Ad 468 X 60

اگهاڙن ڦوٽوئن جو شوقين سنڌي

”ادا! او مٺا! او سهڻا او دلبر.. ڪجهه رحم ڪر آئون اهڙو ڪونه آهيان.. مون کي اگھاڙيون تصويرون ميسيجن ۾ نه موڪليو..“
ڪوبه جواب نه آيو............... ڊگھي خاموشي...
تصوير ڪٽڻ جي ڪوشش ڪيم..
ٽڙون...!
مار!!!!!! هي همراه ته صفا مجبور آ...
لاڳيتيون 6 اگھاڙيون تصويرون اپلوڊ ڪيون اٿس.. افففففف
هن کي اَن فرينڊ ٿو ڪريانس نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري..
هڪ ڪلاڪ کان پوءِ...........
ٽڙون...........
اڙي ! هي همراه ته صفا ڪونه مُڙيو...
ٻيهر ميسيج ۾ تصويرون...
اڪائونٽ سيٽنگ مٽايان ته جيڪو دوست نه هجي اهو مونکي دعا سلام نه ڪري..
اجھو سيٽنگ ٿي وئي...
ٽڙون.........
اففففففففف......... هن مان ته لوھ ٿي ويس...
پليز اڪسيپٽ مائي فرينڊ رڪيسٽ، اڌر وائيز آئي ول بڌر يو.. (مهرباني ڪري دوستي قبول ڪر نه ته تنگ ڪري ڇڏيندوسانءِ)..........
”ابا! ڏاهو ٿي، مٿي تي سنڌي ٽوپي اٿئي ڪُلهن ۾ اجرڪ اٿئي، اڇو بوسڪي جو وڳو پاتل اٿئي پوءِ به اگھاڙيون تصويرون موڪلڻ کان مُڙين نٿو ؟“
”ڇا ڪريون سائين! فيسبوڪ آهي ئي ٽائم پاس جي لاءِ.........“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: