Ad 468 X 60

جمن عُرف جِمي

"توھانجي تعليم؟" ڪُرسيءَ تي ويٺل پڇيس
'مان ايم.اي پيو ڪريان' پتلُون ۾ ملبوس ھمراہ ڳچيءَ ۾ پيل ڳارو (ٽائي) سؤلو ڪندي فخر سان وراڻيو، ٻيھر ڪُرسيءَ تي ويٺل ٿُلھي ڦيڦي ھمراہ پڇيس "ھاڻ ڪَر احوال، ڇا ڪندو آھين؟"، پتلون واري چَپَ ٽيڙي چيوسر "سر مان گوھرشاھ پبلڪ اسڪول جو پرنسيپل آھيان." ٿُلھي صاحب برطانوي عينڪ ڳچيءَ مان ڪڍي نَڪ تي چاڙھيندي چيس "ھممم.. اڳتي حوال ڏي، وقت گھٽ آ"،
پتلون ۾ ملبوس مُحمدجُمن عُرف جِمِي ( سنڌ جي ٻھراڙي ۾ اصلي نالن بجاء کريل نالا سڏيا وڃن ٿا، ھُو بي.اي پاس ھو انڪري سندس نالو جِمِي ھو نہ تہ جُمُون ھُجيس ھا)، ڪُرسيءَ تي سِڌو ٿِي سِيٽجي ڳالھ پُوري ڪرڻ لڳو "سر، مان گوھر شاھ پبلڪ اسڪول تعلقي سانوڻ آباد جو پرنسيپل آھيان،" ٿُلھي صاحب ڏانھن خار مان نھاريو پر ھُن ڳالھ جاري رکندي چيو "سر، اسانجي ڳوٺ ۾ چار اسڪُولون آھن، ۽ ڳوٺ جي ٻين اسڪولن جي حالت بيڊ آ، دئٽس وائي توھان کي عرض آ تہ اڌرس اسڪولون بند ڪرايو، اِھو رئيس رحمت علي خان صاحب چوائي موڪليو آ."
صاحب پھرين تہ ڪاوڙ ۾ ڏانھنس نھاريو جو ھُو سنڌي ۽ انگريزي گڏائي ڳالھائي ڳالھائي رھيو ھو، پر رئيس رحمت عليءَ جو حڪم ھو، پَين سان سرڪاري ڪاڳر تي صحيح ڪندي اکين تان چشمو لاٿس ۽ جِمِي کي يقين ڏياريندي چوڻ لڳو "ٺيڪ آ، تون ڀلي وڃ مان ھفتي اندر ٽيم موڪلي باقي اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندس.."
جِمِي نِوڙِي ڪُرسي تان اُٿندي "ٿئنڪس سر" چيو، دَر تي بيٺل پٽيوالي دَرَ کوليو ۽ جِمِي رئيس رحمت عليءَ جي ڳاڙھي پراڊو ۾ چڙھي "ريجنل ڊائريڪٽر آف پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ" جي آفيس جي احاطي مان ائين گُم ٿي ويو ڄڻ آيو ئي نہ ھو.....

٪منھنجي لکيل ھڪ پراڻي ڪھاڻي مان اقتباس....

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: