Ad 468 X 60

تاريخي کنڊرات ۾ موجود لگزري هوٽل

ڇا توهان کنڊرات ۽ پراڻين غارن ۾ لگزري هوٽل جو وجود تصور ڪري سگهو ٿا ؟ اگر نه ته پوءِ اڄ هڪ شاندار هوٽل جي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ٿو .تُرڪي جي علائقي cappadocia ۾ موجود کنڊرات، غارن ۽ پراڻن جي گهرن جي مرمت ڪري ان کي لگزري هوٽل جي شڪل ڏني وئي آهي . ان پٿرن جي ڍانچي جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. هتي ڪنهن زماني ۾ فارسين جا گهر هوندا هئا، جڏهن ته شروعات ۾ هي غار عيسائي رومين جي رهائشگاهه هوندي
هئي. هن لگزري هوٽل ۾ 30 ڪمرا ۽ سوئٽس موجود آهن. هن هوٽل جو مالڪ Omar Tosun آهي. عمر قديم شين گڏ ڪرڻ جو شوقين آهي. هن جي شوق جي جھلڪ هن لگزري هوٽل ۾ ڏسي سگھجي ٿي.








تُرڪي جي تاريخي جڳهه cappadocia ۾ تعمير ڪيل هي ميوزيم هوٽل سياحن کي هڪ منفرد تجربو فراهم ڪري ٿو. ڇو ته هن لگزري هوٽل ۾ پراڻي دور جون يادون آهن.








هن هوٽل جي ڇت تي ويهي مزيدار کاڌن مان لطف اندوز ٿيڻ سان گڏوگڏ آس پاس جو انتهائي دلڪش ۽ حسين نظارو به ڪري سگھجي ٿو.












هوٽل جي فائيو اسٽار ڪمرن ۾ رهندڙ مهمانن جو واسطو پٿر جي ڍانچن سان پوي ٿو، جن جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي.








ميوزيم هوٽل جو مالڪ ، جن جو تعلق تُرڪي سان آهي، جو چوڻ آهي ته هتي ايندڙ مهمانن کي ائين محسوس ٿئي ڄڻ ميوزيم ۾ حقيقي زندگي گذاري رهيا هجن.








هن تاريخي هوٽل تان مهمان ، پهاڙن تان لهندڙ گرم هوا جي ڦوڪڻن جو به نظارو ڪري سگهن ٿا.








هوٽل ۾ موجود غار نما ٺهيل هڪ ڪمرو آهي جنهن جون ڀِتيون هزارين سال پراڻيون آهن.








سڄي هوٽل ۾ هر جڳهه تاريخي شيون ۽ نوارداتون رکيل آهن، نوارداتن جو تعلق 16 هين صدي سان آهي.








دلچسپ ڳالهه هي آهي ته هوٽل ۾ ايندڙ مهمانن کي کاڌو پچائڻ به سيکاريو ويندو آهي. ان کان علاوه هوٽل ۾ آرام و سڪون لاءِ مساج سينٽر به موجود آهي.








هن هوٽل ۾ گولف ڊرائيو رينج کان علاوه هڪ خوبصورت باغيچو به آهي.








هوٽل ۾ هڪ سوئمنگ پول به آهي جنهن کي تاريخي کنڊرات سان تعمير ڪيو ويو آهي. ان جي آس پاس ۾ خوبصورت فانوس لڳل آهن..


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: