Ad 468 X 60

تاريخي تصويرون ، ايٽمي حملي کان وٺي ٽائٽنڪ جي .....

پوري دنيا ۾ تاريخي لمحن ۽ خاص موقعن جو تصويرون ڪڍي انهن کي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته اڪثر ماڻهو تاريخي جاين ۽ خاص موقعن سان محبت ڪندا آهن. ۽ پوءِ اهي ئي تصويرون قيمتي اثاثو به بڻجيو وڃن. اڄ آئون اوهان اڳيان انداز ميڊيا بلاگ ذريعي ڪجهه اهڙيون تصويرون ونڊ ڪري رهيو آهيان جيڪي تمام مشهور تاريخي تصويرون آهن. اهڙيون تصويرون شايد اوهان ڪڏهن نه ڏٺيون هجن.



نياگرا آبشار جي 1911ع ۾ ورتل تصوير. 1911ع ۾ سياري جي موسم ۾ نياگرا آبشار ڄمي ويو هو ۽ هي تصوير ان موقعي جي آهي.








مشهور سامونڊي جهاز ٽائٽنڪ جي 1912 ۾ ورتل تصوير. جهاز جي غرق ٿيڻ کان ڪجهه وقت پهرين جي ورتل تصوير.








ايفل ٽاور جي هي تصوير ان وقت ڪڍي وئي جڏهن زير تعمير هئو. هي ناياب تصوير جولاءِ 1888 ۾ ورتي وئي .








جاپان تي ٿيندڙ ايٽمي حملي کان ڪير واقف ناهي ؟ 1945ع ۾ ناگاساڪي تي ٿيندڙ ايٽمي حملي کان 20 منٽ پوءِ جي ورتل تصوير..








هي تاريخي تصوير 1884 ۾ ان وقت ڪڍي وئي جڏهن مشهور ثقافتي يادگار ”آزادي جو مجسمو“ زيرِ تعمير هو. آزادي جو مجسمو آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي بندرگاهه تي آهي.








مشهور سائنسدان آلبرٽ آئنسٽائن جي دفتر جي تصوير ، جيڪا سندس وفات واري ڏينهن ورتي وئي .البرٽ آئنسٽائن جي وفات 18 اپريل 1955 ۾ ٿي.








هي دنيا جي قديم ترين گاڏي آهي جيڪا اڃا تائين هلڻ جي قابل آهي. Di Dion نالي هي گاڏي 1884 ۾ ٺاهي وئي .








سان فرانسسڪو جي سٽي هال ۽ شاندار ٿيٽر جي هي تصوير 1906 ۾ زوردار زلزلي کان پوءِ ورتي وئي .

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: