Ad 468 X 60

بجيٽ ۽ ڪامورن جا رٻڙي پيٽ

بجيٽ به اچي ٿِي ته سڀ ڪامورن ۽ صحافين جي رٻڙي پيٽن ۾ وڃي ٿِي جيڪا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گُونھ بڻجي گٽرن ۾ وهي ٿِي..!!
****************************************************
ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته توهان جي تعلقي ۾ ڪيتريون يونين ڪائونلسز آهن ۽ هر يونين ڪائونسل ۾ ڪيترا ڳوٺ آهن ؟ هر ڳوٺ ۾ ڪيترا گھر آهن؟
ٿورو غور ڪريو! مثال ٿا وٺون اسان جي تعلقي ٽنڊي آدم جي يونين ڪائونسل پيروفقير شورو جو. جنهن ۾ تقريبن 40 کن ڳوٺ آهن.. ۽ سراسري هر ڳوٺ ۾ 150 گھر آهن.. (مٿي آهن پر اندازو اٿم)،
سڀ ڳوٺ اميرن جا ناهن ته سڀ غريبن جا به ناهن.. سراسري 150 گھرن ۾ روزانو گھٽ ۾ گھٽ 700 روپيا خرچ اچي ٿو! ۽ 700 تي گھٽ ۾ گھٽ 200 روپيا ٽيڪس هوندو آهي.. (کنڊ، گيھ، پتي ۽ ٻيو سامان)
هاڻ حساب ڪريو ؟
200 کي 150 سان ضرب ڪنداسين ته جواب ايندو : 30000 (ٽيھ هزار روپيا)
مطلب ته روزانو هڪ ڳوٺ 30 هزار روپيا ٽيڪس ڀري ٿو، 
30 هزارن کي سال جي 365 ڏينهن ۾ ضرب ڪنداسين ته جواب ايندو : 109540000 (هڪ ڪروڙ نَوَ لَکَ چوونجاھ هزار روپيا) صِرف هڪ ڳوٺ ساليانو گورنمنيٽ ٽيڪس ادا ڪري ٿو..
هاڻ 109540000 کي يونين ڪائونسل جي 40 ڳوٺن سان ضرب ڪنداسين ته جواب ايندو : 438000000 (ٽيتاليھ ڪروڙ اَسِي لَکَ روپيا) ساليانو هڪ يونين ڪائونسل جا ماڻهون گورنمنيٽ ٽيڪس ادا ڪَن ٿا..
هڪ تعلقي ۾ تقريبن گھٽ ۾ گھٽ 10 يونين ڪائونسلز هُجن ته به : 4380000000 (چار ارب 38 ڪروڙ رُوپيا ) هڪ تعلقي جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهون ساليانو گورنمنيٽ ٽيڪس ادا ڪَن ٿا ۽ توهان سِنڌ جي تعلقن جي حالت ڏِسو...! نه روڊ رستا نه اسپتالون فعال، نه ويم گھر نه ئي ٻيو ڪُجھ..
سال تي جيڪڏهن 4 ارپ بجيٽ به اچي ٿِي ته سڀ ڪامورن ۽ صحافين جي رٻڙي پيٽن ۾ وڃي ٿِي جيڪا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گُونھ بڻجي گٽرن ۾ وهي ٿِي..!!
۽ ٻهراڙيءَ جو اڻ پڙهيل عوام اِن ڳالھ کان بي_خبر اگھور ننڊ ۾ سُتل آهي..
ورهين پُڄاڻان ڪنهن ڳوٺ ۾ روڊ جي مرمت ٿئي ٿِي ته ڳوٺ وارا خوشي ٿي چوندا آهن، ”ڏِٺئي فلاڻي ڀوتار جو ڪم! ڪيئن روڊ ٺهرائي ٿورو ڪري ويو نه ؟“  ۽ پوءِ ورنديءَ ۾ وه واه جو ڊائلاگ ئي ٻُڌڻ ۾ ملندو آهي.....

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: