Ad 468 X 60

فضائل و مناقب اهل بيت




سلسه نمبر 52

فضائل و مناقب
اهل بيت





جامع مسجد بابا حيدر شاھ، الهيار پاڙو ٽنڊوآدم، سانگھڙ، سنڌ، پاڪستان. 68050

www.qadriahasania.com






سيدنا علي ڪرم الله وجھه الڪريم

*۔۔۔ نبي اڪرم ﷺ جَن فرمايو الله کي آئون ۽ علي سڃاڻون ٿا ۽ مونکي الله ۽ علي سڃاڻن ٿا ۽ علي کي مونکان ۽ الله کانسواءِ ڪير به نٿو سُڃاڻي. (حقيقتِ گلزار صابري _ ص:6)

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو جنهن جو آئون مولا آهيان علي ان جو مولا آهي.

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آئون علم جو شهر آهيان علي ان شهر جو دروازو آهي ۽ جنهن کي علم پرائڻو آهي اهو دروازي مان اچي. (حقيقت گلزار صابري_ ص:6)

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ هڪ ڀيري علي رضي الله تعاليٰ عنه کي فرمايو اي علي ! توکي ناهي خبر ته آئون ئي اهو پهريون شخص هوندس جيڪو قيامت جي ڏينهن خطبو ڏيندو آئون عرش جي ساڄي پاسي ان جي پاڇي ۾ بيٺل هوندس ۽ مونکي جنتي لباس پهرايو ويندو ۽ خبردار منهنجي امت پهرين امت هوند جنهن جو قيامت جي ڏينهن حساب ڪيو ويندو ۽ ان کان پوءِ توکي بشارت ڏيان ٿو ته تون اهو پهريون شخص آهين جنهن کي سڏايو ويندو ۽ ماڻهن جو جھنڊو هٿ ۾ ڏنو ويندو جنهن جو نالو لواءِ حمد آهي، ڇوته آدم ۽ سڄي مخلوق ڪنهن ڇانوَ جي تلاش ۾ هوندي اُتي (صرف) منهنجي جھنڊي جي ڇانوَ هوندي. ۽ منهنجي جھنڊي جي ماپ هڪ هزار ڇھ سؤ سال جي مسافت جي برابر هوندي. ان جو سنان ياقوت احمر جو ۽ قبضه اڇي چانديءَ جو ۽ ان جو ڏنڊو سبز مرواريد هوندو. ان جون ٽي زلفون نور واريون هونديون، هڪ اوڀر، ٻي اولھ ۽ ٽين دنيا جي وچ ۾ هوندي ۽ ان ۾ ٽي لائنون لکيل هونديون، هڪ تي بسم الله الرحمٰن الرحيم، ٻئي تي الحمدلله رب العالمين ۽ ٽين تي لاالٰه الا الله محمد رسول الله لکيل هوندو ۽ هر هڪ سِٽ جي ماپ هزار سال جيتري ٿيندي ۽ اي علي! ان کي آئون تنهنجي حوالي ڪندس. ۽ امام حسن تنهنجي ساڄي پاسي ۽ امام حُسين تنهنجي کاٻي پاسي بيٺل هوندا ايستائين جو تون منهنجي ۽ حضرت ابراهيم جي وچ ۾ عرش جي ڇانوَ ۾ بيٺل هوندين ۽ توکي جنت جو جوڙو پهرايو ويندو . (مدارج النبوت_ تاليف : شيخ عبدالحق محدث دهلوي_ ص: 482)

سيدنا فاطمة الزهريٰ رضي الله تعاليٰ عنها.

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو فاطمه منهنجي جسم جو ٽُڪرو آهي . جن به کيس ڪاوڙايو ان مونکي ڪاوڙايو ۽ جنهن به کيس تڪليف ڏِني ان مونکي تڪليف ڏني.

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو فاطمه جنت جي سڀني عورتن جي سردار آهي.

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو اي فاطمه! الله تنهنجي غضب کان غضب فرمائي ٿو ۽ تنهنجي رضامندي تي راضي هجي ٿو.

*۔۔۔ حضرت ابو ايوب انصاري رضي الله عنه کان روايت آهي ته، نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو جڏهن الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن اولين ۽ آخرين کي هڪ ئي ميدان تي گڏ ڪندو ته عرش مجيد مان آواز ايندو ته اي محشر وارؤ! پنهنجا ڪنڌ هيٺ ۽ اکيون بند رکو بيشڪ فاطمه بنت محمد ﷺ پل صراط تان گذرڻ جو ارادو رکي ٿي.

نوٽ : سبحان الله ڇا ته عزت ۽ شان آهي جو ان پوري ميڙ مان ڪنهن ٻئي لاءِ اهو سڏ نه هوندو.

*۔۔۔ حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته ، نبي ڪريم ﷺ جَن حضرات حسنين جي باري ۾ فرمايو ، يا الله آئون انهن ٻني سان پيار ڪريان ٿو تون به انهن کي پنهنجو پيارو بڻاءِ ۽ جيڪو انهن سان پيار ڪَري ان کي به پنهنجو پيارو بڻاءِ.

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جَن فرمايو حسن ۽ حُسين جنت جي نوجوانن جا سردار آهن.

*۔۔۔ حضرت عبدالله بن عباس رضه کان روايت آهي ته، هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ حضرت حسن کي پنهنجي ڪُلهي تي کڻي ٻاهر نڪتا ته هڪ شخص چوڻ لڳو “اي صاحبزاده ڪهڙي ته پياري سواري آهي” اهو ٻُڌي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو “سوار به ته تمام پيارو آهي”. (فضائل خلفاءِ راشدين و اهل بيت_ از محمد علي حسنرضه

سيدنا امام حُسين رضي الله تعاليٰ عنه

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جَن فرمايو حُسينرضه مون منجھان آهي ۽ آئون حُسينرضه منجھان آهيان يا الله جيڪو حُسينرضه سان محبت ڪري تون ان سان محبت فرماءِ، حسينرضه اسباط مان هڪ سبط آهي.

*۔۔۔ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو جنهن کي جنت جي جوانن جي سردار کي ڏِسي خوشي ٿئي اهو حُسين کي ڏِسي.

*۔۔۔ هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ پنهنجي گھر جي اڱڻ ۾ تشريف فرما ٿيا ته ان وقت ابررحمت سان پاڻ ﷺ تي برسات پئي ۽ برسات کان بچاءُ جي لاءِ پاڻ ﷺ پشم جي ڪاري چادر (ڪالي ڪملي) ويڙهي بيٺل هئا ان وقت پاڻ ﷺ حضرت امام حَسن رضه تشريف فرما ٿيا، ان کان پوءِ سندن والده فاطمة الزهريٰ رضي الله عنها ۽ ان کان پوءِ حضرت علي ڪرم الله وجھ پاڻ ﷺ وٽ تشريف فرما ٿيا، پاڻ ﷺ سڀني کي هڪ هڪ ڪري اُن مزمل گوڊري ۽ تطهير جي ڪاري ڪملي ۾ ڍَڪي ڇڏيو ۽ ڪمالِ شفقت ۽ مرحمت سان هي آيت تلاوت فرمايائون “ اِنَّمَا يُرِيۡدُ اللهُ لِيُذۡهِبَ عَنۡکُمُ الرِّجۡسَ اَهۡلِ الۡبَيۡتِ و يطهرَکُمۡ تَطۡهِيۡرَا. (اي اهل بيت رسول ﷺ! الله تعاليٰ جو ارادو آهي ته توهان سڀني کي هرقسم جي پليدي ۽ نجاست کان پري ڪري ۽ توهان کي پاڪ صاف رکي . (سورة احزاب_پارو:22_رڪوع1)



يعني الله تعاليٰ نجس دنيا جي پليدي ۽ گندگي کي اهل بيت رسول مقبول ﷺ پري فرمائي ٿو ۽ انهن کي فقر خاص الخاص آب ڪوثر سان ڌوئي فقر محمدي ﷺ جي مشڪ ۽ عنبر سان معطر فرمائي ٿو. (محزن الاسرار و سلطان الاوراد_ص:74)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: