Ad 468 X 60

خوبصورت غارون، جن کي ڏسندي ئي ساھ رُڪيو وڃي.

زمين ۾ قدرتي طور تي موجود خالي جايون جتي انسان آساني سان داخل ٿي سگھي غار سڏبيون آهن. پوري دنيا ۾ هزارين غارون موجود آهن، هي غارون مختلف زميني حرڪتن جي ڪري وجود ۾ اچن ٿيون. اڪثر غارون چُن جي پٿر تي مشتمل هجن ٿيون، پر انهن ۾ چاڪ، جپسم، لوڻ، سنگ مرمر وغيره جي پٿرن وارون غارون به ملن ٿيون. ان کان علاه سمنڊ خاص طور تي ساحلي علائقن ۽ گليشئير وغيره ۾ غارون هُجن ٿيون. هتي آئون توهان کي دنيا جي مختلف حصن ۾ موجود خوبصورت ۽ منفرد غارن جون تصويرون ۽ ان متعلق معلومات ٻڌائيندس.
Waitomo Glowworm نالي هي خوبصورت غار نيوزيلينڊ ۾ آهي. غار جي ڇت تي نظر ايندڙ چمڪندڙ تارا حقيقت ۾ هزارن جي تعداد ۾ اُتي موجود کُڙ کُٻيتا آهن جن جي روشني سان هڪ دلفريب منظر وجود ۾ اچي پيو.


هي غار اٽلي ۾ آهي ۽ هن کي Grotto Azzurra جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي پنهنجي سُرمئي رنگ جي پاڻي جي ڪري سياحن وٽ مقبول آهي . جڏهن هن پاڻيءَ ۾ سج جا ڪرڻا داخل ٿين ٿا ته ٻاهر صرف ڳاڙهي رنگ جون شعائون نڪرن ٿيون.


هي خوبصورت غار Vatanjokull Glacierجي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي جيڪا آئس لينڊ ۾ آهي. غار ۾ نظر ايندڙ سُرمئي رنگ جا جبل برف جا گليشير آهن. هن غار کي ڏسڻ جو بهترين وقت سياري جي مُند آهي جڏهن هي برف مڪمل طور ڄمي وڃي ٿي.


Pharya Nakhonنالي هي غار ٿائي لينڊ جي هڪ نيشنل پارڪ ۾ آهي. هن غار پويان به هڪ دلچسپ تاريخ موجود آهي. هي غار 1890 ۾ بادشاھ Chulalongkorn تعمير ڪرائي هئي. تعمير کان پوءِ مقامي بادشاهن هتي جو دورو ڪيو ۽ ان جي ڀتين تي پنهنجون صحيحون (سگنيچرز) ڪيون.


هي هڪ انتهائي حسين منظر واري غار آهي. هي غار ماربل غار جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ۽ چلي ۾ آهي. هي غارن جو هڪ حيرت انگريز سلسلو آهي ۽ غارن ۾ موجود پاڻي جي ڪري هتي منفرد شڪليون ديوارن تي وجود ۾ اچن ٿيون.


Dongzhong نالي هي غار هزارين سال پراڻي آهي ۽ چين ۾ واقع آهي. علم سان محبت رکندڙن لاءِ هي غار هڪ اسڪول جو ڪم ڏئي ٿي ۽ هتي 186 ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا. ۽ انهن ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازڻ لاءِ 8 استاد پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين ٿا.


Red Fluteنالي هي خوبصورت غار چين ۾ موجود آهي ۽ هتي نظر ايندڙ روشنيون معنوعي آهن. هن غار جي تاريخ به هزارين سال پراڻي آهي. غار جي بيهڪ کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن.


Eisriesenwelt Ice نالي هي غار آسٽريليا ۾ موجود آهي . هي دنيا جي سڀ کان وڏي برف جي غار آهي جيڪا 9 نائين صدي جي آخر ۾ دريافت ڪئي وئي. هي غار 25 ميل جي ايراضي تائين پکڙيل آهي جڏهن ته اندر ۽ ٻاهر ٻنهي پاسن کان برف پگھرڻ ڪري تبديلي اچي پئي .


هي غار ايڊونچر جي شوقن ماڻهن لاءِ هڪ بهترين جاءِ آهي. ڇو ته سڄي پاڻي سان ڀريل آهي. روس ۾ موجود ان Ordinskaya نالي غار ۾ توهان ٽي ميلن کان وڌيڪ ايراضي تائين تري سگھو ٿا. ۽ هي به ممڪن آهي ته توهان هن جي ڳُجھ ۾ گُم به ٿيو وڃو


Cueva de los Cristales نالي هي غار ميڪسيڪو ۾ آهي ۽ 2000ع ۾ ٻن ڀائرن پاران دريافت ڪئي وئي. هي ڪرسٽل تي مشتمل غار آهي ۽ هتي ملندڙ ڪافي ڪرسٽل (شيشا) ڪيترائي فُٽ ٿُلها آهن.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: