Ad 468 X 60

سوڪوٽرا جزيرا : هڪ الڳ دنيا

سوڪوٽرا جا جزيرا آفريڪا جا اهي جزيرا آهن جيڪي هڪ الڳ دنيا جو ڏيک ڏين ٿا۔ چئن جزيرن تي مشتمل هي دنيا گهڻو عرصو دنيا کان ته الڳ هئي پر آفريڪا کان به ڪٽيل هئي۔ پر هاڻي هي هڪ خوبصورت جنت جو ڏيک ڏين ٿا۔ هتي ڪجهه اهڙا به وڻ ۽ ٻوٽا به ملن ٿا جيڪي عجيب ۽ غريب هجڻ سان گڏ دنيا ۾ ٻئي هنڌ نه ٿا ملن۔ انهن مان ڪجهه کنڀي نما ٻوٽا ۽ ٻيا ٿلهي ٿڙ وارا ٻوٽا ڪنهن عجوبي کان گهٽ ناهن۔
هتان جي موسم سخت گرم ۽

خشڪ رهندي آهي۔ جبلن جي اوچائي 1525 ميٽرن تائين آهي۔ 40هزار آبادي وارا هي علائقا روڊن رستن کان واجهيل آهن پر تازو يمن جي حڪومت ۽ يونيسڪو پاران ڪجهه ڪم ٿيو آهي ۽ جيپ يا چار ويل گاڏين جا قافلا جيڪي گهڻو ڪري سياحن تي مشتمل آهن هتي اچن ٿا۔ هتي 140 کان وڌيڪ قسمن جا پکي ملن ٿا جن مان ڪجهه ته دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ موجود ناهن۔ اچو ته هن عجيب ۽ غريب دنيا جون تصويرون ڏسون۔

























سنڌسلامت ڊاٽ ڪام تان کنيل 
http://www.sindhsalamat.com/threads/17538/

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: