Ad 468 X 60

آئون ڪير آهيان؟





خبر اٿوَ آئون ڪير آهيان؟؟؟
آئون چريو آهيان.. 
ها ! اعتراف ٿو ڪريان ته چريو آهيان.. 
سماج جي گندگي کي صاف ته نٿو ڪري سگهان پر ان ۾ انٽريسٽ پيو وٺان.. 

آئون بيڪار آهيان..
غلاميءَ کي
خوشيءَ سان قبول ٿو ڪريان ۽ چاهيان ٿو ته اهڙي نوڪري ملي جنهن ۾ سختي وارو پورهيو نه هُجي صرف غلامي هُجي.. 

آئون غيرتمند آهيان...
پنهنجي مائٽن کي ٻين سان ڏِسي غيرت ۾ رپيٽر جون گوليون انهن مٿان وسائيندو آهيان ۽ ڪير منهنجي محبوبه طرف اک به کڻي ڏِسي.. ان جا دوڏا ڪڍي ڇڏيندس.. ڇو ته آئون غيرت مند آهيان.. 

آئون ڪير آهيان؟؟؟؟
ها! ياد آيو ماڻهون مونکي ”سنڌي“ ڪري سڏيندا آهن..

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: