Ad 468 X 60

سنڌي فونٽن کي اپگريڊ ڪرڻ جي ضرورت

سنڌي فونٽن کي اپگريڊ ڪرڻ جي ضرورت



20 ڊسمبر 2015ع واري ڏينهن ايم.بي ٽرسٽ پاران “چيمپئنس آف سنڌي ڪمپيوٽنگ“ جي عنوان سان ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ فانٽس تي ڇڙيل بحث کان پوءِ جيڪا ڳالهه مون نوٽ ڪَئي سا هُئي اسان جي سنڌي فونٽن ۾ خامي، بيشڪ مڃيون ٿا ته تمام گھڻيون خاميون آهن اسان جي ٺهيل فانٽس ۾ جَن ۾ خاص ڪر نقطن ۽ اعرابن جون غلطيون ظاهر آهن.. مثال ٿا وٺون مشهور صاريم سيريز مان (جيڪا حيدرآباد جي ڪمپورزن وٽ اي.ايس AS نالي سان آهي)،
وڏي محنت سان ثناءُ الله اهي فانٽ ٺاهيا آهن پر تن ۾ به پروگرامنگ جون غلطيون آهن. 
سنڌسلامت جي ٽيم پاران ٺاهيل فانٽس سميت ايم.بي لطيفي ۽ شبيرڪنڀار جي فانٽس ۾ به جيڪي غلطيون نظر آيون آهن تن کي پَرکَڻ کان پوءِ هاڻ فانٽ جو اپگريڊ ورجن آڻڻ لازمي ٿي پيو آهي، اهو انڪري فانٽ جي سائيز، اعراب، انگريزي اکر ۽ پروگرامنگ ۾ ڪافي ساريون غلطيون آهن. جنهن جو هڪ ننڍڙو مثال هي آهي ته اسان پَھَرَ (وقت) لکڻ چاهيون ٿا پهر (اردو اکر ڦِر) لکجيو اچي، پھر(وقت) لکڻ مهل اسان دوچشمي ھ جيڪا انگ 8 جي شڪل ۾ هوندي آهي، سا ڏيندا آهيون جيڪا سڌي سنئي غلطي آهي ان سان ٻوليءَ جي لفظن جو مطلب ئي هٽيو وڃي، اها دوچشمي هي (ھ) جهرڪي ۽ گهوڙو واري جھه ۽ گھه جي آهي ۽ اسان انکي پهر، جهاز وغيره جهڙن لفظن ۾ استعمال ڪريون پيا. انڪري اڪثر اخبارن ۾ صرف فانٽ ۾ موجود غلطيءَ جي ڪري ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ صحيح نٿي نِڪري. 
فانٽ جي بيهڪ ڪيڏي به سُٺي ڇو نه هُجي پر جڏهن مسئلو سائيز جو اچي ٿو ته اسان فانٽ ڊولپر اُن جو خيال ناهيون رکندا، فانٽ جي اکرن جي اي.پي.ايس فارميٽ يا جئپيج فارميٽ اسان جڏهن ڪنهن به سافٽويئر ۾ فانٽ جي ڪوڊپليٽ تي پيسٽ ڪريون ٿا ته اُن جي اصلي بيهڪ متاثر ٿئي ٿِي، ڇوته فانٽ جي بيهڪ ٻن مخصوص سِرَن/پاسن ايڪس ۽ وائي (x & y) تي ٻَڌَل هوندي آهي، جڏهن اسان نئون فونٽ ٺاهڻ لاءِ اکر کي اُن ڪوڊپليٽ تي پيسٽ ٿا ڪريون ته اُها تصوير يا اکر سائيز ۾ ننڍو / وڏو هجڻ ڪري پليٽ ۾ موجود اڳئين اکر جي بيهڪ کي ختم ڪري پنهنجي مرضيءَ مطابق جاءِ والاري ٿو ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري ته فانٽ جي پروگرامنگ ۽ بيهڪ متاثر ٿئي ٿِي جنهن جي خبر اسان کي ڪنهن به لکيل پيراگراف جي فانٽ مٽائڻ مهل پوي ٿِي. 
جڏهن اسان ڪابه اخبار يا رسالو مائڪروسافٽ آفيس/پبلشر ۾ ڪمپوز ڪندا آهيون ته اُهو اڪثر ايم.بي لطيفي فانٽ ۾ ئي ڪمپوز ڪندا آهيون، اها ٻي ڳالھ آهي ته حيدرآباد جي گاڏي کاتي جي مارڪيٽ ۾ سنڌي ڪمپوزرن وٽ هڪجهڙا فونٽ مختلف نالن سان پيل آهن جنهنڪري خبر نٿي پوي ته اصلي فونٽ ڪهڙو آهي، پر جڏهن ڪنهن به مئگزين جو لي.آئوٽ سيٽ ڪرڻ کان پوءِ ان جو فانٽ مٽائيندا آهيون ته اُهو لي.آئوٽ پنهنجي اصلي شڪل مٽائي ڊزائينر جي ڪيل سموري محنت تي پاڻي ڦيريو ڇڏي. هڪ پيراگراف 8 لائنن جو لطيفي فونٽ ۾ لکيل آهي ۽ جڏهن ان تي خورشيد فانٽ اپلائي ٿا ڪريون ته اهو ئي پيراگراف 6 لائنن جو ٿيو وڃي پوءِ مجبورن فانٽ جي سائيز وڌائڻي پوي ٿِي ته جيئن مئگزين/رسالو/اخبار جي اسپيسنگ ختم ٿئي، پر اهو ڪَرَڻ کان پوءِ اُن رسالي/اخبار جو نظارو اڻوڻندڙ لڳندو آهي. 
اهو ٿيو سنڌيءَ ۾ فانٽ، پر جڏهن ڳالهه اردوءَ جي هلي ٿِي ته ڪمپوزر چاهيندو آهي ته رسالي ۾ موجود اردو مواد چاهي اُهو شاعري جي صورت ۾ هُجي يا ڪنهن ڏاهي جو قول، کي به هڪ ئي فانٽ ۾ رَکي ته جيئن اهو فانٽ امبيڊ ٿي سگهي ۽ اهڙو فانٽ هُجي جيڪو هر ڪمپوزر وٽ موجود هُجي ۽ صحيح نظارو ڏئي. اهو ڪم ممڪن هئو۽ ڪجهه فانٽ ڊولپرن اهڙا فانٽ ٺاهي پاڻ تائين ئي محدود رکيا يا ماڻهن سان شيئر نه ڪيائون . سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم اهڙو فانٽ ايس.ايس رِيڊ جي نالي سان تيار ڪيو جيڪو فيسبوڪ، گوگل، ٽوئيٽر سميت ٻين ويبسائٽن تي پڻ سُٺو نظر اچڻ لڳو ۽ اردو جي سپورٽ هئڻ ڪري انهن ويبسائٽن تي پنهنجو رينڪ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو. ان فانٽ ٺاهڻ جو مقصد هو سوشل ويبسائٽن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سولي نموني پڙهڻ، جڏهن مشهور برائوزرس گوگل ڪروم ۽ فائرفاڪس ٻه فانٽ جي سپورٽ ڏيڻ بند ڪَئي ته سنڌسلامت ريڊ نالي سان ايڪسٽينشن (جيڪو انٽرنيٽ تي سنڌي اکر سولي نموني پڙهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو) به ناڪاره ٿي ويو. ڇو ته ايڪسٽينشن ۾ ٻن فانٽس کي امبيڊ ڪيو ويو هو، پر ڪروم ۽ فائرفاڪس ٻن فانٽس جي سپورٽ بند ڪَئي ته اهڙو فانٽ تيار ڪَرَڻ جي ضرورت ٿِي جيڪو هڪ ئي وقت ۾ سنڌي، اردو ۽ عربي سان گڏ انگريزي به سپورٽ رکندڙ هُجي ۽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم اهو ڪَري ڏيکاريو ۽ فانٽ ٺاهي اُن ايڪسٽينشن کي به اپگريڊ ڪيو. فانٽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام فورم تي مُفت موجود آهي.
چيمپئنس آف سنڌي ڪمپيوٽنگ جي عنوان هيٺ ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ اها ڳالهه واضح ٿِي ته سڀني فانٽس ۾ غلطيون آهن، تنهنڪري سڀني فانٽ ڊولپرن کي گذارش آهي ته اُهي پنهنجي فانٽس کي اپگريڊ ڪَن ۽ هڪ مخصوص پليٽ فارم تي پنهنجا اپگريڊيڊ فانٽ رَکَن. گڏوگڏ سنڌي ڪمپوزرن کي به گذارش آهي ته اُهي فانٽس جي اپگريڊيشن کان به واقف رَهَن ۽ فانٽس جو اپگريڊ ورجن اچڻ کان پوءِ پراڻا ورجن هٽائي نوان ۽ اپگريڊيڊ ورجن استعمال ڪَن ته جيئن اسان جي ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ آسان ٿئي ۽ لفظن جو صحيح مطلب معلوم ٿئي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: