Ad 468 X 60

نئين نسل کي ڇا پيا ڏيون؟

ڪجهه اهڙيون به ڳالهيون هونديون آهن جيڪي صرف ڏند ڪٿائون هونديون آهن يا اُهي وقتي طور حيرت ۾ وجھنديون آهن پر انهن جو اثر هميشه لاءِ رهندو آهي.. 
ڳوٺن ۾ ائين ٿيندو آهي ته جڏهن ٻار رات جو جاڳندا آهن ته عورتون انهن کي خوفناڪ ڪهاڻيون ٻُڌائي سُمهاري ڇڏينديون آهن، جيڪو سراسر غلط آهي..
ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اهو ٻار جڏهن وڏو ٿيندو آهي ته اهو ڊڄڻو ٿيندو آهي، جنن ڀوتن ۽ ايتري تائين جو جانورن کان به ڊڄندو آهي.! پر توهان اگر ٻار کي ننڍپڻ ۾ بهادري وارا قصا ٻڌائيندا ته اهو ٻار وڏو ٿِي بهادر ٿيندو.. معلوم ٿيو ته ننڍپڻ ۾ ذهن سازي اهڙي نموني ڪئي وڃي ٿِي جو ٻار وڏو ٿي ڪجهه به نٿو ڪري سگھي..! ڪونه ڪو خوف هوندو اٿس.. 
مون هڪ فلم جو منظر ڏِٺو، جنهن ۾ پاءِ (عرفان خان) شينهن کي هٿ سان گوشت کارائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اوچتو پڻس اچي کيس دڙڪا ٿو ڏئي ۽ چويس ٿو ته هُو جانور آهي! توکي کائي ڇڏيندو.!! هُو ٻار (عرفان خان) پڻس کي اهو ٿو چوي ته بابا اهو ڪجهه نه ڪندو..! پوءِ پڻس ڊيمو ڏيڻ لاءِ ٻڪري کي شينهن آڏو جھليندو آهي ته شينهن اُن کي ڇيڀاٽي ماري ڇڏيندو آهي.. جيڪو ڊائلاگ اُن فلم ۾ آهي سو منهنجي دل تان نٿو لهي، اهو آهي ته جيڪڏهن توهان جانور کي به پيار جي نظر سان ڏسندا ته اهو به توهان کي پيار جي نظر سان ڏسندو.. 
پوءِ اسان ڇا پيا ڪريون؟ نفرتون ، ڊپ ۽ جهيڙا پيا ڀريون اسان جي ايندڙ نسل جي ذهنن ۾ !!! اسان ٻين تي ته ڏوھ ڏيون ٿا ته ماستر پڙهائن ڪونه، ڇورا پڙهن ڪونه وغيره.. پر ڇا اسان پاڻ کي ڪڏهن ضمير جي آئيني ۾ ڏٺو آ ته اسان ڇا پيا ڪريون؟ ٻارن سامهون ماسترن جون غلائون ڪنداسين ته ٻار ڌُوڙ پڙهندا !! اُهي ته اِنهن ڳالهين کي اشو بڻائي چوندا ته ماستر ڪهڙا ڦاڙها ماريا جو اسان مارينداسين..!! ؟
خدارا! انهن نفرتن کان باز اچو! ٻارن کي سُٺي تربيت ڏيو! انهن کي پورا حق ڏيو! نه ته اسان جي قوم تي زوال اچڻ جو وقت ويجھو ٿي ويندو..

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: