Ad 468 X 60

ادب ترجمو ٿيو؟

جيترا ڪتاب ٻاهرين ادب جا اسانجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿِي ادب جي زينت بڻيا آهن اُن جو چوٿائي حصو به شايد اسانجي ادب جا ڪتاب ٻاهرين ٻولين ۾ ترجمو ٿِي ٻاهرين ادب جي زينت نه بڻيا آهن.. ته پوءِ اسان ڪيئن ٿا دعوا ڪريون ته ”اسانجو ادب شاهڪار آهي، اسانجو ادب قديم ادب آهي“ ٿورو غور ڪريو! قديم ۽ شاهڪار ادب صِرف هڪ ٻوليءَ ۾ هڪ قوم کي ئي ٻڌائبو ؟؟ ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته سِنڌ ڇا آهي؟ هُو ڇا ڄاڻين ته سِنڌُوءَ ماٿريءَ ۾ ڪيتريون قومون ۽ قبيلا ٿا رهن! ؟ (اها ٻي ڳالھ آهي ته اسان کي به خبر ناهي! ڇو ته تاريخ هڪ اهڙو سبجيڪٽ آهي جنهن کي صِرف پوڙها ئي پڙهندا آهن ۽ لکندا آهن)
منهنجا سائينئو! توهان گھڻئي اسانجي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪري آندا ، تمام ڀلو ڪم ڪيوَ جو اسانکي ٻاهريون ادب پڙهڻ لاءِ مهيا ڪيوَ، پر هاڻ هڪ ڪوشش ٻي به ڪريو، جيڪي ڪتاب توهان سنڌي ادب جا شاهڪار ڪتاب ٿا مڃيو، تَن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دُنيا جي وڏين لائبريرين ۾ اُماڻيو! اُتان جي ماڻهن کي به خبر پوي ته سنڌ سان ڪهڙي جُٺ پئي ٿئي يا سِنڌ ۾ ڪهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن..

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: عبيد ٿهيم
منهنجو جنم صوفين جي سرزمين سنڌ جي مشهور شهر ۽ ماضيءَ جي پئرس سڏجندڙ شهر ٽنڊوآدم کان 9 ڪلوميٽر اوڀر_اُتر ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ ماستر عبدالله ٿهيم جي گھر ۾ 3 جون 1994ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لکڻ جو شوق هئڻ ڪري.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا: