Ad 468 X 60

ڇونه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي


************ غزل ************
______ عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ______

ڇو نه اڄ هڪ اهم ڪم ڪجي!، 
پاڻ کي پاڻ ۾ گُم ڪجي...

چنڊ ويو آ لهي، سج به آيو نه آ،
رات جي سانت ۾ پاڻ کي گُم ڪجي.


مُون اوڄاڪو اٿم زندگي، زندگي،
نيڻ آهن ٿڪل نيڻ کي چُم ڪجي...

آءُ اوري مِٺي تو بِنا هِيءُ سڄي،
ڪيئن ڪٽيان زندگي ؟ ڏَس ڇا ڪم ڪجي..!

هيل وقت آ ويو، نيٺ ايندو وري،
مينهن ۾ ڀاڪُرين توکي صَنّم ڪجي..

ضبط تون ٽوڙ ڀي ڪجهه ته ڪُڇ اڄ عبيد،
اچُ ته مُسڪرائجي، اڄ نه اک نَم ڪجي...

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: