Ad 468 X 60

نالا پنھنجي اسٽيٽس مطابق..

ڇا توھان ڪڏھن غور ڪيو آھي تہ ماڻھو نالا پنھنجي اسٽيٽس جي حساب سان رکندا آھن‌ ؟ توھان ڏٺو ھوندو تہ ڪنھن مولوي جي پٌٽ جو نالو صفا اسلامي ھوندو ، ڪڏھن بہ مولوي جي پٽ جو نالو "جِمي"، 'پپو'، "سمير" نہ ھوندو، ابتڙ نالا ڪجھ ھيئن ھوندا ، 'عبيداللہ'، سميع اللہ ، ابوبڪر، محمدعلي وغيرہ.. اھلِ تشيع ۾ ڏسو، انھن جا نالا ڪجھ ھيئن ھوندا آھن غضنفرعباس، علي عباس، جوادحسين، اسدحسين وغيرہ ... وري توھان غريب سنڌين جا نالا ٻُڌو، جمون، ڪرڙ، شمن، شادو، خادُو، عدُل وغيرہ ... مڊل ڪلاس وارن جا نالا، سمير، فواد، احسن، باسط وغيرہ.. اپر ڪلاس جي ماڻھن جا نالا، جواد خان، سلمان خان ، ايمان علي، فراز خان وغيرہ...
تہ چوڻ جو مطلب، اسان نالا ائين ڇو رکندا آھيو ن؟ ڇا نالا رکڻ سان ماڻھو اھڙو ٿيو پوي؟ جيئن نالو آ 'اسد' مطلب شينھن ۽ ھمراہ صفا ڊٻرو... اسان نالن ۾ ڇو اڙجي بيٺا آھيون؟

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: