Ad 468 X 60

پاڪستان جون ڪجهه خوبصورت تفريحگاهون

جيڪڏهن خوبصورتي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته دنيا ۾ پاڪستان جو مَٽ ناهي، پاڪستان جي دلڪشي ۽ خوبصورتي هميشه کان سياحن کي پاڻ ڏانهن مُتوجّه ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان دهشتگردي جي ڪري پاڪستان ۾ سياحن جو اچڻ گھٽ ٿيو آهي پر پوءِ به پاڪستان جي خوبصورتي کي نقصان ناهي پهتو. پاڪستان ۾ گھڻيون ئي خوبصورت جايون مشهور آهن ، جن ۾ جَبَل، قدرتي نديون، درياءَ وغيره نمايان آهن . اڄ اسين پاڪستان جي صرف هڪ پهاڙي علائقي گليات ۾ موجود ڪجهه تفريحگاهن جو ذڪر ڪنداسين. گليات ٻن صوبن خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ ڦهيليل آهي ۽ هي صرف هن علائقي جي خوبصورتي جي جھلڪ آهي نه ته هتي ٻيون به خوبصورت تفريحگاهون موجود آهن.




ڇانگله گلي گُليات جو هڪ حسين ترين پر خطرناڪ هنڌ آهي. ڇو ته هتي جو روڊ تمام سوڙهو آهي جنهن تي صرف ماهر ڊرائيور ئي گاڏي هلائي سگھي ٿو. هي روڊ گول دائري جي شڪل ۾ گھمندي ڦرندي مٿي وڃي ٿي، پر سمنڊ جي سطح کان 2559 ميٽر اوچائيءَ تي موجود هن هنڌ کي قدرت واري حسن تمام گھڻو ڏنو آهي.



ٿڌياڻي (ٺنڊياني) پنهنجي نالي وانگي هڪ ٿڌو علائقو گليات جي خطي ۾ آهي. هي خوبصورت هنڌ سمنڊ کان 9 هزار فٽ مٿي آهي . هتي موجود جھنگ تمام گھاٽو آهي جڏهن ته هتي هرپاسي برف جي اڇاڻ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.



گھوڙا گلي سمنڊ جي سطح کان 1691 ميٽر مَٿي آهي. گليات جو هي علائقو خوبصورت ته آهي پر هتي جي سڀ کان مشهور شئي 1100 فٽ ڊگھي چيئرلفٽ (Chairlift) آهي .




واڙو گلي (باڙا گلي) پاڪستان جو خوبصورت ترين هنڌ آهي جيڪو گُليات ۾ آهي ۽ سمنڊ کان 2350 ميٽر مٿي آهي ، هتي چيڙ ۽ ديودار جهڙن سدابهار وڻن جي گھڻائي ملي ٿي.



خانسپور نالي هي هنڌ ساڍا ست هزار فوٽ مٿي آهي ۽ هتي سياري جي مند ۾ برفباري عام آهي جڏهن ته گرمين جي مند ۾ هتي جي موسم گڏيل هوندي آهي جنهن ڪري سياحن جو وڏو انگ هيڏانهن جو رُخ ڪري ٿو.




نٿيا گلي جو ڳاڻيٽو پاڪستان جي مشهور تفريحگاهن ۾ ٿئي ٿو جتي هرسال گرمين جي مُند ۾ سياحن جو وڏو انگ هتي پُهچي ٿو ، هن هنڌ جي دلڪشي ڏِسي ان کي بيشڪ پاڪستان جي جنت سڏيو وڃي ٿو.



ڇڙيو پاڻي (ڇره پاني) نالي هي خوبصورت هنڌ به گليات جو حصو آهي. هتي تمام گھڻي تيز رفتار ندي موجود آهي جنهن ۾ جبلن مان ايندڙ پاڻي تمام ٿڌو هوندو آهي . هن جي سونهن جي ڪري سياح گھڻو ڪري هتي به گھمڻ ايندا آهن.



ڏونگا گلي (ڊونگا گلي) هڪ انتهائي خوبصورت تفريحگاهه آهي جيڪا سمنڊ کان 8200 ميٽر مٿي آهي ، هتي ساوڪ سان ڀرپور جبل به آهن ته مٺي پاڻي جا چشما به ۽ اهي ٻئي نعمتون هن هنڌ جي حُسن جو سبب آهن.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: