Ad 468 X 60

قومون ترقي ڪيئن ڪنديون ؟

==================
انهن قومن ترقي ڪئي آهي جيڪي علم (خاص طور سائنسي علم) کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪري ويٺيون.
==================
۽ اسان جا سنڌي ويچارا ڪريڊٽ کڻڻ جي چڪرن ۾ نه ڪي ٻين تائين علم ڦهيلائين نه ڪي پاڻ ڪن.
ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا ته اسان فلاڻو ڪم ڪنداسين يا ڪريون پيا، پر اصل ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ناهي هوندي.
اردو ٻولي وارن انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو ساراهڻ جوڳو آهي پر اسان پنهنجي سڌين ڏانهن ڏسون ته انهن ڇا ڪيو آهي ؟؟ ڇا صرف ايم.بي سنڌي پروگرام کان سواءِ ٻيا پروگرام نه ٺهڻ گھرجن ؟؟
ڇا جيڪي سافٽويئر ٺهيا آهن اهي هن وقت ڪم اچن پيا ؟؟؟ هن سوال جو جواب نه ۾ آهي.. محترم علي حسن ملاح هڪ سافٽويئر ته ٺاهيو پر هاڻي غائب آهي.. اهو سافٽويئر ڪو خاص ته نه هو، ڇو ته جيڪي الف انب ٻي ٻڪري پڙهڻ وارا آهن اهي ته ڪمپيوٽر نٿا هلائي ڄاڻين ۽ جيڪي ڪمپيوٽر هلائين پيا انهن کي ته الف انب ٻي ٻڪري جي پوري پَٽي ياد آهي..
سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان اهم سافٽويئر ”او.سي.آر“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي.
ڪجهه سنڌين کان جڏهن پهرين پڇيم ته انهن چيو ته ”اهو ڪم اڃا اردوءَ وارن به نه ڪيو آهي اهو تمام ڏکيو ڪم آهي ۽ جڏهن اردوءَ وارن ڪيو تڏهن اسان به ڪنداسين“. جڏهن اردو جي فورمز تي رُڪنيت حاصل ڪيم ۽ انهن جي فورمز تي آئي.ٽي سيڪشن ۾ ويس ته خبر پئي ته او.سي.آر سافٽويئر 2010 ۾ ٺهي چڪو آهي ۽ اسان جا سنڌي ؟؟؟؟؟

آئي.ٽي متعلق سنڌسلامت ڊاٽ ڪام تي به کوڙ سارو مواد پيل آهي پر اسان جا سنڌي ان طرف ته لاڙو ئي نٿا ڪن !!
جيستائين اسان انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ قدم نه رکنداسين ته دنيا جي قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيئن هلنداسين ؟؟

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: