ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي پوندي. اهڙي طرح هنگامي حالت ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي جلد کان جلد گھرائڻو هجي ته موجوده طريقي ۾ ائين ممڪن ناهي. ڪو اهڙو طريقو آندو وڃي جنهن ذريعي ماڻهو هنگامي حالت ۾ آپريٽر جي مدد بغير سڌسنئون مطلوبه شخص سان رابطو ڪري سگهن. حالانڪه ٽيليفون رکندڙ جي نالن بغير هر شخص لاءِ هڪ مخصوص نمبر آندو ويو. ٽيليفون نمبر پهريون ڀيرو امريڪه شهر لوويل ۾ 1879ع کان 1880 واري عرصي ۾ استعمال ڪيا ويا. اهو نظام ايترو ته پسند ڪيو ويو ايترو ته ڪارائتو ثابت ٿيو جو اڄ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.

2: پهريون تجارتي ٽيليفون ايڪسچينج

28 جنوري 1878ع ۾ آمريڪه جي شهر نيو هيون (New Heaven) جي بورڊمين بلڊنگ ۾ دنيا جو پهريون تجارتي ٽيليفون ايڪسچينج قائم ڪيو ويو. جنهن کي ڊسٽرڪٽ ٽيليفون ڪمپني آف نيو هيون جو نالو ڏنو ويو . تجارتي ٽيليفون ايڪسچينج جو خيال آمريڪه جي خانه جنگي ۾ حصو وٺندڙ هڪ سابق فوجي ۽ ٽيليگراف آفيس جي مينيجر جارج ڪوائي ۽ ان جي ٻن ساٿين هيرڪ فراسٽ ۽ والٽر ليوس پيش ڪيو.




3: گھمندڙ ڊائل

1875ع ۾ ٽيليفون جي ايجاد کان پوءِ ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ٽيليفون تي رابطي جو تيزرفتار نظام آندو وڃي. آخر 1891ع ۾ ايلمن برائون اسٽروگر پهريون ٽيليفون جو ڊائل ايجاد ڪيو . ڊائل وارو پهريون فون 1892ع ۾ استعمال ڪيو ويو.


4: ٽيليفون ڪي.پيڊ

بيل ليبارٽريز جي جان اِي ڪارلن ٽيليفون ڪيپيڊ ايجاد ڪيو هو.ڪيپيڊ ۾ عدد ۽ نشانيون 3 ورٽيڪل ۽ 4 هاريزنٽل اکر ترتيب ڏنا وڃن ٿا. هيٺ ساڄي پاسي هيش بٽڻ () ۽ کاٻي پاسي اسٽار يا ايسٽيرسڪ بٽڻ ٿئي ٿو.




5: آٽوميٽڪ ٽيليفون ايڪسچينج

99 لائنن وارو پهريون آٽوميٽڪ ٽيليفون ايڪسچينج امريڪا جي رياست انڊيانا جي شهر لاپورٽي ۾ لڳايو ويو.

6: علائقائي ڪوڊ
ايريا ڪوڊ ويهين صدي جي پنجين ڏهاڪي ۾ پيش ڪيو ويو هو پر ان جو باقاعده استعمال 1951ع ۾ آمريڪا جي رياست نيوجرسي جي لاءِ ايريا ڪوڊ متعارف ڪرائڻ سان ٿيو. نيوجرسي جو ايريا ڪوڊ 201 آهي.


7: هنگامي نمبر

هنگامي نمبر ٽن يا چئن عددن تي ٻڌل هوندا آهن جيئن ماڻهون ان کي آساني سان ياد ڪري سگھن ۽ هنگامي ضرورت وقت تيزي ۽ آساني سان ملائي سگهجن. انهن کي ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ ماڻهو هنگامي ضرورت وقت استعمال ڪري سگهن ٿا. انهن کي يونيورسل ايمرجنسي ٽيليفون نمبر به سڏيو وڃي ٿو . هنگامي نمبرن جو نظام به آمريڪا ۾ شروع ڪيو ويو هو، ان جي ڪاميابي کان پوءِ ٻين ملڪن به اهو نظام اپنايو.




8: سڀ کان مهنگو نمبر

دنيا ۾ سڀ کان وڏي رقم تي وڪجندڙ سيل نمبر 6666666 آهي. ان کي خيراتي مقصد لاءِ قطر ۾ وڪڻيو ويو. اهو نمبر خريد ڪندڙ ان نمبر لاءِ 27 لک ڊالر جي وايون بتال ڪندڙ رقم ادا ڪئي هئي.چين ۾ نمبر 88888888 ٻه لک اسي ڊالر ۾ وڪڻيو ويو.


9: فلمن ۾ استعمال ٿيندڙ تخليقاتي ٽيليفون نمبر
آمريڪا ۽ برطانيه جي حڪومتن فلمن ۾ استعمال لاءِ فرضي ٽيليفون نمبر شامل ڪيا آهن، آمريڪي فلمن جي ڪردارن جا ٽيليفون نمبر 555 سان شروع ٿين ٿا پر ڪجهه فلم سازن ان جي مخالفت ۾ پنهنجي فلم جي ڪردارن کي اصل ٽيليفون نمبر استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: