امرجليل سان ويڌن
اڄ امر جليل جو پُراڻو ڪالم پڙهيم، سوچيان ٿو ته اديب ائين ڇو ٿا ڪَن ؟؟ پنهنجا لفظ پراون نالن تي ۽ پراوا لفظ پنهنجن نالن تي صِرف وه واه خاطر ڇو ٿا چپرائن ؟ ڇو ٿا ڪنهن جي دل رنجائن ؟
امر جليل چوي ٿو ته :
” مان ڪوڙا قصا لکندو آهيان. پر،
ڪوڙا قصا لکڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ فرق آهي.“امر جليل چوي ٿو ته :
” مان ڪوڙا قصا لکندو آهيان. پر،
مونکي ياد پيو اچي ته ڪپل شرما جي شو ۾ هڪ نوجوان آيو جنهن جا لفظ اڃا به مونکي ياد آهن ، چيوهئائين ته ”ڪپل صاحب مين اپني گائون ۾ ورلڊ فيمس هُون“ سڀئي کِلڻ لڳا! ساڳيو ئي لقاء سيد صالح محمد شاھ سان ڪيو اٿائون ته ، امر جليل لکي ٿو ته :
منهنجي نالي ۾ لکيو اٿائون، ”سيد صالح محمد شاهه دنيا جي بهترين مردانه آوازن مان هڪ هو.“ جملي جي ٻولي، ۽ جملي جو لهجو منهنجو نه آهي. مون مردانه ۽ زنانه قسم جا لفظ ڪڏهن به لکڻ ۾ يا ڳالهائڻ ۾ استعمال نه ڪيا آهن. لفظ مردانه ۽ زنانه مون ريلوي اسٽيشنن، ايئرپورٽن ۽ ردي سرڪاري آفيسن جي ٽائليٽ ٻاهران لکيل ڏٺا آهن. مان ايڏي وڏي ٻٽاڪ، ايڏي وڏي هام ڪيئن هڻندس ته صالح محمد شاهه دنيا جي بهترين صداڪارن مان هڪ هو؟ مون کي ڪهڙي خبر ته انگلينڊ، آمريڪا، فرانس، جرمني، چين ۽ جپان جا بهترين صداڪار ڪير آهن! مان ڪوڙا قصا لکندو آهيان. پر، ڪوڙا قصا لکڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ فرق آهي.
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: